دواميت يا ثباتيت جو فلسفو

ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

تعارف: دواميت يا ثباتيت (Perennialism) هڪ فلسفياڻي ۽ تعليمي تحريڪ آهي، جيڪا انساني فطرت توڙي انساني علم، فلسفَي ۽ ٻين مضمونن جي دائمي ۽ آفاقي قدرن ۽ پھلوئن تي زور ڏئي ٿي. ھن فلسفَي مطابق دنيا توڙي ڪائنات ۾ ڪجهہ اھڙا سچا ۽ اڻ تبديل ٿيندڙ اصول آهن، جيڪي وقت يا زماني، ثقافت ۽ تاريخي حوالن کان مٿي آھن ۽ ھر زماني، ھر ثقافت ۽ ھر تاريخ ۾ ھڪ جيتري اھميت رکندڙ ھوندا آھن، مثال طور: انساني فطرت جي حوالي سان عقليت ۽ مشاھداتي استدلال سندس آفاقي فطرت آھي؛ اخلاقيات جي حوالي سان انصاف، ايمانداري، اتحاد، نيڪي، ھمدردي ۽ ٻين ماڻھن جو بنا مت ڀيد جي احترام اھم آھن؛ هي مقالو دائميت جو هڪ جائزو پيش ڪري ٿو، جنھن ۾ ان جي باني ۽ حمايت ڪندڙن، تاريخي پس منظر، بنيادي تصورات، ٻين مضمونن تي اثر، ان تي تنقيد ۽ نتيجو شامل آهن.

باني ۽ حامي:
دواميت جي تعليمي فلسفَي کي بنيادي شڪل ڏيندڙ آمريڪي فيلسوف رابرٽ مينارڊ هچنس (Robert Maynard Hutchins 1899-1977) ھو، جيڪو 1929 کان 1951 تائين شڪاگو يونيورسٽي جو وائيس چانسلر/صدر رهيو. هچنس سڀني شاگردن لاءِ هڪ بنيادي ۽ لازمي نصاب تي يقين رکندو هو. پاڻ اھو بنيادي ۽ لازمي نصاب هر تعليم يافتہ شخص لاءِ ضروري سمجهندو هو؛ ھن ۾ رياضي، سائنس، ادب، تاريخ ۽ فلسفَي جا مضمون شامل ھئا. دواميت جي ٻين قابل ذڪر حمايت ڪندڙن ۾ مورٽيمر ايڊلر (Mortimer Adler, 1902-2001)، جان سيئرل (John Searle, 1932) ۽ جيڪ بارزون (Jacques Barzun, 1907-2012) شامل آهن.

تاريخ:
دواميت جو فلسفو ويھين صديءَ جي شروعات ۾ ترقي پسند تعليمي تحريڪ (Progressive Education Movement) جي ردعمل جي طور تي اڀري نروار ٿيو ھو؛ ان ترقي پسند تحريڪ ٻار-مرڪز تعليم (Child-centered Education) ۽ مشاھداتي سکيا (Experiential Learning) تي زور ڏنو ۽ هڪ اڳ ۾ طئي ٿيل، مقرر ۽ غيرلچڪدار نصاب جي خيال کي رد ڪيو. هچنز ۽ ٻين دواميت-پسندن جو ترقي پسند تعليم بابت اھو اعتراض ھو تہ ان قسم جي تعليم شاگردن ۾ ضروري ۽ بنيادي علم جي منتقلي ۽ دانشورانہ لياقتن جي آبياري کي نظرانداز ڪندڙ ھئي. ھن جي ازالي ۽ ردعمل طور آمريڪا اندر تعليم جي شعبي ۾ ويھين صديءَ جي وچ ڌاري دواميت جو ظھور ٿيو ۽ اتي جي تعليمي سوچ تي ڪنھن نہ ڪنھن حوالي سان اڄ بہ اثر انداز ٿي رهيو آهي.

اھم اصول ۽ خاصيتون:
دواميت جو فلسفو شاگردن منجهہ، چاھي اھي ڪھڙي بہ زماني ۽ ثقافت سان تعلق رکندڙ ھجن، ھيٺيون خاصيتون ۽ آفاقي اصول پيدا ڪرڻ ۽ انھن کي پنھنجي زندگيءَ جو حصو بڻائڻ لاءِ زور ڀري ٿو:

آفاقي سچائيون: دواميت-پسندن جو چوڻ آهي تہ انسان جي فطرت ۾ داخلي ۽ موروثي طور ڪجهہ آفاقي سچائيون ۽ اصول وديعت ٿيل آھن، جھڙوڪ: فطرت ۽ ڪائنات کي سمجهڻ لاءِ عقليت، سچائي جي تلاش، مشاھداتي استدلال، خود- احتسابي ۽ خود-اصلاحي جا علمي اوزار استعمال ڪرڻ. اھي آفاقي سچائيون، اصول يا اوزار ڪنھن مخصوص زماني، ثقافت ۽ تاريخي دور تائين محدود نہ آھن پر ھر ثقافت ۽ تاريخ جي ھر دؤر ۾ انھن جي اھميت ۽ اطلاق يڪسان آھي.

معروضيت: دواميت-پسند ھن ڳالھ جا حامي آھن تہ ھن ڪائنات ۾ ھڪ معروضي سچائي (Objective Reality) موجود آھي، جيڪا اسان جي انفرادي، موضوعي (Subjective) ۽ ثقافتي عقيدن ۽ قدرن کان الڳ ۽ آزاد وجود رکي ٿي. ھنن جو نظريو آھي تہ دنيا بابت ڪجهہ ڀروسي لائق سچائيون آفاقي آھن جن تائين اڻڌرئي مشاھدي، تنقيدي ڳولا ڦولا ۽ عقلي منطق وسيلي پھچي سگهجي ٿو.

ذھني نشونما: ھي فلسفو ٻارن ۽ شاگردن ۾ ذھانت، تنقيدي سوچ، غير جانبدار يا اڻ-ڌري جانچ ۽ ڳولا ڦولا، خود احتسابي ۽ خود اصلاحي جون آفاقي خاصيتون پيدا ڪرڻ ۽ انھن مطابق زندگي گذارڻ جو خواهان آھي.

انساني فطرت: فطرت طرفان ڪائنات ۽ زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ انسان کي منطق يا عقل، مشاھداتي استدلال، سچائي ۽ علم جي تلاش، زندگيءَ جي معني ۽ مقصد، نيڪي، ھمدردي، خود احتسابي ۽ خود اصلاحي جھڙيون صلاحيتون ڏنيون ويون آھن.

اخلاقيات: دواميت-پسند آفاقي اخلاقيات جي آبياري کي اھم سمجهندا آھن، انھن مطابق آفاقي اخلاقن ۾ انصاف، ايمانداري، ذميواري، اتحاد ۽ انساني احترام شامل آھن. اھي اعليٰ اخلاق ھر زماني ۽ ثقافت ۾ اھم آھن يعني آفاقي آھن.

بنيادي نصاب: دواميت-پسند ٻارن جي تعليم ۽ تدريس جي حوالي سان اھڙي بنيادي ۽ لازمي نصاب جي وڪالت ڪن ٿا، جنھن ۾ انساني علمن جھڙوڪ تاريخ، ادب، فلسفو ۽ آرٽ؛ سائنسي علمن جھڙوڪ حساب ۽ جنرل سائنس جا مضمون شامل ھجڻ گهرجن تہ جيئن ٻارن/ شاگردن ۾ منطقي سوچ، گهڻ-رخي انساني مشاھدن ۽ تجربن بابت آگاھي، وسيع نظري ۽ آفاقي سوچ پيدا ٿي سگهي.

استاد-مرڪز تعليم: ھي تعليمي فلسفو استاد مرڪز تعليم (Teacher Centered Education) جو حامي آھي، جتي ھڪ استاد کي علم ۽ دانش جو خزانو ۽ انھن آفاقي خاصيتن کي شاگردن ۾ منتقل ڪرڻ جو ذريعو تسليم ڪيو ويندو آهي.

عقل ۽ دانش جي آبياري: دواميت جو فلسفو ذھانت، تنقيدي سوچ ۽ علم براءِ علم جي حاصلات کي ترجيح ڏئي ٿو. ان کان سواءِ ھي فلسفو تعليم کي ھڪ منظم مڪتبہ فڪر بڻائڻ، عقلي يا منطقي استدلال ۽ ڳوڙھي غور ۽ فڪر جي فروغ لاءِ اتساھيندڙ آھي. دواميت-پسند ادب ۽ فلسفي جي حوالي سان افلاطون، ارسطو ۽ شيڪسپيئر جي شاھڪار ڪتابن سان گڏ انجيل مقدس يا مذھبي ڪتابن جي پڙھڻ ڪڙھڻ جا وڏا حامي آھن، ڇو تہ انھن ۾ مختلف زمانن ۽ ماڻھن جي سياڻپ محفوظ ٿيل آھي.

زندگيءَ لاءِ تياري: ھي فلسفو شاگردن ۾ محض مخصوص ھنرن ۽ لياقتن جي نشونما لاءِ نہ پر مڪمل ۽ ڀرپور زندگي گذارڻ لاءِ جتن ڪرڻ لاءِ اتساھيندڙ آھي. ٻين لفظن ۾ ھي انسان جي ڀرپور ذھني، سماجي ۽ ذاتي زندگي گذارڻ لاءِ گهربل دانشمندانہ لياقتن جي نشونما جي حمايت ڪندڙ آھي.

انفراديت: ھي فلسفو انفرادي سطح تي فرد جي اخلاقي، ذھني ۽ اخلاقي نشونما سان گڏ خود-اصلاحي ۽ خود-احتسابي وسيلي زندگي کي ڀرپور ۽ با مقصد بڻائڻ تي زور ڀري ٿو.

ٻين شعبن تي اثر:
دواميت جي فلسفي تعليم سان گڏ ٻين ڪيترن ئي شعبن کي متاثر ڪيو آهي. ڪائناتي سچائين جي کوج، ذھانت ۽ تنقيدي سوچ جو پڙلاءُ اسان کي فلسفي جي شاخن جھڙوڪ مابعدالطبعيات (Metaphysics)، علم تائين رسائي (Epistemology) ۽ اخلاقيات (Ethics) جي شعبن ۾ واضع نموني ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. دواميت-پسند لازمي نصاب کي اعلي تعليم يعني يونيورسٽي جي سطح تي وڏي پذيرائي ملي آھي، جنھن جو مثال لبرل آرٽس جي تعليم ۽ تدريس آھي.

تنقيد:
دواميت جي فلسفي تي ڪيترن ئي حوالن کان تنقيد ٿيندي رهي آهي. ڪجهہ تنقيد نگارن جو چوڻ آهي تہ ھي فلسفو تجريدي ۽ نظرياتي علم کي عام زندگي جي عملي صلاحيتن ۽ ھنرن تي ترجيح ڏئي ٿو، جنھن سان ماڻھو حقيقي دنيا کان ڪٽجي وڃي ٿو. ٻين جو وري چوڻ آهي تہ ھن فلسفي تحت هڪ مقرر، غير لچڪدار ۽ اڳ ۾ طئي ڪيل ۽ جوڙيل نصاب شاگردن جي انفرادي پس منظرن، انفرادي اختلافن، صلاحيتن ۽ مفادن کي نظرانداز ڪري ٿو. جڏھن تہ ڪجهہ وري اھو اعتراض وارين ٿا تہ ھي فلسفو روايتي طرز تي معاشري جي مٿئين ۽ حڪمران طبقي جي مفادن وٽان آھي ۽ پورھيت ۽ مزدور طبقي جي ماڻھن کي آڇڻ لاءِ ھن وٽ ڪجهہ بہ نہ آھي.

نتيجو:
رابرٽ مينارڊ هچنس پاران قائم ڪيل دواميت (Perennialism) جو تعليمي فلسفو اڳواٽ طئي ٿيل غير لچڪدار ۽ مخصوص مضمونن تي مشتمل ھڪ بنيادي ۽ لازمي نصاب جو حامي آھي جيڪو ڪائناتي سچائين، ذھانت ۽ تنقيدي سوچ کي فروغ ڏيندڙ آھي. سندس حامين جي دعويٰ آھي تہ اھو فلسفو ھر زماني، تاريخ ۽ ثقافت لاء ھڪ جيتري اھميت رکندڙ آهي. ڪڙي تنقيد جي باوجود دواميت جي فلسفي تعليم ۽ نصاب سازي تي پنھنجا گهرا اثر ڇڏيا آھن. جيتوڻيڪ ھي فلسفو تعليم جي سڀني مسئلن جو حل پيش نہ ٿو ڪري سگهي پر پوءِ بہ تنقيدي سوچ ۽ ذھانت جي فروغ وارن لاڙن جي ڪري اڄ بہ فطرت ۽ تعليم جي مقصد بابت بحث-مباحثن ۾ دواميت جو فلسفو اھم حيثيت رکي ٿو.

ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو دنيا جا مشھور فلسفا

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close