ڀنڀور شھر جي قدامت

آصف رضا موريو

توڙي جو ڀنڀور سنڌ جي رومانوي ۽ ديومالائي ڪهاڻين جو مرڪز رهيو آهي پر ايليٽ جو چوڻ آهي تہ “ڀنڀور سنڌ جي قديم تاريخي مسودن ۾ ڪونہ ٿو ملي“. سندس بيان جي ابتڙ هينري ڪزنس جو چوڻ آهي تہ “سنڌ جا ماڻهو درياھ جي ان وقت واري وهڪري ۽ شهر جي علائقن کي نظر ۾ رکندي ان شهر (ڀنڀور) کي گهڻو پراڻو سمجهندا آهن ۽ جيستائين اسان جي طرفان ان جي آثارن کي تلاش ڪرڻ جو تعلق آهي، تہ اهڙي بندرگاھ جو اليگزينڊر جي هندستان تي حملي ڪرڻ جي وقت موجود هجڻ جا ڪيترائي امڪان موجود آهن.“

حقيقت ۾ ڀنڀور هڪ قديم شهر آهي، جنهن جو ذڪر مختلف تاريخي ڪتابن ۾ ڪثرت سان ملي ٿو.  يوناني ڪتابن ۾ لکيل آهي، تہ جڏهن اليگزينڊر مقدوني سنڌ تي حملو ڪيو هيو، تڏهن عربي سمنڊ جي ويجهو پاتال بندر مشهور هيو.  جيڪو اصل ۾ ڀنڀور ئي هيو. سنڪنگ ۾ کوٽان نالي هڪ علائقو هو جيڪو پهرين صدي عيسويءَ ۾ ايران، يونان، چين ۽ هندستان جي قافلن جو تجارتي پڙاء هئڻ جي ناتي انهن جي تهذيبي رابطن جو اهم مرڪز پڻ مڃيو ويندو هو.  هتان کان ٻين شين کان علاوه چين جو ريشم به روم موڪليو ويندو هو جيڪو ڪاشغر ۽ چترال کان سنڌو درياھ ذريعي ڀنڀور جي بندرگاھ کان چاڙهيو ويندو هيو. قديم ڪتابن جي آڌار ڪاشغر ۽ ڀنڀور واري ان تجارتي رستي کي ان وقت “سنڌو ريشم” رستو ڪوٺيو ويندو هو.

جناب ايم ايڇ پنهور جو خيال آهي تہ “سنڌو ماٿريءَ جو ريشم وارو رستو سڀ کان ننڍو تجارتي رستو هوندو هيو. ڪشن حڪمرانن جو سنڌ جي لاڙ وارين بندرگاهن تي ضابطو ڪونہ هيو، ڇو تہ ان زماني ۾ ڏاکڻئين سنڌ تي پارٿين ۽ سٿين جي حڪمراني هئي. ان الجهيل صورتحال ۾ ڪشن فوجي جٿن سنڌ طرف ايندڙ تجارتي رستن ۽ تجارتي مال جو رخ موڙي ڇڏيو هيو. ان ڪري آهستي آهستي ٽين صدي تائين اهو رستو ويران ٿي چڪو هو“

ايران جي قديم تاريخ ۾ لکيل آهي تہ “ ايران ۾ دريڪ نالي سڪا رائج هوندا هيا، جيڪي سنڌ کان آيل خالص سون منجهان تيار ڪيا ويندا هئا.“

انهيءَ دور ۾ ساسانين، پارٿين کي هتان ڀڄائي ڪڍيو هيو.  جيئن تہ ڪشن سلطنت به زوال پذير ٿي رهي هئي، ان ڪري انهن کي به تارم وادي مان نڪري وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو. روم ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيندڙ خونريز جنگين سبب خشڪيءَ جا تجارتي رستا ويران ٿي ويا، تہ چينين  انهن کي استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ سامونڊي رستا واپرائڻ شروع ڪيا.

50 سال قبل مسيح کان 150 سال قبل مسيح واري دور جي مشهور مصنفن جهڙوڪ ٽالمي يا آسٽريبو جنهن بادشاھ آگسٽس جي چوڻ تي “جاگرافي”  نالي ڪتاب لکيو يا پليني جنهن نيرو جي چوڻ تي “نيچرل هسٽري” ڪتاب لکيو ۽ نيسپاشين جنهن “پيريپلس آف ايريٿرين” جهڙي مشهور تصنيف لکي. انهن ڪتابن کان علاوه ان دور جي کوڙ تصنيفن جي مطالعي سان سنڌ جي قديم تجارت متعلق ناقابل ترديد معلومات ملن ٿيون تہ “تجارتي مال خشڪيءَ تي اٺن ذريعي ۽ پاڻي تي ٻيڙين ذريعي مصر جي آرسينو(سويز)، ميوس، هورموس يا بيرنس جي بندرگاهن تي پهچندو هيو، جتان کان وري جهازن وسيلي صوماليہ جو سامونڊي ڪنارو وٺي اندلس پهچايو ويندو هيو. ان کانپوءِ اتان کان ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ جي ساحلي بندر اهل موضا کان ٿيندي آسيلا (اوسيلا) طرف روانو ڪيو ويندو هيو، جتان جهاز مٺو پاڻي وٺندا هئا ۽ وري باب المندب جو چڪر هڻي بودامون (موجوده عدن) ۾ لنگر انداز ٿيندي جهاز سڌو ڀنڀور طرف آندا ويندا هئا، جيڪا سنڌو درياھ جي ڇوڙ تي سامونڊي بندرگاه هوندي هئي.”

پراڻن ڪتابن جو مطالعو ٻڌائي ٿو تہ “جهازن کي عدن کان ڀنڀور تائين پهچڻ ۾ 20 ڏينهن لڳندا هئا”.
پليني لکي ٿو تہ “هتي تجارت تي 5 سئو 50 ملين سيسٽرسز (چاندي جا رومي سڪا) جيترو سون ادا ڪيو ويندو هيو.”  هي هندستان جي ان تجارتي مال جي قيمت هئي، جيڪو ڀنڀور جي بندرگاه کان ڏيساور طرف موڪليو ويندو هو.

چوٿين صديءَ جي شروعات ۾ چين جا خانہ بدوش هن  (Hun) باشندا اولھ پاسي وڌڻ لڳا، جيڪي ڪنهن هڪ جڳهہ جاءِ تي ڳوٺ يا گهر ٺاهي ويهڻ وارا ڪونہ هيا، بلڪہ انهن جون آباديون اڄ هِتي سڀاڻي هُتي جي هجرتي بنيادن تي آباد هونديون هيون. هي جنگجو ماڻهو هئا جن لڙاين ۾ گپت ۽ بازنطيني ماڻهن جا ڏند بہ کٽا ڪري وڌا هيا. هو فرانس، اسپين، اٽلي، قستنطنيه ۽ يونان ۾ به پنهنجي تخريبي معاملن ذريعي تجارتي رستن کي ويران ڪري قافلن کي لٽيندا ڦريندا رهندا هيا.  آخرڪار انهن پنهنجي ظالماڻي ڪارروائين جو مرڪز اسڪندريہ جي تجارت کي بڻايو جتي سندن حرڪتن ڪري بندرگاهن ۽ بازارن ۾ راڪاس گهمي ويو.  ايشيا ۽ يورپ جي تجارتي مرڪزن جي انهن هٿان تباهي جو اثر اهو ٿيو تہ تجارت عربن جي هٿ اچڻ سان انهن جا وارا نيارا ٿي پيا. ايٿوپيا جي عدول بندرگاھ ترقي ڪندي ڪندي تجارت جو اهم مرڪز بڻجي وئي. عربن کانپوءِ تجارتي دنيا تي ايرانين قبضو ڪيو جن جو تعلق هندستان جي تجارتي مال سان هوندو هيو ۽ هتان جي تجارت تي پرتگالين جي هٿ اچڻ تائين اها ئي صورتحال رهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close