جُملي باز (ڪھاڻي)

انور ڪليم

ھو پنھنجن دوستن ۾ سڀني کان تيز سمجهيو ويندو ھيو، شرارتن ۾، جملي بازيءَ ۾، خاص طور جڏھن معاملو ڪنھن ڇوڪريءَ جو ھجي تہ..

ھن جون ڪيل شرارتون، ھن جا چيل جملا، پنھنجي دوستن ۾ مثال ڏيڻ جيترو مشھور ٿيندا ھيا.

ڪڏھن ڪڏھن تہ ھو پاڻ دل ئي دل ۾ سوچيندو ھيو.
”واقعي… مون جھڙو شرارتي يا جملي باز شايد ھزارن ۾ ڪو ھجي.“

شبير چوندو ھيو، ”جنھن ڇوڪريءَ جي بدقسمتي ھجي، اھا معين جي سامھون اچي.“

ھن ھڪ ڀيري چيو ھيو، ”ڇوڪريون ساوا مرچ اٿئي… کائڻ وقت وات سڙَي… پر ھضم ٿيڻ کان پوءِ ھزار فائدا.“

سڀني جا گڏيل ٽھڪ گونجيا ھيا.

ان ڏينھن کان پوءِ ھن جا سمورا دوست ڪنھن ڇوڪريءَ جو ذڪر ڪندا ھيا تہ ڇوڪريءَ جي بدران لفظ، ”سائو مرچ“ استعمال ڪندا ھئا، ڪو چوندو ھو، ”اڄ سائو مرچ ڏٺم…“

يا وري ڪو چوڻ چاھيندو ھيو تہ فلاڻي جي گهر ۾ گهڻيون ڇوڪريون آھن يا ڏٺم تہ اھو چوندو ھيو، ”فلاڻي جي گهر ۾ ڏاڍا ساوا مرچ پوکيل آھن…“

۽ پوءِ دوستن جا تبصرا شروع ٿيندا ھئا.

ھڪ ڀيري ھڪ ڇوڪريءَ جو گهمڻ کيس ڏاڍو وڻيو، پوءِ تہ اٿيندي ويھندي کيس ياد ڪري چوندو ھيو، ”ھن جو جسم ايئن لڏي رھيو ھيو، ڄڻ نرم نرم جيلي ڪسٽر…“

شبير سان گڏ گهمندي ھڪ ڀيري سامھون ايندڙ ڇوڪريءَ کي نظر وارو چشمو پاتل ڏسي رڙ ڪيائين:
”شبير ڏس تہ…. ڇوڪريءَ جون ڏائڻ جيڏيون اکيون…؟“

ڇوڪري بہ ويچاري ڪا سادي ھئي، جلدي ۾ چشمو لاھي چيائين، ”نہ ڀائو، اھي عينڪ جي ڪري ايئن آھن…“

ھو ٻئي ٽھڪ ڏيندا ھليا ويا ھئا.

ھڪ ڏينھن رضوان کي اداس ڏسي ھن اداسيءَ جو سبب پڇيو، رضوان ڪافي دير تائين نٽائيندو رھيو، آخر سچي ڪيائين تہ، ”ھڪ ڇوڪري آھي… لفٽ نٿي ڪرائي.“

”تو ڪا ڪوشش ڪئي…؟“ معين پڇيو.

”ھا… ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو تہ ڳالھائي نٿي…“

”ڪو خط وغيره؟“

”لکي ڏيان ٿو، وٺي ئي نٿي… ڊڄڻي آھي…“

رضوان ايڏي تہ معصوميت سان، ”ڊڄڻي آھي“ چيو جو ھن کان ٽھڪ نڪري ويو. ”ڊڄڻي آھي تہ اڃا سٺو… بھادر ٿي ويندي.“ ھن رضوان کي تسلي ڏني.

ٻئي ڏينھن ھن ويڪرا ڪپڙا پاتا ۽ ڪنھن کان ورتل ٽوپي نرڙ تي رکي ڪاليج کان موڪل وقت رضوان سان گڏ ان ڇوڪريءَ جو پيڇو ڪيو. ھڪ گهٽيءَ ۾ اھا ڇوڪري ۽ ان جي ساھيڙيءَ پويان ھلندي معين رعب واري آواز ۾ چيو، ”رضوان… منھنجي دل چوي ٿي تہ ور مان پستول ڪڍي تنھنجي محبوبہ کي ماري ڇڏيان…“

”ڇو؟“ رضوان منصوبي موجب حيرت مان پڇيو.

”ان ڪري، تہ ھوءَ توسان پيار نٿي ڪري…“ معين تيز لھجي ۾ چيو.

”نہ نہ… ھوءَ مون سان پيار ڪري ٿي، پر ٿورو ڊڄي ٿي..“ رضوان چيو

”چڱو سڀاڻي ھن کي خط ڏي، نہ وٺي يا ٻئي ڪنھن کي ٻڌائي تہ مون کي ٻڌائجانءِ. آءٌ پستول سان ھن کي ختم ڪندس..“

ڇوڪريون ھن جي اھڙي ڳالھ تي ھيسجي تيز تيز قدم کڻي ھليون ويون ۽ ھي بہ ٽھڪ ڏيندا موٽي آيا ۽ واقعي ان ڇوڪريءَ رضوان جي لکيل خط کي قبول ڪيو، پوءِ تہ رضوان ڄڻ معين جو مريد ٿي ويو.

ھن جي مريدن جو تعداد اڃا وڌي ھا پر ان کان اڳ ھو پاڻ ڪنھن جو مريد ٿي ويو. اھا سندس ڪا پري جي مائٽياڻي ھئي، جنھن جي حسن اڳيان ھو پاڻ شھيد ٿي ويو ھيو. ھن گهر وارن جي اڳيان چٽو چئي ڏنو: ”آءٌ شادي ڪندس تہ ان سان، نہ تہ يقين ڪريو، آءٌ خودڪشي ڪندس…“

سندس دوست حيران رھجي ويا تہ ڇا ھو ڪنھن ڇوڪريءَ سان ايڏي محبت ڪري سگهي ٿو؟ ڪنھن کي بہ يقين ڪونہ پئي آيو، پر ھن جي مڱڻي ان ئي ڇوڪريءَ سان ٿي ۽ ڪجهہ ئي مھينن ۾ شادي بہ، تہ ھر ڪنھن کي يقين اچي ويو.

سندس سڀ دوست ڏاڍا خوش ٿيا. شاديءَ واري ڏينھن مذاقون ڪندي کلندي ھڪ دوست چيو، ”ڏک ان ڳالھ جو ناھي تہ تون ھاڻي اسان کي ٽائيم نہ ڏيندين… ڏک ان ڳالھ جو آ تہ توکان پوءِ جملي بازي نہ ٿي سگهندي…“

سڀني ان ڳالھہ کي مڃيو. ان لمحي ھن دل ئي دل ۾ محسوس ڪيو تہ شايد واقعي ھن جي شاديءَ کان پوءِ ھن جي جملي بازي ختم ٿيندي..

شاديءَ کان پوءِ ھوريان ھوريان دوستن کان پري ٿيندو ۽ ڏينھون ڏينھن مصروف ٿيندو ويو. زندگي بظاھر تہ پرسڪون گذري رھي ھئي پر جڏھن شاديءَ جي ڪافي عرصي تائين کيس اولاد نہ ٿيو تہ ھن دل ئي دل ۾ باسون باسڻ شروع ڪيون. آخر ڊاڪٽرن کان ٽيسٽون ٿيون. رپورٽن موجب ٻئي زال مڙس بلڪل صحيح ھيا. بس پوءِ پيرن فقيرن کان دعائن تي ڌيان وڌي ويو. وڏي عرصي کان پوءِ خدا سندن مٿان مھربان ٿيو ۽ آخر اھو لمحو بہ اچي ويو، جڏھن ھن کي اولاد جي خوشخبري ٻڌائي وئي. ”چنڊ جھڙي ڌيءَ ڄائي اٿئي.“

ڌيءَ ڄمڻ جو ٻڌي ھڪ لمحي لاءِ ھو اداس ٿي ويو، پُٽ جي خواھش…
ھڪ پٽ… جيڪو ھن جو بازو ٿي ھا…
پر اھي احساس ۽ ڌيءَ ڄمڻ جو ڏک ان لمحي ختم ٿي ويا، جڏھن ننڍڙي ڇوڪريءَ کي سندس جهول ۾ رکيو ويو. ڇوڪري بلڪل ھن جي ھمشڪل ھئي، ساڳيون وڏيون وڏيون اکيون، ڀورو چھرو، ھن کي لڳو ڄڻ ھن ٻيو جنم ورتو آھي.

’وڏي زندگي پئي آھي….‘ ھن سوچيو، ’جنھن الله پاڪ اھا نياڻي ڏني آھي، اھو ئي پٽ بہ ڏيندو…‘

بس ان ڏينھن کان پوءِ ھن جي زندگي ڄڻ اڃا وڌيڪ بدلجي وئي. ”مان پنھنجي ڌيءَ کي ڊاڪٽر بڻائيندس. “ ھن گهر ۾ اعلان ڪيو.

ان ڏينھن کان ھن وڌيڪ محنت ۽ خرچن ۾ بچت شروع ڪئي. ھن انشوورنس پاليسي ورتي ۽ وارث طور ڌيءَ جو نالو ڏنو، ھن کي ايئن لڳو ڄڻ ھن ڌيءَ لاءِ سڄي دنيا جو خزانو محفوظ ڪيو ھجي.

ھنن جي خاندان ۾ سالگرھ ملھائڻ جي ڪا روايت ڪانہ ھئي پر انشورنس جي سالياني قسط پياريندو ھيو تہ ڌيءَ جي عمر جو اندازو ۽ پنھنجي ڪراڙپ جو احساس ٿيندو ھيس.

ڌيءَ جي ڊاڪٽر ٿيڻ ۾ باقي ايترا سال…؟ ھو اندازو لڳائيندو ھيو. انشورنس جي قسط پيارڻ کان پوءِ ھڪ ڏينھن ڌيءُ چيس ”بابا… ھاڻ ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏيو…“

ھن خوشي ۽ حيرت مان پنھنجي ڌيءَ ۽ پوءِ ان ڪٻٽ ڏانھن ڏٺو، جنھن ۾ انشورنس جو فائيل پيو ھيو. ان کي لڳو ڄڻ سندس ڌيءَ سان گڏ اھي فائيل بہ وڏا ٿي ويا ھجن. ”جيجل! آءٌ توسان گڏ ھلندس ۽ ھلي داخلا وٺي ڏيندوسانءِ.“ ھن ڌيءُ کي خوش ٿي چيو.

ٻئي ڏينھن صبح جو ڌيءَ سان گڏ نڪتو. ھو ڌيءَ سان مستقبل جي باري ۾ ڳالھائيندو، مطمئن قدمن سان ھلي رھيو ھو.

”مان سچ پيو چوان“ ھن جي ڪنن ۾ آواز آيو، پر ھن صرف ھڪ لمحي لاءِ ڌيءَ سان ڳالھائڻ بند ڪيو، وري پنھنجي ڳالھ جاري رکي پر پويان وري زور سان چيو ويو، ”نہ ايئن ناھي!“

”شرط لڳي؟“

ھن ٿورو منھن ورائي ڏٺو، پويان ٻہ نوجوان ڇوڪرا پاڻ ۾ ڪنھن ڳالھ تي بحث ڪندا پئي آيا.

ھن کي پنھنجي نوجوانيءَ جو وقت ياد آيو… بي فڪري…. بي پرواھي…. ڳالھ ڳالھ تي بحث.. شرطون…

”بابا ھلو…“ ڌيءُ جي ھوريان سڏ ڪرڻ تي ھو ڇرڪي پيو ۽ اڳتي ھلندي وري پنھنجي ڳالھ چوڻ جي ڪيائين تہ نوجوانن مان ھڪ جو ضد واري لھجي ۾ آواز ٻڌائين، ”توسان شرط لڳل آھي…“

”ٺيڪ“ ٻئي چيو.

ايتري ۾ ھو ٻئي ھنن جي ڀرسان گذريا.

”ڏٺئي غور سان؟“ ھڪ نوجوان چيو.

”ھا يار… واقعي شلوار ۾ ڇوڪريءَ کي اڳٺ نہ پر رٻڙ پاتل آھي…“

ٻنھي جا ٽھڪ گونجيا..

ھن کي لڳو ڄڻ اھي شرارتي جملا نہ پر باھہ جا گولا ھيا، جيڪي سندس ماضيءَ ھن جي ڪنن ۾ اُڇلايا هيا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close