سنڌي ڪھاڻي جي سڃاڻپ، نسيم احمد کرل.

تحرير: عزيزالله خاصخيلي (ميرپورخاص)

سنڌي ڪهاڻين جي حوالي سان بحث تمام پراڻو آهي ته سنڌ ۾ ڪهاڻي هن وقت ڪهڙي حالت ۾ آهي، گذريل وقت ۾ ڪهڙي حالت ۾ هئي ۽ ايندڙ وقت ۾ ڪهڙي حالت ۾ هوندي. انهي حواليءَ سان وقت بوقت ٻوليءَ، پلاٽ، فن ۽ سنڌ جي ڪهاڻين ۾ تبديلي ٿيندي رهي آهي.

جديد سنڌي ڪهاڻين جي حوالي سان نسيم احمد کرل کي سنڌي ڪهاڻيڪاريءَ جو ابو چيو وڃي ٿو. نسيم احمد کرل 29 جون 1939ع تي اڳوڻي ڳوٺ خيرپور رياست جي ڳوٺ ”کرل“ تعلقي گمبٽ ۾ پيدا ٿيو ۽ بدقسمتي سان 14 جولاءِ 1978ع تي قتل ڪيو ويو.

تاريخ ان ڳالھ جي گواھ آهي ته سنڌ جي سچي بهادر پٽن اڪثر کي قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ ان قتلن کي الگ الگ شڪليون ڏنيون وڃن ٿيون. ان شڪلين جا نالا هتي لکڻ مناسب ناهي ڇو ته هتي سوال ڪرڻ تي سزا ملي سگھي ٿي.

نسيم احمد کرل سنڌ جو هڪ اهڙو ليکڪ هو جنهن جي وفات کان پوءِ سندس ڪيترائي مضمون 1984ع تائين شايع ٿيندا رهيا. سنڌ جو ڪو به اهڙو اديب، دانشور، استاد يا شاگرد ناهي جنهن نسيم احمد کرل جون ڪهاڻيون نه پڙهيون هجن. نسيم احمد کرل صرف ڪهاڻيون ڪونه لکيون بلڪي هن افسانا، ڪالم ۽ مضمون پڻ لکيا.

نسيم احمد کرل پرائمري تعليم 1944ع کان 1945ع دوران پرائمري اسڪول عبدالڪريم کرل ۽ سيڪينڊري تعليم گورنمينٽ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ 1948ع کان 1955ع تائين حاصل ڪئي. مئٽرڪ آٽس 1955ع ۾ ڏنائين ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ مسلم ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. 1959ع گريجوئيشن پاس ڪيائين.

ڪاليج جي پڙهائي دوران پروفيسر اياز قادري ۽ پروفيسر غلام مصطفيٰ شاھ سندس استاد رهيا. پروفيسر اياز قادر پنهنجي شاگرد (نسيم احمد کرل) جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته؛ ”ان وقت ايس. ايم ڪاليج پهرين سال آرٽس ۾ ٽي شاگرد اهڙا هئا جن کي پنهنجي ٻوليءَ سان محبت ۽ لکڻ جي لاءِ شوق هو. اهي ھئا جمال رند، خواجه سليم ۽ نسيم کرل. آئون ٽنهي شاگردن کي سنڌي ادبي بورڊ وٺي آيس. اڳتي هلي ٽنهي شاگردن سنڌي ڪهاڻي ۾ چڱو نالو ڪمايو.“

ڪاليج ڇڏڻ کان پوءِ نسيم احمد کرل باقاعده ڪهاڻيون لکڻ جي شروعات ڪئي. 1992ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران خيرپور ۾ ”ڪهاڻي ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ نامياري ليکڪ عبدالقار جوڻيجو پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته ”مان ٻاهرين ادب ۾ ڪهاڻي جو ابو چيخوف کي سمجھندو آهيان، عالمي طرح هن جھڙي ڪهاڻي ڪوبہ ڪونه لکي سگھيو آهي اردو ادب ۾ منهنجي خيال ۾ سعادت حسين منٽو تي اچي ڪهاڻي بيهي ٿي وڃي. اهڙي نموني سنڌي ڪهاڻي جو وڏو ڪهاڻيڪار ’نسيم کرل‘ کي ٿو سمجھان. مختصر ڪهاڻي بابت منهنجي راءِ اهيا آهي ته عالمي طور تي ٻاهرين ڪهاڻي کي ٽي. بي ٿي پئي ۽ چيخوف سان گڏ ان جو انت ٿي ويو. اردو ڪهاڻي گھڻو شراب پي خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ ڪهاڻي کو گولي هنئي وئي“

عبدالقادر جوڻيجو جي انهي راءِ سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان وڏي بحث جي شروعات ڪري ڇڏي ۽ سنڌي ڪهاڻين تي مختلف زاوين کان بحث ڪيو ويو.

نسيم کرل جي ڪهاڻين ۾ استعمال ٿيندڙ تشبيهن جي حوالي سان سنڌيءَ جو هاڪاري عالم پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته ”نسيم تشبيهون ۽ لفظن جي سلسلي ۾ ڇڙو ٻهراڙيءَ جي زبان تي قبضو رکي ڄاڻي، پر منجھس ٻهراڙي ۽ شهري زندگي جو هڪ ئي وقت ۾ عجيب و غريب امتزاج آهي. شهرن جي فيشن ايبل تشبيهن تي پڻ کيس اوتري ئي قدرت حاصل آهي.“

نسيم احمد کرل جي افساني جي جائزو وٺندي برک نقاد رسول بخش پليجو لکي ٿو ته ”نسيم کرل سنڌي افساني کي ٻه مکيه ڳالهيون ڏنيو آهن. ڳالھ جي ڪاريگري واري وڍ وئيٽ ۽ سلائي ۽ سنڌي محاورا.“

تنوير عباس نسيم احمد کرل بابت پنهنجي لفظن ۾ لکي ٿو ته ”ڪي ڪهاڻيوث جديد سوسائٽي جي پوري ۽ مصنوعي ماحول تي پڻ لکيون اٿئين. ان ۾ وڏن ماڻهو جي مصنوعي حياتي ۽ سندن اخلاقي پستيءَ جو سهڻو نقشو چٽيو اٿائين. نسيم هڪ پاسي ٻهراڙي جي سماج جي اونهاين تي وڃيو پهچي ته ٻئي پاسي وري ڪاموري شاهي جي اندر ليئو ٿو پائي. ٻنھي سماج کان ڪوهين پري، پر تڏهن به ٻنهي جي ٺهڪندڙ تصوير چٽڻ ۾ هيءَ ڪمال ڪريو ڇڏي.“

عبدالقادر جوڻيجي جي راءِ ”گولي لڳي“ کان پوءِ طارق اشرف لکي ٿو ته ”نسيم احمد کرل جي وڃڻ سان سنڌي ڪهاڻيءَ جو هڪ باب پورو ٿيو، جيڏيون شاندار بلڪ شاهڪار ڪهاڻيون نسيم کرل لکيون، سنڌي ۾ گھٽ ڪهاڻيڪارن اهڙيون ڪهاڻيون لکيون آهن. مان اهو چوندس ته سندس ڪهاڻين ۾ جيڪي خوبيون آهن، اهي خوبيون سنڌي جي گھٽ ڪهاڻين ۾ ملنديون. نسيم جي ٻوليءَ شاندار ۽ پلاٽ جي چونڊ لاجواب ۽ ٿيم بهترين، تنهن کان علاوه گھرائپ پختگي هڪ هڪ لفظ توريل تڪيل آهي.“

نسيم کرل جي ڪهاڻين جا ٽي مجموعا شبنم شبنم ڪنول 1968ع ۾، چوٽيهون در 1973ع ۾ ۽ ٽيون ڊمي شايع ٿيل آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ نسيم احمد کرل جھڙا ڪهاڻيڪار ۽ تخليقار تمام گھٽ آهن جيڪي پنهنجي فن ۾ پاڻ مڃرائيندا آهن.

مرنداسين ته کڻي وينداسين، هڪڙي دل بيتاب

تنهن سان گڏ ڪي گيت اڌورا ۽ اڻپور خواب.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close