ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ٽالپر ﺣڪﻤﺮﺍﻥ ۽ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ (3)

ﺁﺻﻒ ﺭﺿﺎ ﻣﻮﺭﻳﻮ

ﭘﺮﺍﮢﻲ وقت ۾ ﺟﻨﮕﻴﻮﻥ ﺗﻠﻮﺍﺭﻥ، ﻧﻴﺰﻥ ۽ ﭜﺎﻟﻦ ﺳﺎﻥ ﻭڙﻫﻴﻮﻥ ۽ کٽيون ﻭﻳﻨﺪﻳﻮﻥ ﻫﻴﻮﻥ ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﻣﻀﺒﻮﻁ ﻗﻠﻌﻲ ﮔﺎﻫﻦ ﺟﻲ ﺍﻫﻤﻴﺖ ﺣﻔﺎﻇﺘﻲ ﺍﻋﺘﺒﺎﺭ ﮐﺎﻥ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻲ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﻫﺌﻲ. ﺍﻫﻮ ﺋﻲ ﺳﺒﺐ ﺁﻫﻲ جو ﻣﺎﺿﻲءَ ۾ ﺣڪﻤﺮﺍﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ ﺣﻔﺎﻇﺖ ﻻﺀِ ﺣﺴﺎﺱ ﻫﻨﮅﻥ ﺗﻲ ﭘﺎﺋﻴﺪﺍﺭ ﻗﻠﻌﺎ ﺍڏﺭﺍﺋﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ، تہ ﺟﻴﺌﻦ ﺍﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺭﻳﺎﺳﺖ ﺟﻲ ﺗﻮﺳﻴﻊ ڪري ۽ ﺍﻗﺘﺪﺍﺭ ﮐﻲ ﻭﮄﺍﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ ۽ ﺩﻓﺎعي ﺣڪﻤﺖ ﻋﻤﻠﻲءَ ﺗﺤﺖ ﺗﺤﻔﻆ ڏﻳﻨﺪَﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻗﺘﺪﺍﺭ ﮐﻲ ﺩﺍﺋﻤﻲ ﻳﺎ ڊﮔﻬﻲ ﻣﺪﻱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻗﺎﺋﻢ ﺭﮐﻲ ﺳﮕﻬﻦ.

1782ﻉ ۾ ٽاﻟﭙﺮﻥ جڏهن ﻫﺎﻻﮢﻲءَ ﻭﺍﺭﻱ ﺟﻨﮓ کٽي ڪﻠﻬﻮڙﻥ ﮐﺎﻥ ﺣڪﻮﻣﺖ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺌﻲ، تہ ﺍﻧﻬﻦ بہ ﻧﻔﺴﻴﺎﺗﻲ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﺍﻫڙﻱ ﻗﻠﻊ ﺑﻨﺪﻱءَ ﺟﻲ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﮐﻲ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪﺮﻱ ﻭﺭﺗﻮ، ﺗﻨﻬﻨڪﺮﻱ ﺣڪﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﻭﺍڳون ﺳﻨﭝﺎﻟﻴﻨﺪﻱ ئي هنن ﺧﺎﺭﺟﻲ ﺣﻤﻼ ﺁﻭﺭﻥ کان ﺑﭽﺎﺀ ﻻﺀِ ﺍﻫﻢ ﻋﻼﺋﻘﻦ ۽ ﺭﺳﺘﻦ ﺗﻲ ڪﻮٽ ﺗﻌﻤﻴﺮ ڪﺮﺍﺋﮡ ﻃﺮﻑ ﮔﻬﮣﻮ ﮄﻳﺎﻥ ڏﻧﻮ. 1790 ﻉ ﻭﺍﺭﻱ ڏﻫﺎڪﻲ ۾ ﺍﻧﻬﻦ ﻭڪﺮ ۽ ڪﻮٽڙﻱ ﺟﻲ ﻭﻳﺠﮭﻮ ‏(ڪﭿ ﻭﺍﺭﻱ ﭘﺎﺳﻲ ﺳﺎﻣﻮﻧڊﻱ ﺭﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﺗﺤﻔﻆ ﻻﺀِ) ﻧﺌﻮﻥ ڪﻮٽ ۽ ﺍﺳﻼﻡ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ٻہ ﻗﻠﻌﺎ ﺗﻌﻤﻴﺮ ڪﺮﺍﻳﺎ. ﺍﻧﻬﻲءَ ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﺗﻌﻠﻖ ﺭﮐﻨﺪڙ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺣڪﻤﺮﺍﻧﻦ ﻣﭡﻲ، ﺭﺗﻮڪﻮٽ، ڏﻳﭙﻠﻮ ڪﻮٽ، ﻋﻠﻲ ڳڙھ، ﺳﻨﮕﺎﺭﻳﻮ ڪﻮٽ، ﻧﻨﮕﺮﭘﺎﺭڪﺮ ﺟﻮ ﻗﻠﻌﻮ، ﺳﻮﺗﻴﺎﺭ ڪﻮٽ ‏(ﻣﻴﺮﭘﻮﺭ ﻣﺎﭤﻴﻠﻮ ) ، ﻟﻴﺎﺭﻭ ڪﻮٽ ‏(ﺍﻭﭔﺎﻭڙﻭ‏) ، ﺗﺎﻧﻮٽ ڪﻮٽ ‏(ﺍﻭﭔﺎﻭڙﻭ ) ، ﮔڏڙﻱ ﺟﻮ ڪﻮٽ ۽ ﺩﻳﻦ ڳڙھ ﻭﺍﺭﻥ ﻗﻠﻌﻦ ﮐﺎﻥ ﻋﻼﻭﻩ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣڪﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﺳﺮﺣﺪﻥ ﮐﻲ ﺗﺤﻔﻆ ڏﻳﮡ ﻻﺀِ ﻭڏﻱ ﺗﻌﺪﺍﺩ ۾ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻧﻨﮃﺍ ﻭڏﺍ ﻗﻠﻌﺎ ﺗﻌﻤﻴﺮ ڪﺮﺍﻳﺎ ﻫﻴﺎ.

ٽاﻟﭙﺮ ﺣڪﻤﺮﺍﻥ ﻣﻴﺮ ڪﺮﻡ ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻥ ٽاﻟﭙﺮ ۽ ﻣﻴﺮ ﻣﺮﺍﺩ ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻥ، جيڪي ﭘﺎﮠ ۾ ﭜﺎﺋﺮ بہ ﻫﺌﺎ، ﻫڪ ﺍﻫڙﻭ ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ﻗﻠﻌﻮ ﺗﻌﻤﻴﺮ ڪﺮﺍﺋﮡ ﮔﻬﺮﻥ ﭘﻴﺎ، ﺟﻴڪﻮ ﻫﻨﮕﺎﻣﻲ ﺣﺎﻟﺘﻦ ۾ ﺳﻨﺪﻥ ﻻﺀِ ﻣﺤﻔﻮﻅ ﭘﻨﺎﻫﮕﺎھ ﻭﺍﺭﻭ ڪﻢ ڏﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ. ﺍﻫڙﻱ ﺧﻮﺍﻫﺶ ﺟﻲ ﭘﻮﺭﺍﺋﻲءَ ﻻﺀِ ﺍﻧﻬﻦ ﻧﻮﺍﺏ ﻭﻟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ ﻟﻐﺎﺭﻱ ﮐﻲ ﻣﻘﺮﺭ ڪﻴﻮ، ﺟﻴڪﻮ ﻫڪ ﺗﺠﺮﺑﻴڪﺎﺭ سپھ ﺳﺎﻻﺭ ﻫﺌﮡ ﺳﺎﻥ ﮔڏ، ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺍﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﭘﮡ ﻫﻴﻮ. هن ﺳﻤﻮﺭﻱ ﺳﻨﮅ ﮔﻬﻤﻲ ڏﭠﻲ ﻫﺌﻲ، ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﻫﻦ ﺩﻓﺎعي ﻧﻘﻄﻲ ﻧﻈﺮ ﮐﺎﻥ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﮐﻲ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﻻﺀِ ﻣﻨﺎﺳﺐ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ.

ﻧﻮﺍﺏ ﺟڏﻫﻦ ﺍﻫﺎ ﺻﻼﺡ ﺣڪﻤﺮﺍﻧﻦ اڳيان ﺭﮐِﻲ، تہ ﺍﻥ ﮐﻲ ﻣﻨﻈﻮﺭ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ، ﮀﺎڪﺎﮠ تہ ﺍﻫﻮ ﻋﻼﺋﻘﻮ ڪﻴﺘﺮﻥ ﺋﻲ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎﻥ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﻫﻴﭟ ﻫﻴﻮ، ﺟﺘﻲ ﺟﻬﻨﮕﻠﻲ ﺟﺎﻧﻮﺭﻥ ۽ ﭘﮑﻴﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ﻫﺌﮡ ڪﺮﻱ ﻫﻮ ﺷڪﺎﺭ ڪﺮﮠ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻫﺘﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ڊﮔﻬﻲ ﻗﺪﺭﺗﻲ ﺟﺎﺑﻠﻮ ﺳﻠﺴﻠﻲ ﺗﻲ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﻓﺼﻴﻞ ﺟﻮ ﺑﮣﻴﺎﺩ ﺳﻮﻻﺋﻲءَ ﺳﺎﻥ ﺭﮐﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭘﻴﻮ. ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ﭘﺎﮢﻲءَ ﺟﻲ ﻻﺀِ نہ ﺭﮘﻮ ﻫڪ ﻧﺪﻱ ﻫﺘﺎﻥ ﮔﺬﺭﻧﺪﻱ ﻫﺌﻲ، ﭘﺮ هتي ﺟﺮ ﺟﻮ ﭘﺎﮢﻲ بہ ﻣﭡﻮ ﻫو.

ﺣڪﻤﺮﺍﻧﻦ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﺍﻫﺎ ﺗﺠﻮﻳﺰ ﮔڏﻳﻞ ﺭﺍﺀِ ﺳﺎﻥ ﻣﻨﻈﻮﺭ ﭤﻴﻨﺪﻱ ﺋﻲ ﻧﻮﺍﺏ ﻭﻟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﺟﻮ ڪﻢ ﺷﺮﻭﻉ ڪﺮﺍﻳﻮ. ﺍﻫڙﻱءَ ﺭﻳﺖ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎﺩﻱ ﻣﻨﺼﻮﺑﺎﺑﻨﺪﻱ ۽ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﺟﻮ 80 ﺳﻴڪڙﻭ ڪﻢ ﺟﻬڙﻭڪ ﻧﻘﺸﺎ، ﭜﺘﻴﻮﻥ، ﻣﻴﺮﻱ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﻋﻤﺎﺭﺕ، ﺷﻴﺮ ڳڙھ ﺟﻮ ﻗﻠﻌﻮ ۽ ﺧﺎﺹ ﺭﻫﺎﺋﺶ ﮔﺎﻫﻮﻥ ﻧﻮﺍﺏ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻧﻲءَ ۾ ﺗﻴﺎﺭ ڪﻴﻮﻥ ﻭﻳﻮﻥ. ﭘﺮ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﭘﻠﻴﻦ ﺟﻲ ﻫﻴﭡﺎﻥ ﻟﻮھ ﺟﻮﻥ ﻣﻀﺒﻮﻁ ﺳﻴﺨﻮﻥ ۽ ﺩﺭﻭﺍﺯﺍ ﻟﮙﺮﺍﺋﮡ ﻭﺍﺭﻭ ڪﻢ اڃان ﺍﮄ ۾ ﻫﻴﻮ، تہ ﻧﻮﺍﺏ ﻭﻟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ ﻗﻨﮅﺍﺭ ﺟﻲ ﺑﺎﺩﺷﺎھ ﺷﺠﺎﻉ ﺍﻟﻤﻠڪ ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ﻻﺀِ ﻣﻮڪﻠﻴﻮ ﻭﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺷڪﺎﺭﭘﻮﺭ ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻮ ڪﺮﻱ ﻭﺭﺗﻮ ﻫﻮ. ﺍﻫڙﻱءَ ﺭﻳﺖ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺭﻫﻴﻞ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﻧﻮﺍﺏ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻧﻲ ۾ نہ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ، ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﭘﺎﺋﻴﺪﺍﺭ ﺛﺎﺑﺖ نہ ﭤﻲ. ﺍڏﺍﻭﺗﻲ ﻣﺎﻫﺮ ﺍﻥ ﺭﺍﺀِ ﺟﺎ ﺣﺎﻣﻲ ﺁﻫﻦ، تہ ﺍﻫڙﻱ ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺗڪﻤﻴﻞ ﺗﻘﺮﻳﺒﻦ ﭼﺌﻦ ﮐﺎﻥ ﭘﻨﺠﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﻋﺮﺻﻲ ۾ ﻣڪﻤﻞ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﻫﻮﻧﺪﻱ. ﺳﻨﮅ گزيٽيئر ۾ ﻟﮑﻴﻞ ﺁﻫﻲ تہ “ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﺗﻲ ﺍُﻥ ﻭﻗﺖ 2-1 ﻣﻠﻴﻦ ﺭﭘﻴﺎ لاڳت آئي ﻫﺌﻲ.”

ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ لڳ ڀڳ 1812ﻉ ﮐﺎﻥ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻲ، ﺟﻴڪﺎ 1815ﻉ ﺟﻲ ﻭﭺ ﮄﺍﺭﻱ ﭘﭵﺎﮢﻲءَ تي ﭘﻬﺘﻲ، ﭘﺮ ﺑﺪﻗﺴﻤﺘﻲ ﺳﺎﻥ ڪﺠﻬﮧ ﺳﺒﺒﻦ ڪﺮﻱ ٽﺎﻟﭙﺮ ﺍﻥ ﻗﻠﻌﻲ ۾ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﺭﻫﺎﺋﺶ ﭘﺬﻳﺮ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻴﺎ. ﮀﺎڪﺎﮠ تہ ﺳﻦ ﻧﺪﻱ ﺟﻴڪﺎ ڪﻨﻬﻦ ﻭﻗﺖ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺍﺗﺮ ﻭﺍﺭﻱ ﭜﺖ ﺟﻲ ﭼﻮﮄﺍﺭﻱ ﻭﻫﻨﺪﻱ ﻫﺌﻲ، ﺗﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻭﻫڪﺮﻭ 1827ﻉ ۾ ﺗﺒﺪﻳﻞ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺍﺗﺮ ﺍﻭﭜﺮ ﻭﺍﺭﻱ ﭜﺖ ﺟﻮ ﻫڪ ﺣﺼﻮ ﭘﮡ ڪﺮﻱ ﭘﻴﻮ ﻫﻴﻮ.

ﻣﻴﺮ ڪﺮﻡ ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻥ ۽ ﻣﻴﺮ ﻣﺮﺍﺩ ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻥ ﻻﺀِ ﻗﻠﻌﻲ ﺍﻧﺪﺭ ٻہ ﻧﻨﮃڙﺍ ﻗﻠﻌﺎ ﺗﻌﻤﻴﺮ ڪﺮﺍﻳﺎ ﻭﻳﺎ ﻫﺌﺎ. ﺟﻦ ﻣﺎﻥ ﻫڪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻣﻴﺮﻱ ڪﻮٽ ۽ ﭔﺌﻲ ﺟﻮ ﺷﻴﺮ ڳڙھ ﻫﻮ . ﭔﻨﻬﻲ ﻗﻠﻌﻦ ﺟﻲ ﭘﮑﻴڙ ﭤﻮﺭڙﻱ ﻓﺮﻕ ﺳﺎﻥ ﻫڪ ﺟﻴﺘﺮﻱ ﺁﻫﻲ. ﻣﻴﺮﻱ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﻭﭺ ﻭﺍﺭﻱ ﺣﺼﻲ ۾ ﺯﻣﻴﻦ ﻫﻴﭡﺎﻥ ڪﺌﻲ ﻭﺋﻲ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﺎ ﺳﻦ ﺩﺭﻭﺍﺯﻱ ﮐﺎﻥ ﺗﻘﺮﻳﺒﻦ ٽﻦ ﻣﻴﻠﻦ ﺟﻲ ﻓﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ. ﻣﻴﺮﻱ ڪﻮٽ ﺳﻄﺢ ﺳﻤﻨڊ ﮐﺎﻥ 500 ﻓﻮٽ ﻣﭥﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﻫڪ ﻧﻨﮃڙﻱ ٽڪﺮﻱءَ ﺗﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﮑﻴڙ ﺗﻘﺮﻳﺒﻦ 10 ﺍﻳڪڙﻥ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ. ﺍﻥ ڪﻮٽ ﺟﻲ ڪﻨﻬﻦ بہ ﺣﺼﻲ ۾ ﺑﻴﻬﻲ ﻫﻴﭟ ڏﭠﻮ ﻭﭸﻲ، تہ ﺳﻤﻮﺭﻱ ﻣﺎﭤﺮﻱ ﺗﻤﺎﻡ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ۽ ﺩﻟﻔﺮﻳﺐ ﻧﻈﺮ ﺍﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ.

ﻣﻴﺮﻱ ﻗﻠﻌﻮ ٽﻦ ﺭﻫﺎﺋﺸﻲ حُجرن ۾  ورهايل ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻲ ڪﻨﻬﻦ ﺩﻭﺭ ۾ ﻳﻘﻴﻨﻦ ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ﺭﻫﻴﺎ ﻫﻮﻧﺪﺍ، ﭘﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺣﺎﻟﺖ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﺑﮕڙﻳﻞ ﺁﻫﻲ. ﺍﻧﻬﻦ حُجرن ﺍﻧﺪﺭ ﺗﺮﺍﺷﻴﻞ ﭘﭥﺮﻥ ﺗﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ﻧﻘﺶ ﻧﮕﺎﺭﻱ ڏﺳﮡ ﻭٽﺎﻥ ﺁﻫﻲ. ﻗﻠﻌﻲ ۾ ﺳﻨﮅﻱ ﮘﻮﭠﻦ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﺟﻬﻮﭘڙﻳﻮﻥ ۽ ﻻﻧﮃﻳﻮﻥ ﭠﻬﻴﻞ ﺁﻫﻦ، ﺟﻦ ﮐﻲ ﮀﺘﻴﻦ ﺟﻲ ﭔﻨﻬﻲ ﭘﺎﺳﻦ ﮐﺎﻥ ﺳﻼﻣﻲ ﺁﻫﻲ. ﻣﻴﺮﻱ ڪﻮٽ، ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﻭﭼﺌﻴﻦ ﺣﺼﻲ ۾ ﺻﺎﻑ ۽ ﺳﭥﺮﻱ جڳھ ﺗﻲ ﺍڏﻳﻞ ﺁﻫﻲ، ﺟﺘﻲ ﺭﻫﺎﺋﺸﻲ ﺁﺛﺎﺭ ﭘﮡ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ. ﺟﻦ ۾ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﺎ ﺫﺧﻴﺮﺍ، ڪﻮﺭٽ ﻳﺎ ﻋﺪﺍﻟﺖ ﺟﺎ ﺁﺛﺎﺭ، ﺣﺮﻡ ﺧﺎﻧﻮ، ﻣﻬﻤﺎﻥ ﺧﺎﻧﺎ ۽ ﺳﭙﺎﻫﻴﻦ ﺟﺎ ڪﻤﺮﺍ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﭘﮡ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ.

ڪﺠﻬﮧ ﻣﺤﻘﻘﻦ ﺟﻮ ﺧﻴﺎﻝ ﺁﻫﻲ، تہ ﻣﻴﺮﻱ ڪﻮٽ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ڪﻤﺮﻥ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﺍڏﺍﻭﺕ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﭤﻲ ﻫﻮﻧﺪﻱ ۽ ﺍﻥ ڪﻮٽ ﺟﻮ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﭼﺌﻨﻲ ﭜﺘﻴﻦ ﺳﺎﻥ ڪﻨﻬﻦ بہ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﻧﺎﻫﻲ. ﺍﻥ ڪﻮٽ ﺟﻮﻥ ﭜﺘﻴﻮﻥ 20 ﻓﻮٽ ڊﮔﻬﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ، ﺟﻦ ﺟﻲ ﺍڏﺍﻭﺕ ڏﺳﮡ ﺳﺎﻥ ﺧﺎﻟﺺ ﻓﻮﺟﻲ ﺣڪﻤﺖ ﻋﻤﻠﻲءَ ﮐﻲ ﻧﻈﺮ ﺍﻧﺪﺍﺯ نہ ﭤﻮ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﺠﻲ، ﮀﺎڪﺎﮠ تہ ﺳﻤﻮﺭﻱ ﻗﻠﻌﻲ ۾ ﺍﻫﺎ ﺍڪﻴﻠﻲ ﺟﺎﺀِ ﺁﻫﻲ، ﺟﺘﺎﻥ ﻣﭥﻲ ﻭﺍﺭﺍ ﺳﻤﻮﺭﺍ ﺣﺼﺎ ﻧﻈﺮ ﺍﭼﻦ ﭤﺎ. ﺍﻥ ﻻﺀِ ﺧﻴﺎﻝ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ تہ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﺍﻧﻬﻦ ﭼﺌﻨﻲ ڪﻮٽﻦ ﺗﺎﻥ ﻣﺨﺼﻮﺹ ﺍﺷﺎﺭﻥ ﻳﺎ ﺭﻭﺷﻨﻲ ﻭﺳﻴﻠﻲ ﺍﻧﺘﻈﺎﻣﻴﺎ ﺳﻤﻴﺖ ﺭﻋﻴﺖ ﮐﻲ ﺧﺒﺮﺩﺍﺭ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮﻧﺪﻭ.

ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﻣﭥﺌﻴﻦ ﺣﺼﻲ ۾ ﺍﮀﻲ ﺭﻧﮓ ﺟﻲ ﭘﭥﺮﻥ ﺳﺎﻥ ﺗﻌﻤﻴﺮ ڪﺮﺍﻳﻞ ﺷﻴﺮ ڳڙھ ﻧﺎﻟﻲ ﭔﻴﻮ ﻗﻠﻌﻮ ﭘﮡ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻮ ﻣﻴﺮﻱ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﺍﺗﺮ ﺍﻭﭜﺮ ۾ ﺳﻤﻨڊ ﺟﻲ ﻣﭥﺎﮀﺮﻱ ﮐﺎﻥ ﺗﻘﺮﻳﺒﻦ 1480 ﻓﻮٽ ﻣﭥﺎﻫﻴﻦ ﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ. ﺍﻫﻮ ﻗﻠﻌﻮ ﻣﻴﺮﻱ ڪﻮٽ ﮐﺎﻥ ڪﺠﻬﮧ ﻧﻨﮃﻭ ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﺍﻥ ﺟﻮﻥ ﭜﺘﻴﻮﻥ ﭤﻮﺭڙﻳﻮﻥ ﭤﻠﻬﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ ۽ ﺍﺗﻲ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﺭﻫﺎﺋﺸﻲ ڪﻤﺮﺍ ﻣﻮﺟﻮﺩ ناهن. ﺍﻫﻮ ﻗﻠﻌﻮ ﺍﻭلھ ﻃﺮﻑ ﻣﻮﺋﻦ ﺩﺭﻭﺍﺯﻱ ﻭﻳﺠﻬﻮ ﭠﻬﻴﻞ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮﻥ ﭜﺘﻴﻮﻥ ﭘﮡ ﻭﻳڪﺮﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ. ﺍﻥ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ٽﺎﻭﺭﻥ ﮐﺎﻥ ﺳﻤﻮﺭﻱ ﻣﺎﭤﺮﻱ ﮐﻲ ﭼﻮﮄﺍﺭﻱ ﺳﻮﻻﺋﻲءَ ﺳﺎﻥ ڏﺳﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ. ﺍﻥ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﻫﻴﭡﺎﻫﻴﻦ ۾ ﻫڪ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎﻥ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ. ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ڪﻨﻬﻦ بہ ﻣﭥﺎﻫﻴﻦءَ ﻭﺍﺭﻱ ﺣﺼﻲ ﻭٽﺎﻥ ﭘﺮﻱ ﮐﺎﻥ ﻭﻫﻨﺪڙ ﺳﻨﮅﻭ ﺩﺭﻳﺎھ ﺟﻲ ﮄﻧﮅﻟﻲ ﻟڪﻴﺮ ۽ ﭼﻤڪﻨﺪڙ ﭘﺎﮢﻲ ﭘﮡ ڏﺳﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ.

ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺍﻧﺪﺭ ڊﻳﻢ ﺟﻲ ﻣﭥﺎﻥ ﭘُﻠﻴﻮﻥ ﭠﻬﻴﻞ ﺁﻫﻦ ﺟﻦ ﺗﻲ لڳل ﺩﺭﻭﺍﺯﻥ ﺗﻲ ﻧﺎﻻ ﺁﻣﺮﻱ ﺩﺭﻭﺍﺯﻭ ‏(ﺍﺗﺮ ﭘﺎﺳﻲ) ، ﺳﻦ ﺩﻭﺭﺍﺯﻭ ‏(اولھ ﭘﺎﺳﻲ) ﻟﮑﻴﻞ ﺁﻫﻦ. ﺷﺎھ ﭘﻴﺮ ﺟﻮ ﺩﺭﻭﺍﺯﻭ ‏(ڏﮐﮡ ﭘﺎﺳﻲ) ﻣﻮﺋﻦ ﻭﺍﺭﻭ ﺩﺭﻭﺍﺯﻭ ‏(ﺍﻭﭜﺮ ﭘﺎﺳﻲ) ﺁﻫﻲ.

ﺁﻣﺮﻱ ﺷﻬﺮ ﺟﺎ ﻗﺪﻳﻢ ﺁﺛﺎﺭ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﺎ ﻭﻳﺠﻬﺎ ﭘﺎڙﻳﺴﺮﻱ ﺁﻫﻦ، ﺍﻥ ﻻﺀِ ڪﻮٽ ﺟﻮ ﻫڪڙﻭ ﺩﺭﻭﺍﺯﻭ ﺁﺛﺎﺭﻥ ﻃﺮﻑ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ، ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﺋﻲ ﺍﻥ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺁﻣﺮﻱ ﺩﺭﻭﺍﺯﻭ ﺭﮐﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ. ﻣﻮﺋﻦ ﺩﺭﻭﺍﺯﻱ ﻭﻳﺠﻬﻮ ﻫڪ ﺗﻼﺀَ ﮐﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ "ﭘﺮﻳﻦ ﺟﻮﺁﺳﺘﺎﻧﻮ” ﭼﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ، ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺘﻌﻠﻖ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﺧﻴﺎﻝ ﺁﻫﻲ تہ ڪﻨﻬﻦ ﺩﻭﺭ ۾ ﻫﺘﻲ ﭼﺎﻧڊﻭڪﻲ ﺭﺍﺕ ۾ ﭘﺮﻱ ﭘﺮﻱ ﮐﺎﻥ ﭘﺮﻳﻮﻥ ﻭﻫﻨﺠﮡ ﺍﻳﻨﺪﻳﻮﻥ ﻫﻴﻮﻥ. ﻫﺘﻲ ﻫڪ ﺗﻼﺀَ "ﻭﺍﮘﻮﻥﺀَ ﺟﻮ ﺗڙ” ﻳﻌﻨﻲ ﻣﺎﻧﮕﺮ ﻣﭿ جي ﺁﺳﺘﺎني طور ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺁﻫﻲ. ﺍﻥ جڳھ ﮐﻲ اهو ﻧﺎﻟﻮ ﺍﻥ ڪري ڏﻧﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ، جو ﻫﻲ ڪﻨﻬﻦ ﺩﻭﺭ ۾ ﻣﺎﻧﮕﺮ ﻣﮁﻦ ﺟﻮ دﻳﺮﻭ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ.

ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﻭڏﻥ ﺩﺭﻭﺍﺯﻥ ﻳﺎ ﻧﻨﮃﻥ ڪﻮٽن ﺟﻲ ﭼﺌﻨﻲ ڪﻨڊﻥ ﺗﻲ ﺑﮣﺎﻳﻞ ﮔﻮﻝ ﺑﺮﺟﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ۾ ﻭﺍﺭﻳﺎﺳﻲ ﭘﭥﺮﻥ ﺟﻮ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﺑﻪ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻮ ﭤﻴﻞ ﺁﻫﻲ. ﭜﺘﻴﻦ ﺟﻲ ﺍﻭﭼﺎﺋﻲ ڪﭥﻲ ڪﭥﻲ 30 فوٽن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺁﻫﻲ. ﺟڏﻫﻦ تہ ﻭﻳڪﺮﺍﺋﻲ ڪﭥﻲ ﮔﻬٽ ﺗﻪ ڪﭥﻲ ﻭﮄ ﭤﻴﻨﺪڙ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ، ﺟﻴڪﺎ ﺑﺮﺟﻦ ﻭﻳﺠﻬﻮ 6 ﻓٽﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ بہ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ، ﺳﺎ ﺍﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﺳﻨﻬڙﻱ ﭤﻴﻨﺪﻱ ﻭﭸﻲ ﭤﻲ. ﻓﻮﺟﻲ ﻧﻘﻄﻲ ﻧﻈﺮ ﺳﺎﻥ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﭜﺖ ۾ ﻫﺮ ﺍﮂﺍﺋﻲ ﻓٽﻦ ﺟﻲ ﻓﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ ﺩﺷﻤﻨﻦ ﻣﭥﺎﻥ ﺣﻤﻠﻮ ڪﺮﮠ ﻻﺀِ ﺟﻬﻴﺮﻳﻮﻥ ﭠﺎﻫﻴﻮﻥ ﻭﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ، ﺟﻦ ﻣﺘﻌﻠﻖ ﻣﺎﻫﺮﻥ ﺟﻮ ﺧﻴﺎﻝ ﺁﻫﻲ تہ ﺍﻫﻲ ﺩﺭﺍﺻﻞ ﺗﻴﺮﺍﻧﺪﺍﺯﻥ ﻻﺀِ ﺗﻴﺎﺭ ڪﻴﻮﻥ ﻭﻳﻮﻥ ﻫﻮﻧﺪﻳﻮﻥ، ﺟﻴڪﻲ ﺑﻌﺪ ۾ حملي ﺁﻭﺭﻥ ﺟﻲ ﻣﭥﺎﻥ ﭘﭥﺮ ڪﻴﺮﺍﺋﮡ ﻻﺀِ ﺑﻪ ڪﺘﺐ ﺁﮢﺒﻴﻮﻥ ﻫﻮﻧﺪﻳﻮﻥ ﻳﺎ ﻭﺭﻱ ﺍﻫﻮ بہ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ تہ ﺍﺭﻳﺒﻲ ڪﻤﺎﻧﻦ ۽ ﺑﺎﻫﻴﻦ ﻟﮙﺎﺋﮡ ﻭﺍﺭﻥ ﻫﭥﻴﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﻻﺀِ ﭜﺘﻴﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ۾ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺷﺎﻣﻞ ﺭﮐﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﻫﺠﻲ.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close