ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻥ ﺟﻮ ڪﺎﺭﻭ ﺟﺒﻞ، ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻮ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻟﮭﺠﻮ ۽ ﻟڏﭘﻼﮠ ڪﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﮭﻮ

ﺗﺤﻘﻴﻖ: ﺟﻮﮐﻴﻮ ﺟﺴﺎﺭﺕ ﺍﻟﻴﺎﺱ ﺳﻨﮅﻱ

ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻥ ﺟﻮ ﭘٽ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻣﺸﮭﻮﺭ ﺯﻣﻴﻨﻲ ﺧﻄﻮ ﺁﮬﻲ, ﺟﺘﻲ ﮔﮭﺎٽا ﺟﺒﻞ ﺀ۽ ﺳﻮﻥ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ قيمتي ﺑﺎﺭﺍﻧﻲ ﺯﻣﻴﻨﻮﻥ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﮬﻦ. ﮬﺘﻲ ﺟﻲ هڪ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺗﻲ ﮬﺘﺎﻥ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﮭﻮ ۽ ﺍﻧﮭﻦ ﺟﻮ ﻟﮭﺠﻮ ﭘﮡ ﺁﮬﻲ. ڪﺎﺭﻭ ﺟﺒﻞ ﺑﮧ ﺍﻥ ﺳﺎﮘﺌﻲ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻥ جي ﺿﻠﻌﻲ ﭠٽﻲ ﻡِ ﻭﺍﻗﻊ ﮬڪ ﻣﺮڪﺰﻱ ﺟﺒﻞ ﺁﮬﻲ، ﺟﻴڪﻮ ﺟﻨﮕﺸﺎﮬﻲ ﺷﮭﺮ ﺟﻲ ﺭﻳﻠﻮﻱ ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﮐﺎﻥ ﺍﺗﺮ ﻃﺮﻑ ﻟﮗ ﭜﮗ ﭼﺎﻟﻴﮫ ڪﻠﻮﻣﻴٽﺮﻥ ﺟﻲ ﻣﻔﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ ﮘﻮﭞ ﺍﻟﮭﺮﮐﻴﻮ ﺟﻮﮐﻴﻮ ﻟﮗ ﭴﺎﻡ ﺍﻭﻃﺎﻕ ‏(ﻣﺎﻟﻤﺎڙﻱ ﻣڪﺎﻥ ) ﺟﻲ ﺍﮘﻴﺎﻥ ﺁﺳﻤﺎﻥ ﺟﻲ ﺍﻭﻧﭽﺎﻳﻦ ﮐﻲ ﮀُﮭﻨﺪﻱ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﮬﻲ. ﮬﻦ ﺟﺒﻞ ﻣﺎﻥ ﻧڪﺮﻧﺪڙ ﻧﻨﮃڙﻳﻦ ٽڪﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﺍﻭﻟﮫ ۾ ﻣﻠﻴﺮ ﮐﺎﻥ ﮔڏﺍﭖ ۽ ﺍﻭﭜﺮـ ﺍﺗﺮ ۾ ﺿﻠﻌﻲ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻭ ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻦ ڪﺎﺅﻧﺴﻞ ﻣﻮﻧﺪﺭ ﺧﺎﻥ ﭘﺎﻻﺭﻱ ﺀِ ﺳَﺮﻱءَ ﺟﻲ ﺑُﭡﻴﻦ ۽ ٽڪﺮﻳﻦ ﺗﺎﺋﯿﻦ ﭘﮑڙﻳﻞ ﺁﮬﻲ .

ﮬﻲ ﺟﺒﻞ ﮬﺰﺍﺭﻳﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎﻥ ﻭﭠﻲ ﺍﻧﺴﺎﻧﻦ ۽ ﭔﻴﻦ ﺟﻴﻮﺗﻦ ﮐﻲ ﺳﺎﻧﮃﻳﻨﺪﻭ ﭘﻴﻮ ﺍﭼﻲ. "ڪﺎﺭﻭ ﺟﺒﻞ” ﺟﻲ ﮬﺮ ﭘﺎﺳﻲ ﺁﺑﺎﺩﻱ ﺟﺎ ﺁثاﺭ ﻣﺎﺿﻲ ۾ ﺑﮧ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﮬﺌﺎ، ﺟڏﮬﻦ ﺗﮧ ﺍﭲ ﺑﮧ ﺳﻮﻳﻦ ﮘﻮﭞ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﮬﻦ ﺟﻦ ﺟﻮ ﻭﺍﺳﻄﻮ ﮬﻦ ﺟﺒﻞ ﺳﺎﻥ ﺁﮬﻲ . ﮬﻦ ﺳﺎﻥ ﻭﺍﺑﺴﺘﮧ ﻣﺎﺭﻭ ﻣﺎﮢﮭﻦ ﺟﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﻧﺞ ۽ ﻧﺒﺎﺭ ﺳﻨﮅﻱ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻟﮭﺠﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﭔﻮﻟﻲ ﺁﮬﻲ. ﻣﻮﻥ ﺑﮧ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﮐﺎﻥ ﺋﻲ ﮬﺘﻲ ﺍﭼﮡ ﻭﭸﮡ ﺟﻲ ڪﺮﻱ هتي واپرائجندڙ ﻟﻔﻆ ﭔﮅﺍ ﺁﮬﻦ ، ﺗﻨﮭﻦ ڪﺮﻱ ﮬﻲ ﻟﻴﮏ ﻟﮑﮡ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩﻱ ﻣﻘﺼﺪ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻟﮭﺠﻲ ۾ ﮬﻦ ﻭﻗﺖ ﻋﺎﻡ ۽ ﮔﮭﮣﻮ ﮘﺎﻟﮭﺎﻳﺎ ﻭﻳﻨﺪڙ لفظ ﻗﻠﻤﺒﻨﺪ ڪﺮﮠ ﺁﮬﻲ، ﺟﻴڪﻮ ﺷﺎﻳﺪ ﻣﺴﺘﻘﺒﻞ ۾ ڪﻨﮭﻦ ﺍﺳڪﺎﻟﺮ ﮐﻲ ﮬﻦ ﻣﻮﺿﻮﻉ ﺗﻲ ﻭﮄﻳڪ ﺗﺤﻘﻴﻖ ڪﺮﮠ ۾ ڪﻢ ﺍﭼﻲ.

ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﺳﺎﻧﺠﮭﻲ ﻧﻤﺎﺯ ﺟﻮ ﺋﻲ ﺭﺍﺕ ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﻲ ﺳﻤﮭﮡ ﺟﻲ ﺗﻴﺎﺭﻱ ڪﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ ﺗﮧ ﺟﻴﺌﻦ ﺳﻮﻳﺮﻭ ﺍﭤﻦ . ﮬﻮ ﻟڏﭘﻼﮠ ﺑﮧ ڪﻨﺪﺍ ﺭﮬﻦ ﭤﺎ، ﺟﻴڪﺎ ﮬﻮ ڪڏﮬﻦ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺳﮭﻮﻟﺖ ﺧﺎﻃﺮ ﺗﮧ ڪڏﮬﻦ ﺑﭽﺎﺀُ ڪﺎﺭﮠ ڪﻦ ﭤﺎ . ﺟڏﮬﻦ ڪﻮ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﻟڏﭘﻼﮠ ڪﺮﻱ ﭤﻮ ﺗﮧ ﭘﺎﮠ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺛﻘﺎﻓﺖ، ﭔﻮﻟﻲ، ﻟﮭﺠﻮ، ﺍﻧﺪﺍﺯ ۽ ﺭﻭﻳﻮ ﺑﮧ ﻟڏﻱ ﮐﮣﻲ ﭤﻮ ﻭﭸﻲ. ﺟﻴڪﻮ ﺟﺘﻲ ﺭﮬﻲ ﭤﻮ ﺍﮬﻮ ﺍﺗﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﺣﻮﻝ ۽ ﺳﻤﺎﺝ ﺗﻲ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﭘﺮ ۾ ﺍﺛﺮ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ . ﺍﻥ ﻟڏﮠ ﺟﻲ ﻋﻤﻞ ﺩوﺭﺍﻥ ﭔﻮﻟﻲ ۾ ﭜﭷ ڊﺍﮪ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ، ڪڏﮬﻦ ﭘﻨﮭﻨﺠﺎ ﻟﻔﻆ ﭔﻴﻦ ﭔﻮﻟﻴﻦ ﻣﭥﺎﻥ ﺍﺛﺮﺍﻧﺪﺍﺯ ڪﺮﻱ ﺍﻧﮭﻦ ﭔﻮﻟﻴﻦ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﮭﺎﺋﻴﻨﺪڙﻥ ﮐﻲ ﻣﺠﺒﻮﺭ ڪﺮﻳﻮ ﮀڏﻱ ﺗﮧ ڪڏﮬﻦ وري ﮄﺍﺭﻱ ﭔﻮﻟﻲءَ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﭘﺎﮠ ﺟﮭٽﻲ ﭘﻨﮭﻨﺠﻮ ﭘﺎﮠ ﮬﻀﻢ ڪﺮﻳﻮ ﮀڏﻱ . ﺍﻥ ﻃﺮﺡ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﭘﮡ ﮄﺍﺭﻳﻦ ﭔﻮﻟﻴﻦ ﺗﻲ ﭘﻨﮭﻨﺠﻮ ﺍﺛﺮ ﮀڏﻳﻮ ﺁﮬﻲ ﺗﮧ ﺍﻧﮭﻦ ﺟﻮ ﺍﺛﺮ ﺑﮧ ﻗﺒﻮﻝ ڪﻴﻮ ﺁﮬﻲ . ﺳﺎﮘﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻟﮭﺠﻦ ﺟﻮ ﭘﺎﮠ ۾ ﺑﮧ ﻭڏﻭ ﮘﺎﻧﮃﺍﭘﻮ ﺭﮬﻴﻮ ﺁﮬﻲ .

ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﮭڙﻱ ﺭﻳﺖ ﻟﻔﻈﻦ ۾ ﺷﺎﮬﻮڪﺎﺭ ﺁﮬﻲ ﺍﮬڙﻱ ﻃﺮﺡ ﺍن ۾ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻟﮭﺠﺎ ﺑﮧ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ، ﺟﻦ ۾ ﻻڙﻱ، ﺍﺗﺮﺍﺩﻱ، ڪﮁﻲ، ﻭﭼﻮﻟﻮ، ﭤﺮﻱ، ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ، ڪﺎﭠﻴﺎﻭﺍڙﻱ، ﺟﺪﮔﺎﻟﻲ، ﺳﺮﻭﻟﻲ ﻳﺎ ﺳﺮﺍﺋﻴڪﻲ ﻟﮭﺠﺎ ﻋﺎﻡ ﺁﮬﻦ، ﺟﻦ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﮭﺎﺋﮡ ۾ ﺑﮧ ﻭڏﻭ ﻓﺮﻕ ﺁﮬﻲ . ﻟﮭﺠﻦ ۾ ﻭﺭﻱ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻟﮭﺠﻮ ﻭﮄﻳڪ ﻣﻨﻔﺮﺩ ۽ ﻧﺮﺍﻟﻮ ﻟﮙﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ، ﺟﻨﮭﻨﺠﺎ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺳﺒﺐ ﭤﻲ ﺳﮕﮭﻦ ﭤﺎ . ﺍﻧﮭﻦ ﺳﺒﺒﻦ ﻣﺎﻥ ڪﺠﮫ ﺳﺒﺐ ﺍﺗﻲ ﺟﻲ ﻓﻄﺮﻱ ﻣﺎﺣﻮﻝ ﺟﻮﻥ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺗﻴﻮﻥ ﭘﮡ ﺁﮬﻲ ﺟﻨﮭﻦ ۾ ﻭﺳڪﺎﺭﻱ ﺩﺅﺭﺍﻥ ﻭﮬﻨﺠﮡ ﻻﺀِ ﺗڙﭘﻨﺪڙ ﺍﻧﺴﺎﻥ، ﺟﮭﻨﮕﻠﻲ ﺟﻴﻮﺗﻦ ﺳﺎﻥ ﻳﺎﺭﻱ ﺭﮐﻲ ﮐﻴﺮ ﺗﻲ ﮔﺬﺭﺍﻥ ڪﻨﺪڙ ﻣﺎﺭﻭ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺟﻴﺎﭘﻮ ﺭﻳٽ ﻭﺍﺭﻱ ڪﭽﻲ ﭘﭥﺮﻳﻠﻲ ﻣٽﻲﺀَ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﺍﻧﻲ ﮐﻴٽﻦ ﺳﺎﻥ، ڪﭽﻮ ﺭﺳﺘﻮ، ﻋﺎﻡ ﻃﻮﺭ ﻭﺍﭼﻮڙﻱ ﺟﮭڙﻱ ﺍڏﺍﻣﻨﺪڙ ﻣٽﻲ ﺟﺎ ﺫﺭﺍ ﻭﻏﻴﺮﮦ ﮬﻮﺍ ۾ ﻋﺎﻡ ﺍڏﺍﻣﮡ ﻭﻏﻴﺮﮦ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﮬﻲ . ﺗﻨﮭﻦ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺍﺗﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﺭﻭ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﭘﻨﮭﻨﺠﻦ ﻟﻔﻈﻦ ﺟﻲ ﺍﺩﺍﺋﻴﮕﻲ ﻣﮭﻞ ﺗڪڙﻭ ﺗڪڙﻭ ﮘﺎﻟﮭﺎﺋﮡ ﻣﮭﻞ ﻭﺍﺕ ﮔﮭٽ ﮐﻮﻟﻴﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ ﺗﮧ ﺟﻴﺌﻦ ﮐﻴﻦ ﺗڪﻠﻴﻒ ﻧﮧ ﭤﺌﻲ . ﺍﮬﻮ ﺋﻲ ﺳﺒﺐ ﺁﮬﻲ ﺟﻮ ﮬﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﺭﻭ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﻃﺒﻌﻴﺖ ۾ ﺳﭽﺎ ﭘﺮ ﺟﮭﻴﮣﺎ، ﮔﮭٽ ﭘﺮ ﺳﭡﻮ ﮘﺎﻟﮭﺎﺋﻴﻨﺪڙ ۽ ﺧﻮﺩ ﻓﻄﺮﺕ ﺳﺎﻥ ﭘﻴﺎﺭ ڪﻨﺪڙ ﺭﮬﻴﺎ ﺁﮬﻦ . ڪﺠﮫ ﻟﻔﻈﻦ ﺟﺎ ﻣﺜﺎﻝ ﺍﻧﮭﻦ ﺟﻲ ﺗڪڙﻱ ﮬﺠﮡ ﺟﻲ ﻋڪﺎﺳﻲ ڪﻦ ﭤﺎ ﻣﺜﺎﻝ؛ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻣﺎﺭﻭ ”ﺁﮬﻴﻦ“ ﮐﻲ ”ﺍﮬﻴﻦ“ ، ”ﺍﻭﮬﺎﻥ“ ﮐﻲ ”ﺍﮬﻴﻦ“ ، ”ﺗﻮﮬﺎﻥ“ ﮐﻲ ”ﺗﻮﻥ“ ، ”ﺁﮬﻲ“ ﮐﻲ ”ﮬﻲ“ ، ”ﮬﺎئو“ ﮐﻲ ” ﮬﺌﻮ “ ۽ ”ﮀﺎ“ ﮐﻲ ”ڪﭵﺎڙﻭ“ ڪﺮﻱ ﭼﻮﻧﺪﺍ. ﻣﻄﻠﺐ ﺗﮧ ﮬﻲ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﭘﺮ ﻣﻄﻠﺐ ﻭﺍﺭﻱ ﭔﻮﻟﻲ ﮘﺎﻟﮭﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ، ﺟﻨﮭﻦ ۾ ”ﻟﻔﻈﻦ ﻳﺎ ﻟﻐﺖ ﺟﻮ ﮬﻀﻢ ﭤﻴﮡ ﻳﺎ ﮘﺮﮠ lexical density“ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﻟﮭﺠﻦ ﺟﻲ ﻧﺴﺒﺖ ڪﺠﮫ ﻭﮄﻳڪ ﻣﻠﻨﺪﻭ . ﺍﮬﻮ ﺋﻲ ﺳﺒﺐ ﺁﮬﻲ ﺟﻮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺍﺗﺮ ﻭﺍﺭﻥ ﻋﻼﺋﻘﻦ ﺟﺎ ﺩﻭﺳﺖ ﺟڏﮬﻦ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻳﺎ ﻻڙﻱ ﻣﺎﮢﮭﻦ ﺳﺎﻥ ڪﭽﮭﺮﻱ ڪﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ، ﺗﮧ ﮬڪ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ﻟﮭﺠﻲ ﺗﺎﻥ ﮐﻠﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ . ڪڏﮬﻦ ڪڏﮬﻦ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﻟﮭﺠﻦ ﻣﺎﻥ ﻣﺰﻭ ﻭﭠﻲ ﻭﭠﻲ ﺳﺎﻣﮭﻮﻥ ﻭﺍﺭﻱ ﮐﻲ ﭼڙ ڏﻳﺎﺭﮠ ﺑﮧ ﺍﺳﺎﻧﺠﻲ ﻋﺎﺩﺕ ﺁﮬﻲ .

ﺍﻥ ﺟﻲ ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻟﮭﺠﻦ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺋﻲ ﺍﺳﺎﻧﺠﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﮬڪ ﺷﺎﮬﻮڪﺎﺭ ﭔﻮﻟﻲ ﺗﺼﻮﺭ ڪﺌﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻲ . ﺍﻥ ڏﺱ ۾ ﺷﺎﮪ ﻋﺒﺪﺍﻟﻠﻄﻴﻒ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﺟﻲ ڪﻤﭙﻴﻮٽﺮ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻲ ﺍﺳﺘﺎﺩ ۽ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﻲ ﺍﺳڪﺎﻟﺮ ﮬﺪﺍﻳﺖ ﷲ ﺷﻴﺦ، ﺟﺎﻭﻳﺪ ﺍﺣﻤﺪ ﻣﮭﺮ ۽ ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﻣﻼﺡ ﺟﻮ ﮬڪ ﻣﻘﺎﻟﻮ 2013ﻉ ۾ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﻟﮭﺠﻦ ﺟﻲ ڊﺟﻴٽﻞ ﮀﻨڊﮀﺎﮠ ﺟﻲ ﻣﻮﺿﻮﻉ ﺗﻲ ﺷﺎﻳﻊ ﭤﻴﻮ، ﺟﻨﮭﻦ ۾ ﺍﻧﮭﻦ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﻭﭼﻮﻟﻲ ﻟﮭﺠﻲ ﮐﻲ ﻣﻌﻴﺎﺭﻱ ﻗﺮﺍﺭ ڏﻳﻨﺪﻱ، ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ڪﻞ ﻟﮭﺠﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪﺍﺩ 6 ﻟﮑﻴﻮ ﺁﮬﻲ. ﺍﻥ ﺗﺤﻘﻴﻖ ﺟﻲ ﺑﺮﻋڪﺲ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ، ﻋﺎﻡ ﻃﻮﺭ ﺭﻭﺍﺝ ﺍﮬﻮ ﺁﮬﻲ ﺗﮧ ﮬﺮ ﻟﮭﺠﻮ ﮘﺎﻟﮭﺎﺋﻴﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺋﻲ ﻟﮭﺠﻲ ﮐﻲ ﻣﻌﻴﺎﺭﻱ ﺳﻨﮅﻱ، ﺑﺎﻗﻲ ﭔﻴﻦ ﻟﮭﺠﻦ ﮐﻲ ﻏﻠﻂ ﻗﺮﺍﺭ ڏﻱ ﭤﻮ، ﺟﻴڪﺎ ﮬڪ ﻏﻠﻂ ﺭﻭﺍﻳﺖ ﺁﮬﻲ، ﺟﻨﮭﻦ ﺳﺎﻥ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﮐﻲ ﻧﻘﺼﺎﻥ ﺑﮧ ﭘﮭﭽﻲ ﺳﮕﮭﻲ ﭤﻮ. ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻟﮭﺠﻲ ۾ ﭘﮡ ﭔﻴﻦ ﻟﮭﺠﻦ ﺟﺎ ﺍﺛﺮ ڏﺳﺠﻦ ﭤﺎ ﺗﮧ ﮔڏﻭﮔڏ ﮄﺍﺭﻳﻦ ﭔﻮﻟﻴﻦ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﭘﮡ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻟﮭﺠﻲ ۾ ڪﭥﻲ ڪﭥﻲ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ . ﮬﻮﻧﺌﻦ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻮ ڪﮭڙﻭ ﺑﮧ ﻟﮭﺠﻮ ﮬﺠﻲ، ﺍﺳﺎﻥ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﻟﻔﻈﻦ ﺟﻲ ﺷﺎﮬﻮڪﺎﺭﻱ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺳﭛ ڪﺠﮫ ﭘﺎﮠ ۾ ﺳﻤﺠﮭﻴﻮ ﻭﭸﻮﻥ . ﺳﺎﮘﻲ ﺭﻳﺖ ﺍﺳﺎﻥ ڪﺎﺑﮧ ﮄﺍﺭﻱ ﭔﻮﻟﻲ ﺁﺳﺎﻧﻲ ﺳﺎﻥ ﮘﺎﻟﮭﺎﻳﻮ ﻭﭸﻮﻥ ﺟﻴڪﻮ ﺷﺎﻳﺪ ﺍﺳﺎﻧﺠﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﻲ ﺑﮕڙﺟﮡ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﺑﮣﺠﻲ ﭤﻮ . ﺍﺳﺎﻧﺠﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﺎ ﺳﭛ ﻟﮭﺠﺎ ﺩﻝ ﮐﻲ ﻭﮢﻨﺪڙ ﺁﮬﻦ، ﺟﻦ ﺟﻲ ﺑﻘﺎ ﻻﺀِ ﺍﺳﺎﻧﮑﻲ ﻋﻤﻠﻲ ﻭﮐﻮﻥ ﮐﮣﮡ ﮐﭙﻦ .

ڪﺠﮫ ﭔﻴﻦ ﭔﻮﻟﻴﻦ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﺑﮧ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻣﺎﺭﻭ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﻣﻨﻔﺮﺩ ﻟﮭﺠﻲ ۾ ﭼﻮﻧﺪﺍ ﺁﮬﻦ، ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﮧ ﺍﮬﻲ ﻟﻔﻆ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ۾ ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﺍﭼﻦ ﭤﺎ ﺗﮧ ﻓﻮﺭﻥ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ﺟﺎ ﺳﭛ ﻟﮭﺠﺎ ﺑﮧ ﺍﻧﮑﻲ ﻗﺒﻮﻝ ڪﻦ ﭤﺎ . ﻓﺎﺭﺳﻲ، ﻋﺮﺑﻲ، ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ ﺗﻮڙﻱ ﭔﻴﻦ ﭔﻮﻟﻴﻦ ﻣﺎﻥ ڪﺠﮫ ﺍﮬڙﺍ ﻟﻔﻆ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ۾ ﺁﻳﺎ ﺟﻴڪﻲ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻟﮭﺠﻲ ۾ ﺑﮧ ﺷﺎﻣﻞ ﭤﻲ ﻭﻳﺎ.

ﺟڏﮬﻦ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰ ﺳﻨﮅ ۾ ﺁﺋﻴﺎ ۽ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻥ ۾ ﺍﻧﮭﻦ ﺟﻲ ﺍﭺ ﻭﭶ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻲ ﺗﮧ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺗﻲ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻮ ﺍﺛﺮ ﭘﻮﮠ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻴﻮ . ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻥ ﻭﺍﺭﻥ ﺍﮬﻲ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ ﻟﻔﻆ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ۾ ﭼﻴﺎ . ﺍﻥ ﺟﺎ ڪﺠﮫ ﻣﺜﺎﻝ ﮬﻴﭟ ڏﺟﻦ ﭤﺎ : ﻻﺋﺒﺮﻳﺮﻱ ﮐﻲ ﻟﺌﺒﺮﻳﺮﻱ ﻳﺎ ﻟﺌﺒﺮﻱ، ڪﺎﻟﻴﺞ ﮐﻲ ڪﺎﻧﻠﻴﺞ، ﻻﺋﻴﻦ ﮐﻲ ﻟﻴﻦ ﻳﺎ ﻟﺌﻦ، ٽڪﻴٽ ﮐﻲ ٽڪﻴﻨٽ ﻳﺎ ٽڪٽ، ٽﺎﺋﻴﻢ ﮐﻲ ٽﺌﻴﻢ ﻳﺎ ٽﺌﻢ، ﻣﺎﺭڪﻴٽ ﮐﻲ ﻣﺎﻧﺮڪﻴٽ، ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﮐﻲ ﭘﺮﻭﭘﻴﺴﺮ، ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﮐﻲ ٽﻴﺸﻦ، ﻣﺌڊﻡ ﮐﻲ ﻣﻨڊﻡ، ڊﺍڪٽﺮ ﮐﻲ ڊﺍﻧڪٽﺮ، ڪﻮﺭٽ ﮐﻲ ڪﻮﻧﺮٽ ﻳﺎ ڪﻮﻧٽ، ٽﺎﻭﻝ ﮐﻲ ٽﻮﺍﻝ، ﻭﺍﭺ ﮐﻲ ﻭﺍﻧﭻ، ﺳﻮٽ ﮐﻲ ﺳﻮﻧٽ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﭼﻴﻮ ﻭﻳﻮ . ﺍﻧﮭﻦ ﻟﻔﻈﻦ ۾ ﮬﻮ ” ﻥ “ ﺟﻮ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﮔﮭﮣﻮ ڪﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ .
ﺍﺳﺎﻥ ﺍﻧﮕﻠﺶ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﭔﻴﻮ ﻧﻤﺒﺮ ﺟﻴڪﺎ ﭔﻮﻟﻲ ﺳﮑﻮﻥ ﭤﺎ ﻳﺎ ﭘڙﮬﻮﻥ ﭤﺎ ﺍﮬﺎ ﺁﮬﻲ ﻋﺮﺑﻲ . ﻋﺮﺑﻲ ﻟﻔﻆ ﺟﮭڙﻭڪ ڪﺎﮘﺮ ﻣﻄﻠﺐ ڪﺎﻏﺬ، ﻓﻴﻨﺼﻠﻮ ﻣﻄﻠﺐ ﻓﻴﺼﻠﻮ، ﻋﻘﻮﻝ ﻣﻄﻠﺐ ﻋﻘﻞ، ﻣﺴﻴﺖ ﻳﺎ ﻣﺴﺠﻴﺪ ﻣﻄﻠﺐ ﻣﺴﺠﺪ ﻭﻏﻴﺮﮦ ﺟﺎ ڪﺎﻓﻲ ﻟﻔﻆ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ ﺟﻦ ﮐﻲ ﭘﻦ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻥ ۾ ﭔﮅﻭ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ .
ﺳﻨﮅﻱ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﮬﻨﺪﻱ ﺑﮧ ﮬڪ ﻗﺪﻳﻢ ﭔﻮﻟﻲ ﺁﮬﻲ ﺟﻴڪﺎ ﺑﮧ ﮬﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺎﻣﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﺁﮬﻲ . ﻫﻨﺪﻱ ﺟﻲ ﻟﻔﻈﻦ ﺟﮭڙﻭڪ ﺳﻤﺎﭼﺎﺭ ﮐﻲ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻥ ۾ ﺳﻤﺎ، ﺍﻭﺳﻴﺌڙﻭ ﮐﻲ ﺍﻭﺳﻲ، ﭘﺎﻧﺪ ﮐﻲ ﭘﺎﻧﮅ، ﭘﺘﺮ ﮐﻲ ﭘٽ ۽ ﺍﻫﭹﺎﮠ ﮐﻲ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻥ ۾ ﺍﻭﻧﭹﺎﮠ ڪﺮﻱ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﻃﺮﻳﻘﻲ ﺳﺎﻥ ﭼﻮﻥ . ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﻋﻼﻭﮦ ﺗﺮڪﻲ ۽ ﻓﺎﺭﺳﻲ ٻﻟﻴﻦ ﺟﺎ ﻟﻔﻂ ﺑﮧ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ . جھڙﻭڪ ﺗﺮڪﻲ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﺎ ﭼﻨﺪ ﻟﻔﻆ ﺳﻨﮅﻱ ۾ ﺁﻳﺎ ﺗﻦ ﻣﺎﻥ، ﭼﺎﻗﻮ ﮐﻲ ﭼﺎﻧﻘﻮ، ﭼﺎﻕ ﮐﻲ ﭼﺎﻧﻖ، ﻗﻠﻲ ﮐﻲ ﻗﻮﻟﻲ ﻭﻏﻴﺮﻩ ڪﺮﻱ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻟﮭﺠﻲ ۾ ﭼﻴﺎ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ . ﺟڏﮬﻦ ﺗﮧ ﻓﺎﺭﺳﻲ ﻣﺎﻥ ﮬﻀﻢ ﭤﻴﻞ ﭼﻨﺪ ﻟﻔﻈﻦ ﺟﺎ ﻣﺜﺎﻝ ﮬﻲ ﺁﮬﻦ؛ ﻣﺮﺩﺍﻧﮧ ﮐﻲ ﻣﺮﺩﺍﮢﻮ، ﺯﻧﺎﻧﻮ ﮐﻲ ﺯﺍﺋﻔﺎﮢﻮ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﻭﻏﻴﺮﮦ . ﺍﮬﺮﻱ ﺭﻳﺖ ﺍﻧﮭﻦ ﻳﺎ ﭔﻴﻦ ﭔﻮﻟﻴﻦ ﺟﺎ ﺳﻮﻳﻦ ﻣﺜﺎﻝ ﺍﭲ ﺑﮧ ﺍﺳﺎﻧﮑﻲ ﺳﻨﮅﻱ ۾ ﻣﻠﻨﺪﺍ ﺟﻴڪﻲ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻟﮭﺠﻲ ۾ ﭘﮡ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﻣﻠﻨﺪﺍ .

ﺍﻧڪﺮﻱ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﻨﮅﻱ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻟﮭﺠﻲ ﮐﻲ ﺑﮧ ﻭﮄﻳڪ ﺑﭽﺎﺀُ ﮐﭙﻲ ﺟﻨﮭﻨﺠﺎ ﮬﺎﮢﻲ ﺳﭛ ﻟﻔﻆ ﻧﺎﻳﺎﺏ ﻟﮙﻦ ﭤﺎ . ﺍﮬڙﻥ ﻧﺎﻳﺎﺏ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻟﮭﺠﻲ ﺟﺎ ﺍﺻﻄﻼﺡ، ﭘﮭﺎڪﺎ، ﭼﻮﮢﻴﻮﻥ ﻳﺎ ﻋﺎﻡ ﻟﻔﻆ ﺟﻴڪﻲ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﮐﺎﻥ ﺭﺍﻗﻢ ﭔﮅﺍ، ﺍﮬﻲ ” ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻮ ﺗﻴﺌﻦ “ ﮬﺘﻲ ﻟﮑﺠﻦ ﭤﺎ ﺟﻴڪﻲ ﺍﻳڪﻴﮭﻴﻦ ﺻﺪﻱﺀَ ۾ ﻭﻗﺖ ﺟﻲ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﺁﮬﻲ ﺗﮧ ﻣﺤﻔﻮﻅ ﺑﮧ ڪﺠﻦ .
ڪﭵﺎڙﻭ: ﮬﻦ ﻟﻔﻆ ﺟﻲ ﻣٽﻲ ﻣﺎﺋٽﻲ ﻓﺎﺭﺳﻲ ﺟﻲ ﻟﻔﻆ ڪﺠﺎ ﺳﺎﻥ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﮭﻨﺠﻮ ﻣﻄﻠﺐ ﺁﮬﻲ ﮀﺎ .
ﺩﮢﻴﺎ: ﺩﻧﻴﺎ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﻮ ﻧﺞ ﻟﻔﻆ ﻧﺎﮬﻲ . ﻧﺞ ﺳﻨﮅﻱ ﻣﺎﺭﻭ ﮬﻦ ﻟﻔﻆ ﮐﻲ ﺩﮢﻴﺎ ڪﺮﻱ ﭼﻮﻧﺪﺍ ﺁﮬﻦ .
ﺷﺖ: ﺷﺎﻳﺪ ﻟﻔﻆ ﮐﻲ ﮬﺘﺎﻥ ﺟﺎ ﻣﺎﺭﻭ ﺷَﺖَ ﭼﻮﻧﺪﺍ ﺁﮬﻦ .
ﺍﺋﯿﻦ ڪﮧ : ﺍﺋﯿﻦ ﺁﮬﻲ ﮀﺎ؟ ﮐﻲ ﮬﺘﻲ ﺍﺋﯿﻦ ڪﮧ ﭼﻮﻧﺪﺍ ﺁﮬﻦ .
هٽوچ: ﮬﺘﻴﺖ، ﺟﻲ ﺑﺪﻟﻲ ﻡِ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ . ﮬﻲ ﻟﻔﻆ ﻋﺠﺐ ﺟﻲ ڪﻴﻔﻴﺖ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﮐﻞ / ﺧﻮﺷﻲ ﻳﺎ ﻣﺬﺍﻕ ﻣﺸڪﺮﻱ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﻡِ ڪﻴﻞ ڪﻴﻔﻴﺖ ﮐﻲ ﻇﺎﮬﺮ ڪﺮﻱ ﭤﻮ .
ﮐﺎﻳﺎﺭ: ﮔﮭﮣﻮ ﮐﺎﺋﯿﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﮭﻮ
ﮐﺎﮄﻱ ﺟﻮ ﻣﺰﻭﺭ؛ڱذ ﺳﭡﻮ ﮐﺎﮄﻭ ﺷﻮﻕ ﺳﺎﻥ ﮐﺎﺋﮡ ﻭﺍﺭﻭ.
ﮬﺎﺋﻮ: ﮬﺎ ﮐﻲ ﮬﺘﻲ ﮬﺎﺋﻮ ﻳﺎ ﮬَﺌﻮ ڪﺮﻱ ﺍﭼﺎﺭﻳﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ
ﺍﮘﺖ: ﺍﮘﺘﻲ ﮐﻲ ﮬﺘﻲ ﺍﮘﺖ ﭼﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ .
ﺩﻡ ﺳﺎﺕ: ﺍﺻﻞ ﻟﻔﻆ ﺩﻡ ﺳﺎﻋﺖ ﺁﮬﻲ ﭘﺮ ﮬﺘﻲ ﺍﻧﮑﻲ ﺩﻡ ﺳﺎﺕَ ﻳﺎ ﺩﻣﺴﺎﺕَ ڪﺮﻱ ﭼﻮﻧﺪﺍ ﺁﮬﻦ
ﮬﻴﻦ ڪَﮧ / ﺍﺋﯿﻦ ڪﮧ: ﮬﻦ ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ ﺍﺋﯿﻦ ﺁﮬﻲ ﮀﺎ؟
ﮐِﺮَ ﮐﺎﻧٽﻲ: ﺟڏﮬﻦ ﻣﻴﻨﮭﻦ ﮔﮭٽ ﻣﻘﺪﺍﺭ ۾ ﭘﻮﻱ ﺗﮧ ﺍﻥ ﻻﺀِ ﮬﻲ ﻟﻔﻆ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﭤﻴﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ .
ﮀَڙَڪﻮ: ﺗڪڙﻭ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪﺍ ﺁﮬﻦ .
ﭰٽﭱٽﻴﻮ: ﻣﻮٽﺮ ﺳﺎﺋﻴڪﻞ ﮐﻲ ﭼﻮﻥ
ﺳﻴڪﻞ: ﺳﺎﺋﻴڪﻞ ﮐﻲ ﭼﻮﻥ .
ڪﻢ ﭤﻴﻮ ڪٽﻠﻲ: ﻣﻄﻠﺐ ڪﻢ ﺧﺮﺍﺏ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ
ﭘِٽَ، ﭘﺎﺭﺍﺗﻮ: ﻣﻄﻠﺐ ﺑﺪﺩﻋﺎ
ﭰﺮﺟﻲ ﻭﻳﻮ ﺷﻞ: ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻋﻮﺭﺗﻦ ﺟﻮ ﻣﺸﮭﻮﺭ ﭘﺎﺭﺍﺗﻮ، ﺑﺪﺩﻋﺎ
ﺷﻞ ڪﻮ ﺑﺎﮪ ﻟﮙﻴﺲ: ﮬﻲ ﻣﺤﺎﻭﺭﻭ ﭘﮡ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻥ ﺟﻮﻥ ﻋﻮﺭﺗﻮﻥ ﻋﺎﻡ ﻃﻮﺭ ﮐﻞ ﭜﻮﮖ ۾ ﺑﮧ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﻨﺪﻳﻮﻥ ﺁﮬﻦ ﺗﮧ ﭘﺎﺭﺍﺗﻲ ﻃﻮﺭ ﺑﮧ .
ﻧﻴﺲ ﷲ: ﻣﻄﻠﺐ ﺷﻞ ﷲ ﻭٽ ﻭﭸﻲ، ﺷﻞ ﻣﺮﻱ !
ﺍﺋﻲ: ﻣﻄﻠﺐ ﭔڪﺮﻱ
ﻭﺍڙ: ﻣﻄﻠﺐ ﻟﻮڙﮬﻮ
ﮂﻧﮕﺮ: ﻣﻄﻠﺐ ﻭﮢﻦ ﻳﺎ ٻوٽﻦ ﺟﺎ ﺳڪﻞ ﻳﺎ ﺳﺎﻭﺍ ڪﭽﺮﺍ ﺟﻴڪﻲ ﻋﺎﻡ ﻃﻮﺭ ﻭﺍٽﻮڙﻱ ﮐﻲ ﻟﻨﮕﮭﮡ ﻧﺎﮬﻦ ڏﻳﻨﺪﺍ .
ﺑﻮﻟﻮ، ﻧﭣ: ﮬﻲ ﺯﻳﻮﺭ ﺁﮬﻦ ﺟﻴڪﻲ ﻋﻮﺭﺗﻮﻥ ﻧڪ ۾ ﭘﺎﺋﻴﻨﺪﻳﻮﻥ ﺁﮬﻦ .
ﮘﺎڙﮬﻮ ﮔﮭﺮ: ﺍﮬﺮﻭ ﮔﮭﺮ ﺟﻴڪﻮ ﺷﺎﺩﻱ ﺟﻲ ﻭﻗﺖ ﮔﮭﻮٽ ﮐﻲ ﮐﭙﻦ ﻣﺎﻥ ﺭﻧﮝﻲ ﭠﺎﮬﻲ ﺍڏﻱ ڏﺑﻮ ﺁﮬﻲ ﺟﺘﻲ ﻧﺌﻮﻥ ﺟﻮڙﻭ ﮬڪ ﮬﻔﺘﻮ ﮔڏ ﺭﮬﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ .
ﺳﺎﺗﺎڙﻭ: ﺍﮬڙﻭ ﻣﺎﻧﺠﮭﺎﻧﺪﻭ ﺟﻨﮭﻦ ۾ ﮔﮭﻮٽ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ڪﻨﻮﺍﺭ ﺟﻲ ﻋﺰﻳﺰﻥ ﻭٽ ﻭﭸﻲ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺳﺆٽﻦ ﻣﺎﺳﺎﺗﻦ ﻳﺎ ﻋﺰﻳﺰﻥ ﺳﺎﮠ ﮔڏﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﻲ ﺟﻨﮭﻨﺠﻮ ﺍﻧﺘﻈﺎﻡ ﺳﺲ ﻳﺎ ﺳﮭﺮﻭ ڪﺮﻱ .
ﻧﻴﺌﮡ: ﻣﻄﻠﺐ ﮐﮣﻲ ﻭﭸﮡ ﻳﺎ ﮐﮣﻲ ﮬﻠﮡ .

ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﻋﻼﻭﮦ ڪﺎﻓﻲ ﻟﻔﻆ، ﭼﻮﮢﻴﻮﻥ ۽ ﻣﺤﺎﻭﺭﺍ ﺍﮬڙﺍ ﻣﻠﻨﺪﺍ، ﺟﻦ ﮐﻲ ﭔﮅﻱ ﺍﺋﻴﻦ ﻟﮙﻨﺪﻭ ﭴﮡ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻮ ﺑﮕﺎڙ ﺁﮬﻦ، ﭘﺮ ﺣﻘﻴﻘﺖ ۾ ﺍُﮬﻲ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻟﮭﺠﻲ ﺟﺎ ﻭﺍﺿﺢ ﻓﺮﻕ ﺁﮬﻦ . ﺗﻨﮭﻦ ﮬﻮﻧﺪﻱ ﺑﮧ ﺍﻥ ڏﺱ ۾ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﺑﮕﺎڙ ﺟﻲ ﺷڪ ﮐﻲ ﮬﺮﮔﺰ ﺭﺩ ﻧﮧ ﭤﻮ ڪﺮﻱ ﺳﮕﮭﺠﻲ ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﮧ ﻟﻔﻈﻦ ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﺳﺎﻥ ﮔڏﻭﮔڏ ﻭﻳﺎڪﺮﮠ ‏(ﮔﺮﺍﻣﺮ ) ﺍﻧﺪﺭ ﺟﻴڪڏﮬﻦ ﺭﺩﻭﺑﺪﻝ ﮬﺠﻲ ﺗﮧ ﺍﻧﮑﻲ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻮ ﺑﮕﺎڙ ﺳڏﺑﻮ ﺟﻴڪﻮ ﻭﻗﺖ ﺟﻲ ﺭﺩﻭﺑﺪﻝ ۽ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﺳﭵﺎﮠ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﻟﮙﺎﺗﺎﺭ ﺟﺎﻧﭻ ﺭﮐﻲ ﻟﮑﮡ ﺟﻲ ﺫﺭﻳﻌﻲ ﮔﮭٽﺎﺋﻲ ۽ ﺳﮅﺍﺭﻱ ﺳﮕﮭﺠﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﺍﻥ ۾ ڪﻨﮭﻦ ﮬڪ ﻓﺮﺩ ﻣﭥﺎﻥ ﭜﺎڙﮠ ﻏﻠﻂ ﺁﮬﻲ، ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﮧ ﺍﮬﻮ ﺍﺳﺎﻥ ﺳﭝﻨﻲ ﺟﻮ ﻗﻮﻣﻲ ﻓﺮﺽ ۽ ڪﻢ ﺁﮬﻲ ﺗﮧ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﺑﭽﺎﺀُ ﻻﺀِ ﮬﺮ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﭘﻨﮭﻨﺠﻮ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺩﺍ ڪﺮي.

ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ڪﺎﺭﻭ ﺟﺒﻞ ﺳﺎﻥ ﻻﮘﺎﭘﻴﻞ ﻣﺎﺭﻭﺋڙﻥ ﻣﺎﻥ ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﭘﮭﺮﻳﻦ ﮬﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﮭﻮﺭ ﺍﺳﺘﺎﺩ ۽ ﺍﺩﻳﺐ ﻋﺒﺪﺍﻟﻌﺰﻳﺰ ﺟﻮﮐﻴﻮ ۽ ﺍن کان ﺑﻌﺪ ۾ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﻟﻴﺎﺱ ﮬﻤﻐﻢ ﺟﻮﮐﻴﻮ 1950ﻉ ﺟﻲ ڏﮬﺎڪﻲ ۾ ﻣﺎﮬﻮﺍﺭ ”ﻧﺌﻴﻦ ﺯﻧﺪﮔﻲ“ ، ”ﺍﺧﺒﺎﺭ ﺗﻌﻠﻴﻢ“ ۽ ﭔﻴﻦ ﺭﺳﺎﻟﻦ ۾ ﮬﺘﻲ ﺟﻲ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﺳﺎﻥ ﮔڏﻭﮔڏ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﻴﻮ ،ﺟﻨﮭﻦ ﺑﻌﺪ ﺟﮗ ﻣﺸﮭﻮﺭ ﻋﺎﻟﻢ ڊﺍڪٽﺮ ﻧﺒﻲ ﺑﺨﺶ ﺑﻠﻮﭺ ﭘﮡ ڪﺎﺭﻭ ﺟﺒﻞ ﺟﻲ ﻣﺎﺭﻭﺋڙﻥ ﺳﺎﻥ ﻣﻠﮡ ﺁﻳﻮ ﮬﻮ .

ڪﻮ ﺯﻣﺎﻧﻮ ﮬﻮ ﺟﻮ ڪﺎﺭﻭ ﺟﺒﻞ ﺟﻲ ﮘﻮﭞ ﻣﺎﻟﻤﺎڙﻱ ۾ ﮬﺮ ﻓﺮﺩ ﺍﺩﻳﺐ، ﺷﺎﻋﺮ ﻳﺎ ﺗﺎﺭﻳﺨﺪﺍﻥ ﭤﻴﮡ ﺟﻮﻥ ڪﻮﺷﺸﻮﻥ ڪﻨﺪﻭ ﮬﻮ، ﺍﭲ ﺳﺎﮘﻴﺎ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﮐﺎﻥ ﭘﺮﻱ ﭤﻲ ﺭﮬﻴﺎ ﺁﮬﻦ، ﺧﺎﺹ ڪﺮﻱ ﻧﺌﻴﻦ ٽﮭﻲ ﺗﮧ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﺟﻲ ﺍﻟﻒ ﺏ ﮐﺎﻥ ﺑﮧ ﻭﺍﻗﻒ ﻧﺎﮬﻲ . ﺟﻴڪڏﮬﻦ ﺍﮬﺎ ﺻﻮﺭﺗﺤﺎﻝ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺭﮬﻲ ﺗﮧ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻧﻲ ﻟﮭﺠﻮ ﭘﮡ ﮬﺘﺎﻥ ﻟڏﻱ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﮧ ڪﺎﺭﻱ ﺟﺒﻞ ﺟﻲ ﮬڪ ﭘﺎﺳﻲ ﺑﺤﺮﻳﺎ ٽﺎﺋﻮﻥ، ﻣﻠﻴﺮ ڪﺮﺍﭼﻲ ﺟﻲ ﻣﮭﺎﮘﻲ ﮐﻲ ﮘڙڪﺎﺋﻲ ﻣﺴﺘﻘﺒﻞ ﻗﺮﻳﺐ ۾ ﮬﺰﺍﺭﻳﻦ ﻣﺎﮢﮭﻦ ﮐﻲ ﺭﮬﺎﺋﻲ ﮬﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺎﻣﻲ ﺁﺑﺎﺩﻱ ﮐﻲ ﺍﻗﻠﻴﺖ ۾ ﺗﺒﺪﻳﻞ ڪﺮﮠ ﺟﺎ ﺳﺎﻧﭝﺎﮬﺎ ڪﺮﻱ ﺍﮘﺘﻲ ﻭﮄﻱ ﺭﮬﻴﻮ ﺁﮬﻲ ﺗﮧ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﮭﻤﭙﻴﺮ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺩﻳﮭﻦ ﺟﻮﻥ ﺯﻣﻴﻨﻮﻥ ﻣﺨﺘﻠﻒ ڏﻳﮭﻲ ﺗﻮڙﻱ ﭘﺮڏﻳﮭﻲ ڪﻤﭙﻨﻴﻮﻥ ﺧﺮﻳﺪ ڪﺮﻱ ﺍﺗﻲ ﭘﻦ ﺑﺠﻠﻲ ﺳﻤﻴﺖ ﭔﻴﺎ ڪﺎﺭﻭﺑﺎﺭ ڪﺮﮠ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﺎ ﺁﮬﻦ . ﺍﮬڙﻱ ﺻﻮﺭﺗﺤﺎﻝ ۾ ﻧﮧ ﺻﺮﻑ ڪﻮﮬﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﺁﺑﺎﺩﻱ ﮐﻲ ﺧﻄﺮﻭ ﺁﮬﻲ، ﭘﺮ ﮬﺘﻲ ﺟﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﮐﻲ ﺑﮧ ﻭڏﻭ ﺧﻄﺮﻭ ﺁﮬﻲ .

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close