7 آگسٽ تي بدر ابڙي ۽ رخمان گل پالاري سان ھنگلاج وڃڻ جو پروگرام ھو. اسان نادرن بائي پاس تان بدر کي کڻي، منگھي پير لڳ حب ڊيم روڊ تان ھمدرد يونيورسٽي کان ٿيندا، بند مراد وٽان حب پار ڪري ، ساڪران واري علائقي ۾ آياسين. حب چوڪي ۾ ايڊووڪيٽ غلام رسول اڱاريو کي کڻڻو ھو.
ھن رستي تان اچڻ جو مقصد اھو ھو ته ساڪران ۾ مون ڪجهہ سال اڳ روڊ سان لڳ لوڻين جي جھنگ ۾ ھڪ کتل روھي ڏٺي ھئي، اھا بدر ابڙي کي ڏيکارڻي ھئي. بدر کي نه ٻڌايم ، ان ڪري جو مون سوچيو ته ھن کتل روھي تان پئون بہ الائي نہ، پر قسمت چڱي ھئي جو اسان ھن روھي تائين آسانيءَ سان پھچي وياسين.
روھي سان لڳ جھنگ صاف ڪيل ھو ، ھڪ جهنڊو به ڦڙڪي رھيو ھو. اھا روھي، جنھن کي ھتان جا ماڻھو "جڪين سنگ” چون. جڪ بلوچي ۾ ڏند کي چون، جيڪو ڏند اڪيلو ھجي ۽ وڏو ھجي خاص ڪري ان کي "جڪ” چون. "سنگ” معني پٿر. "جڪين سنگ” معني ڏند جھڙو پٿر. بلوچي ۾ جڪ بيٺل کي به چون ٿا، ھتي جڪين سنگ معني بيٺل پٿر.
بلوچي تاريخ تي ڪم ڪندڙ غلام رسول ڪلمتيءَ جو چوڻ آھي ته ھي چيدگ معنيٰ يادگار آھي، اڪثر لڙاين جي پڙ تي اھڙا پٿر يادگار طور لڳايا ويندا ھئا. انھن يادگارن کي بلوچي چيدگ ۽ سنڌي ۾ ماھيون به چون.
اڳ به ھتي اھو نالو ٻڌايو ويو ھو، ان ڏينھن به ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ ٻه ھمراھ آيا، انھن به اھو ئي نالو ٻڌايو پر سمجھ ۾ نه آيو، ھنن رواني سان پئي چيو ، مون ”جيڪيسن“ پئي سمجھيو. حب ۾ جڏھن غلام رسول اڱارئي کان پڇيوسين، ھن ٻڌايو، "جِڪَين سنگ” تڏھن وڃي ڳالھ سمجھ ۾ آئي. ڪجهہ ھن کي چور لٺ به چون ٿا، اھو ان ڪري جو جڏھن چور اسمگلنگ جو سامان انھيءَ کتل لٺ ويجھو مال / سامان ٿميندا ھئا ته ماڻھن ھن کي چور لٺ جو نالو ڏنو.
اھا روھي اندازي موجب 15 فوٽ ڊگھي آھي ۽ پنج فوٽ زمين ۾ اندر آھي. ھن سان لڳ ھڪ قبر به آھي. ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ ھمراھن ٻڌايو ته، "ھي انھي بزرگ جو آستانو آھي، ھڪ ھمراھ ھي پٿري لٺ ھتان ڪڍي کڻي ويو، پنھنجي ٻني ۾ لڳايائين ته ھن جي ٻني ۾ باھ لڳي ته ھو ھي واپس ھتي کڻي آيو.”
ھاڻي لڳي ٿو ھتي ميلو به لڳندو، پڙ به چڙھندا، جهنڊو يا بانبٽي ته لڳائي ڇڏيائون آھي ، انھي بھاني اھا تاريخي روھي شايد بچي پوي.
ڪوھستان کان وٺي پوري لسٻيلي، خضدار ۽ مڪران تائين ھن خطي ھن قسم جون روھيو ن، ڊگھا اڀا پٿر، پٿري لٺ گھڻي انگ ۾ موجود آھن. ڪٿي اھي دائري جي شڪل ۾ آھن، ڪٿي اڪيلا بيٺل آھن، ھن قسم جي روھين، کتل لٺن جو ھڪ سلسلو آھي. لڳي ٿو آھي ڪنھن دور جون نشانيون آهن. اھي Menhar منزل يا رستي جون به نشانيون ٿي سگھن ٿيون.
مون ۽ سائين گل پالاري جڏھن ڀنڀور کان ڪيچ مڪران تائين پراڻي واٽ تي سفر ڪيو، جنھن واٽ تان سسئي بہ پنھون جي ڳولا لاءِ وئي ھئي، تہ انھي پراڻي رستي سان ڀنڀور کان وٺي ميري قلات (پنھونءَ جو قلات/قلعو) تائين اسان کي اھڙا ڊگھا کتل پٿر مليا ھئا ميري قلات لڳ بگ واري قبرستان ۾ شھہ عمر جي قبر جي چوڌاري اھڙا ڊگھا پٿر کتل ھئا، جن تي شھہ عمر جو نالو ۽ ڪلمو شريف لکيل ھو.
ھاليجي ڍنڍ کان جنگ شاھي ۽ مالماڙي تائين جڏھن مون سفر ڪيو ته اھڙيون کتل روھيون موجود ھيون.
منھنجي خيال ۾ رستي ڪناري انھن پٿرن جو ھڪ مقصد اھو به ٿي سگھي ٿو ته رستي يا رستي جي ويجھو ڪنھن منزل جي نشاني طور لڳايا ويا ھئا ، جيئن مسافرن ۽ قافلن کي رستي جي خبر پوي ۽ جتي اھو پٿر رستي سان کتل ھجي، اھا نشاني ھوندي ھئي تہ انھي پاسي جنھن پاسي رستي جي اھو پٿر کتل آھي، ويجھو ڪو ڳوٺ يا منزل آھي. جيڪڏھن قافلا يا مسافر رھڻ چاھين يا ڪجهہ وقت آرام ڪرڻ چاھين ته انھي پاسي وڃي سگھن ٿا.
ڪٿي ڪٿي آھي ڊگها کتل پٿر دائري جي شڪل ۾ آھن. انھن تي لکت به ملي ٿي، ٿوھر ڪانڙي ڳوٺ ويجھو اھڙي ھڪ پٿر تي اڻ ڳڻيا نشان آھن، جيڪي ٿي سگھي ٿو ته ٻڌڪا اھڃاڻ يا لکت ھجن. لڳي ٿو اھي روھيون ڪٿي ڪٿي ريتن رسمن ، مذھبي رسمن ادا ڪرڻ لاءِ ھجن يا ثقافتي سرگرمين ۾ ڪم اينديون ھجن.
ھتان جا ماڻھون انھن روھين جي تاريخ ۽ انھن جي ھتي ھجڻ واري سبب کان اڻ واقف آھن. ڪٿي ڪٿي انھن روھين کي علائقي، ڳوٺ يا شخص جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آھي، اھي نالا ھاڻوڪي دور جا ڏنل آھن. ڪٿي ڪٿي ڪا ڏند ڪٿا يا ڪا ڪھاڻي به ملي ٿي. بهرحال انھن تي تحقيق جي ضرورت آھي.
نوٽ: هن مضمون لکڻ دوران ڪجهہ پراڻيون قديمي پٿري لٺ/ روھين جون تصويرون مليون، جيڪي ھتي ڏنيون ويون آهن ، انھن تي مون اڳ ۾ به لکيو ھو. ٿوھر ڪانڙي ڳوٺ واري روھي بابت منھنجي ڪتاب ۾ تفصيل موجود آھي. شمس پير ٻيٽ واري روھي بابت منھنجي ڪتاب "سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ” ۾ تفصيل ڏنل آھي.