ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-8

گل حسن ڪلمتي

پنهونءَ جو قافلو ڪيچ واري پراڻي رستي ’ڪيچ آوارن‘ کان آيو هئو

”بلوچ نبي بخش بلوچ پنهونءَ جي قافلي لاءِ هڱور کان ايندي لکي ٿو، جڏهن ته اسان جي تحقيق موجب، پنهونءَ جو قافلو ڪيچ واري پراڻي رستي ”ڪيچ آوارن“کان آيو هو. بلوچ صاحب لکي ٿو ته، ”هي شهر سنجهان سونارڻ ٻڌو هو.“ سڪندرِ اعطم جي وقت هي علائقو ”اوريتائي“ (Oreitae) قبيلي جي حوالي هو. اوريتائي قبيلو هاڻوڪي پسني تائين هئو، جن سڪندر اعظم جي فوجن جو مقابلو ڪيو هو. گهڻن محققن جو خيال آهي ته، ”اوريتائي هاڻوڪو هوت قبيلو آهي، جيڪو هن وقت به اثر رکي ٿو. اڱاريا ڪلمتي به هوت آهن.“

ڪانيارو ڪوٽ:

ڪانيارو ڪوٽ جا آثار ضلعي لسٻيلي ۾ ڪوسٽل هاءِ وي تي قائم شهر لياريءَ جي اتر پاسي هاڙهي جبل ڏانهن، هاڙهي واري پَٽ ۾ واقع آهن. هاڙهي واري هن علائقي کي ”ريلون“ چيو وڃي ٿو. هاڙهي جي ڏکئي پَٽ ڪري انهن آثارن کي ڳولڻ ۽ هتي پهچڻ ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ جو ان جي ويجهو آبادي نه آهي – ۽ نه ئي قديم آثارن جو ڪو دڙو يا ڪا ديوار سلامت آهي، جو پري کان اها نظر اچي. سڀ ڪجهہ ختم ٿي زمين سان ملي چڪو آهي. چئن پنجن ايڪڙن تي ٺڪراٺو ۽ ڳريل ڳاڙهين سِرن جا ٽڪرا پکڙيل آهن. اهي سِرون به موسم، برسات ۽ سامونڊي آب و هوا جي ڪري ڳري چڪيون آهن. دولت حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ رهندڙ ماڻهن، هر پاسي کڏون کوٽي انهن آثارن کي ختم ڪيو آهي.

 

’سسئيءَ جي واٽ‘ جي ڳولا جي سلسلي ۾ مون کي ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پالاري کي ڪانيارو ڪوٽ جي ڳولا ۾ گهڻو وقت لڳو. هڪ ته گهڻا ماڻهو ان کان بي خبر هئا ۽ ٻي ڳالھ ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ۾ هن کي ”ڪنئري/ ڪنهري ٻيلو“ لکيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته جڏهن بلوچ صاحب هتي آيو هجي، ان وقت اهو انهيءَ نالي سان مشهور هجي، پر هن وقت اهو ”ڪانيارو ڪوٽ“ طور مقامي سطح تي مشهور آهي.

انهيءَ سفر دوران جڏهن اسان ٻين دوستن سان گڏجي لسٻيلي جي چوڪنڊيءَ جي طرز واري اڏاوت واري قبرستان جي سروي پئي ڪئي، ته ان وقت ايڊووڪيٽ غلام رسول اڱاريو اسان جو سونهون هئو، جنهن سان جڏهن انهيءَ ڪوٽ بابت ڳالهه ڪيم، ته هن چيو ته ’اڱارين جي سردار اختر جان اڱاريي کي ان جي خبر هوندي. لاکڙي کان هاڙهي ۽ ڦور تائين قبرستان ڏيکارڻ لاءِ اختر جان اڱاريو پنهنجو همسفر آهي. لاکڙي کان وٺي ڦور تائين، هاڙهي جبل سان لڳ اڱارين جو علائقو آهي. لياري کان مٿي اختر جان جون زمينون به آهن.“

بالا قبرستان کان پوءِ اسان ڪوسٽل هاءِ وي تي جڏهن پنهنجو سفر شروع ڪيو، ته لياري شهر کان اڳ سردار اختر جان اڱاريو ۽ وڏيرو اسد الله اڱاريو اسان جي اوسيئڙي ۾ ويٺا هئا. حال احوال ڪرڻ کان پوءِ هن ٻڌايو ته ”لياري کان اتر پاسي جيڪي ڦٽل آثار آهن، انهن کي اسان ’ڪانيارو ڪوٽ‘ ۽ ’ڪُنهن وارو ڪوٽ‘ جا آثار چئون ٿا.“ ڳالھ سمجهہ ۾ اچي وئي.

اختر جان جي گاڏيءَ ۾ بيبي عائشه واري مقام کان پوءِ اسان اڌ ڪلاڪ جي سفر بعد هڪ ويراني ۾ پهتاسين. ڪٿي ڪٿي وڻن جا جهڳٽا به هئا. ڪو باقاعده رستو نه هو. ڪوٽ جي آثارن جي اولھ پاسي هڪ قبرستان هو، جنهن جون ڪجهہ گهاڙي قبرون هيون. انهن جا چٽساليءَ وارا پٿر هيٺ ڪِريل هئا. انهن جي بنيادن کي کوٽيو ويو هو. پوري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اهڙين قبرن ۽ آثارن جي کوٽائي، تحقيق ڪندڙ ماهرن کي ڪرڻ گهرجي، پر اهو ڪم دولت حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ مافيائون ڪري رهيون آهن. ان عمل سان آثارن کي شديد نقصان پهچي رهيو آهي. اختر جان اڱارئي ٻڌايو ته،”سندن پراڻو قبرستان اهو آهي، پر اتي پاڻيءَ جا ريلا اچڻ ڪري گهڻي عرصي کان مردا دفن نه ڪندا آهيون.“

ڪانيارو ڪوٽ سان به قبرن وارو حشر ٿيل هو. هر پاسي دولت حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ ماڻهن کڏا کوٽي ڇڏيا هئا. سفر ۾ شريڪ اسد الله اڱاريي ٻڌايو ته، ”برساتن کان پوءِ هتان سِڪا ۽ زيور به ماڻهن کي مليا آهن. ڪجهہ سِڪا سندس هڪ دوست کي به هتان مليا آهن، جيڪي هن وٽ محفوظ آهن.“ سندس چواڻي، ”اهي عرب دور جا سِڪا آهن.“ هن اهي سِڪا ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پر ان کان پوءِ اسان جي ڪا ملاقات نه ٿي سگهي آهي.

اسان آثارن جو مڪمل دورو نه ڪري سگهياسين، ڇاڪاڻ جو سج هاڙهي جبل پويان لهي چڪو هو. رات جو هن ويراني مان نڪرڻ ڏکيو آهي ۽ پوءِ اسان سان ٿيو به ائين. اوندھ جي ڪري اسان رستو ڀلجي وياسين. ٻه ڪلاڪ ان ويراني ۾ هلندا رهياسين، پر جيئن ته اسان سان علائقي جا واقفڪار گڏ هئا، تنهنڪري ٻن ڪلاڪن کان پوءِ وري مکيه رستي تي آياسين.

ڪانيارو ڪوٽ پراڻن رستن جي سنگم تي آهي. ضلعي لسٻيلي جو نقشو ڏسبو، ته پراڻو رستو بالاڪوٽ کان هاڙهي جي ڀڪ سان ڦور ڏانهن ۽ اڳتي هنگلاج ڏانهن وڃي ٿو. هتان هڪ رستو ڏوئڻ پَٽ کان هاڙهي جي ڀڪ مان اتر پاسي کان رکيل شاھ جي دونهين، وڻڪار ۽ لمون ڍوري کان پوءِ اڳتي ٻيلي شهر کان آواران ۽ ڪيچ ڏانهن ويندڙ رستي سان شيرين فرهاد لَڪ کان اڳ ملي ٿو. ٻئي پاسي رستو لياريءَ کان سونمياڻي ۽ وندر ڏانهن وڃي ٿو. جيڪڏهن سڪندرِ اعظم جي رستي کي ڏسبو، ته اهو به ڪانيارو ڪوٽ کان ويندي نظر اچي ٿو. اُن دور ۾ هي شهر هئو يا نه، ان جو ڪو احوال نٿو ملي.

سڪندرِ اعظم جي وقت هي علائقو ”اوريتائي“ (Oreitae) قبيلي جي حوالي هو. اوريتائي قبيلو هاڻوڪي پسني تائين هئو، جن سڪندر اعظم جي فوجن جو مقابلو ڪيو هو.
گهڻن محققن جو خيال آهي، ته ”اوريتائي هاڻوڪو هوت قبيلو آهي، جيڪو هن وقت به اثر رکي ٿو. اڱاريا ڪلمتي به هوت آهن.“

سڪندر اعظم جي وقت ۾ ڪتابن ۾ ”ڪبانه“ (Kabana) ۽ ”رامباڪيا“ (Rhambaicia) جو ذڪر ملي ٿو. ڊاڪٽر حميد بلوچ پنهنجي ڪتاب ”مڪران“ ۾ ڊوبينس والٽن (Dobbins Walton) جي حوالي سان ”رامباڪيا“ کي ”ڪنڊ واري“ وارو علائقو لکي ٿو.

ياد رهي تہ، ”ڪانيارو ڪوٽ،“ جيڪو ”ريلون“ واري علائقي ۾ آهي، ان کان پوءِ ”ڪنڊ واري“ علائقو شروع ٿئي ٿو. منهنجو خيال آهي ته ڪانيارو ڪوٽ جا آثار ”رامباڪيا“ جا آثار آهن يا هي رامباڪيا علائقي جو اهم شهر ۽ مرڪز ٿي سگهي ٿو. تنهن هوندي به هن جي آثارن جي کوٽائيءَ کان پوءِ ئي ماڻهو ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچي سگهي ٿو.

Gedrosia-Map-Route-of-Alexander-1823-Lucas

مير گل خان نصير پسني ويجهو ”رمبڙو“ کي ”رامباڪيا“ لکي ٿو، جيڪو ڪلمت ۽ پسنيءَ وچ ۾ هڪ نئن ۽ جابلو چوٽيءَ جو نالو آهي. ڪانيارو ڪوٽ بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سسئي پنهون“ ۾ لکي ٿو، ته ”…. پنهون جو ساٿ خير سان ڪيچ جي واديءَ مان سنڌ ڏانهن روانو ٿيو…. ڪچهري ڪندا، منزلون ماريندا هڱور ۽ هاڙهي کي لتاڙيندا ’ڪانهيري ٻيلي‘ پهتا. چيائون ته، سنڌ جي سرحد تي اچي پهتا آهيون… صبح جو سوير ’ڪانهيري ٻيلي‘ مان منزل کنيائون.“ بلوچ صاحب حاشيه ۾ لکي ٿو ته، ”ڪانهيري ٻيلي جا ڦٽل نشان لسٻيلي جي لياري واري علائقي ۾ موجود آهن. هڪ روايت ’سنجهان سوناري‘ پنهون کي اُتي ملي.

بلوچ صاحب ’ڪانهيري ٻيلو‘ لکي ٿو، جيڪو هاڻي ’ڪانيارو ڪوٽ‘ جي نالي سان مشهور آهي. پراڻي دور ۾ هتي گهاٽا ٻيلا هئا، اڄ به ”ڪنڊ واري“ ڏانهن ڪنڊي ۽ ٻين وڻن جا ٻيلا هاڙهي جبل تائين ڪجهہ حصن ۾ موجود آهن. بلوچ صاحب پنهونءَ جي قافلي لاءِ هڱور کان ايندي لکي ٿو، جڏهن ته اسان جي تحقيق موجب پنهونءَ جو قافلو ڪيچ واري پراڻي رستي ”ڪيچ آوارن“کان آيو هو. بلوچ صاحب لکي ٿو ته، ”هي شهر سنجهان سونارڻ ٻڌو هو.“ انهن ٻنهي ڳالهين تي مون ۽ سائين گل پالاريءَ جي ڪتاب ”سسئيءَ جي واٽ“ ۾ تفصيل سان بحث ڪيل آهي.

اسد الله اڱاريي جي دوست کي جيڪي سِڪا مليا آهن، انهن جي جاچ کان پوءِ ڪنهن دور جو تعين ڪري سگهجي ٿو.

هتي جيڪا قبيلائي روايت ملي ٿي ته، ”جڏهن گُجر لسٻيلي جا حڪمران هئا ته، ’ڪانيارو ڪوٽ‘ انهن جو مرڪز هئو. گُجرن کان پوءِ ”رونجها“ لسٻيلي جا حڪمران ٿيا.“ انهن لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ ۾ لکي ٿو ته، ”رونجها سنڌ جي سمن جي شاخ آهن، جن اٺين صدي هجريءَ ڌاري اچي لسٻيلو وسايو. رونجهن جو وڏو ۽ سردار ’پٻو‘ نالي هو، جنهن جي باري ۾ عام روايت مشهور آهي ته، کيس غيبات کڻي وڃي پٻ جبل ۾ ’روجهن‘ جو کير پياريو، پوءِ اتان موٽائي آندائوس ۽ هو ’ڪانهيري ڪوٽ‘ ۾ سردار ٿيو.“

انهن روايتن ۽ تاريخ مان اها ڄاڻ ملي ٿي، ته ڪانيارو ڪوٽ/ ٻيلو لس جو مرڪز هوندو هو. رونجهن مان جڏهن ڄام سپڙ لسٻيلي جو حاڪم ٿيو ته هن ”ٻيلي“ جي شهر کي پنهنجو مرڪز بڻايو. ڄام سپڙ؛ سخي ۽ ڏاتار شخص هئو. هُو پنهنجي والد ”چوٽا“ جي ڪري ”سپڙ چوٽاڻي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. رونجهن بابت تاريخ ۾ آهي ته، انهن تيرهين صديءَ ڌاري لسٻيلي ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي.

لڳي ٿو ته تيرهين صدي تائين ڪانيارو/ڪانهيري وسندڙ شهر هو، ۽ جڏهن ’ٻيلي‘ جو مرڪز ٿيو ته، ”ڪانيارو“ ڦٽي ويو.

(ڪاوش دنيا ميگزين ۽ ليکڪ جي ٿورن سان)



Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close