سنڌيڪار: امام بخش جکراڻي
1947ع ۾ ھندوستان جي ورهاڱي وقت اُهي ڪهڙا مسئلا بغير حل جي ڇڏيا ويا هئا، ۽ ڪیئن اُنهن آزادي کان وٺي مسلسل ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ انڊيا کي مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي؟
ورهاڱي جا سبب
انڊيا ۽ پاڪستان لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن جي قومي جدوجهد کان پوءِ نيٺ آگسٽ 1947ع ۾ آزادي حاصل ڪئي، ان ڪنهن ٻي يورپي بادشاهت (بيٺڪيت) جي خاتمي لاءِ ٿيندڙ ڳالهين جي عمل جو هڪ اهم مثال قائم ڪيو.
بدقسمتي سان ان ورهاڱي جي ڪري انساني تاريخ جي هڪ وڏي عوامي لڏپلاڻ ٿي، جنهن ۾ تقريباََ 10 ملين ماڻهن هجرت ڪئي. لڳ ڀڳ هڪ ملين ماڻهو فسادن ۽ علائقائي سطح تي ٿيندڙ جهيڙن جي ڪري مارجي ويا. خاص ڪري اُهي فساد ۽ جهيڙا پنجاب جي اولھ وارن علائقن ۾ ٿيا، جنهن کي سرحدن ذريعي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو.
بيٺڪيتي انڊيا کي ٻن ملڪن هڪ مسلمان اڪثريتي (پاڪستان) ۽ ٻيو هندو اڪثريتي (انڊيا) ۾ ورهائڻ جي فيصلي کي عام طرح سان قومن جي نوڪرشاهي طبقي جي وچ تڪرار جي نتيجي طور ڏٺو وڃي ٿو. هن وضاحت کي، بهرحال ورهاڱي سان گڏ ٿيندڙ عوامي فسادن بيان ڪرڻ لاءِ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي.
جيڪڏهن سچ پچ پاڪستان مسلمانن لاءِ ٺاهيو ويو هو تہ پوءِ اهو سمجهڻ مشڪل آهي، تہ آخر ڇو گهڻا مسلمان پوئتي انڊيا ۾ رهجي ويا ۽ پوءِ انهن کي نئين رياست پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو.. هڪ رياست ٻن ٽڪرن ۾ ٺاهي وئي، هڪ اوڀر ۾ (اڳوڻو اوڀر بنگال، هاڻي بنگلاديش) ۽ ٻي 1700 ڪلو ميٽر پري برصغير جي اولھ طرف واقع هئي.
اهو محمد علي جناح، مسلم ليگ جي اڳواڻ لاءِ ممڪن هو، هن جي خواهش هئي تہ هو الڳ رياست جي مطالبي کي هڪ سودي بازي (bargaining chip) طور استعمال ڪري، انڊيا جي ڪمزور وفاق اندر مسلمانن لاءِ وڌيڪ طاقت حاصل ڪري. بغير شڪ جي ”پاڪستان“ جو خيال 1930ع جي آخر تائين ڪنهن جي گمان ۾ ئي نہ هو.
هڪ وضاحت ان افراتفري جي حالت لاءِ جنهن ۾ ٻہ آزاد ملڪ برطانيا جي تڪڙ واري انداز ۾ نڪري وڃڻ ڪري وجود ۾ اچي ويا. هي اعلان جولائي 1945ع ۾ برطانيا ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي نتيجي ۾ ليبر پارٽي جي ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ جلدي ڪيو ويو، جنگ کان ٿڪيل برطانيا هاڻي پنهنجي وسيع بادشاهت کي سنڀالي نہ پيو سگهي.
اختيارن جي منتقلي
پارليامينٽ جي هڪ ايڪٽ ۾ هندستانين جي هٿن ۾ اختيار منتقل ڪرڻ جي تاريخ جون 1948ع تجويز ڪئي وئي. ساڳئي طرح، آگسٽ 1947ع ۾ آخري وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن جي ڪوشش سان ان کي عمل ۾ آندو ويو. ان عمل ڪيترن ئي وڏن اهميت جي لائق مسئلن ۽ مفادن کي بيٺڪيتي حڪمراني جي خاتمي سان بغير حل جي ڇڏي ڏنو.
ڳالهين جي سربراھ ھجڻ ڪري، وائيسراء وڏي پيماني تي صرف جناح جي مسلم ليگ ۽ جواهر لعل نهرو جي انڊين نيشنل ڪانگريس تي ڌيان ڏيڻ ڪري گهمڀير مشڪلاتن کي جنم ڏنو.
ٻئي جماعتون جولائي 1946ع ۾ ٿيندڙ چونڊن ذريعي قانون ساز اسيمبلي ۾ پنهنجي نمائندگي جي حيثيت کي قائم ڪري چڪيون هيون، پر چونڊن جي تمام ٿوري مدت کان پوءِ ناڪام ٿي ويون.
حيرت ۾ وجهندڙ، جيتوڻيڪ پاڪستان پنهنجي آزادي کي 14 آگسٽ تي ملهايو ۽ انڊيا 15 آگسٽ 1947ع تي، ٻنهي ملڪن جي وچ سرحدن جو اعلان 17 آگسٽ تائين نہ ڪيو ويو هو.
اُهي سرحدون جلد بازي ۾ هڪ برطانوي قانوندان سيرل ريڊڪلف، جنهن کي هندستان جي حالتن جي تر برابر بہ ڄاڻ نہ هئي ۽ مدي خارج نقشن ۽ آدم شماري جي دستاويزن کي استعمال ڪندي تعين ڪيون.
برادريون، خاندان ۽ فصلَ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا، پر اعلان ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ ذريعي برطانيا پاڻ کي ڀيانڪ ويڙھاند ۽ ماڻهن جي لڏپلاڻ جيڪا شروع ٿي چڪي هئي ذميوار هجڻ کان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
انڊيا اندر پريشانيون
ڪيترائي ماڻهو حيران آهن تہ آخر ڇو انگريز سرڪار ۽ هندستاني اڳواڻ ڪجھ وقت جي لاءِ نہ ترسيا جيستائين سرحدن جي معاملي تي هڪ سٺو سمجهوتو ٿي وڃي ها. هڪ وضاحت هي آهي تہ ٻي عظيم جنگ کان پوءِ جلدي ۾ ايندڙ مهينن ۽ سالن ۾ سڀني طرفن جي اڳواڻن پنهنجي احساسن کي وڃائي ڇڏيو هو ۽ اُهي سڀ بيچين هئا تہ ملڪ جي افراتفري طرف وڌڻ کان اڳ هڪ سمجهوتو ٿي وڃي.
ٻي جنگ عظيم جي ستت ئي پوءِ هندستان هڪ وڏي مايوسي جي اثرن کان شديد متاثر ٿيو، جنهن ملڪ جي وڏي انگ ۾ ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو. هن جنگ جي دوران مهنگائي ۽ کاڌي جي شين ۾ کوٽ ھڪ تمام وڏي پريشان ڪندڙ خراب صورتحال کي جنم ڏنو. شين کي ضرورت مطابق استعمال ڪرڻ جي طريقي ڪار کي هندستان جي شهرن ۾ متعارف ڪرايو ويو ۽ بنگال ۾ هڪ وڏو ڏڪر 1942ع ۾ پيدا ٿيو.
نتيجي ۾ وڏي پيماني ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪانگريس پارٽي جي ”هندستان ڇڏي وڃو تحريڪ“ 1942ع ۾ فسادن جي صورت ۾ ڪيو ويو_ انهي فسادن کي روڪڻ لاءِ صرف فوج جي 55 بٽالين کي مقرر ڪيو ويو.
اختلافن جي ختم ٿيڻ ۽ انهن بٽالين کي هٽائڻ سان برطانوي گورنمينٽ هندستان ۾ جلدي سان ڪمزور ٿي وئي. ساڳئي وقت ڪانگريس پارٽي جي سموري جوڙجڪ ۽ ان جي سمورن اڳواڻن کي جنگ جي مخالفت ڪرڻ جي ڪري قيد ڪيو ويو. جنهن عمل انهن اڳواڻن کي بدحواس ڪري ڇڏيو.
مسلم ليگ جنهن انگريز سرڪار سان تعاون ڪئي، جلدي ۾ پنهنجي ميمبرشپ وڌائڻ ۾ ڪامياب ويو، پر اڃان تائين وڏي پيماني ۾ تنظيمي سطح تي تمام حدبندين ۾ هئي. ان سان ظاهر ٿيو، جڏهن جناح ليگ جي پوئلڳن کي پاڪستان جي مطالبي جي حمائت ۾ ”ڊاريڪٽ ايڪشن ڊي“ ملهائڻ لاءِ چيو. ان ڏينهن تي وڏي پيماني تي ٿيندڙ فسادن ۽ گهرو ويڙھ جي نتيجي ۾ سموري اتر انڊيا ۾ هزارين ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا.
هن عمل جي تشريح انگريز سرڪار هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ حل نہ ٿيندڙ اختلافن جي شاهدي طور ڪئي. پر حقيقت ۾ اهي جهيڙا فوج ۽ سياسي ڪنٽرول نہ هجڻ جي وڌيڪ ساک ڀرين ٿا جئين تہ اُهي سماجي اختلاف هئا.
وڌيڪ حڪومتي اختيارن جي ٽڻڻ جي شاهدي حيدرآباد جي شاهي رياست ۾ نظر آئي، جتي تيلنگانا علائقي ۾ هڪ وڏي بغاوت ٿي ۽ ان سان گڏ تيڀاگا (ٻہ ڀاڱي ٽي) فصل جي حصي وٺڻ لاءِ اتر بنگال جي هارين احتجاج ڪيو. انهن ٻنهي تحريڪن ۾ انڊيا جي ڪميونسٽ پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
ٻي طرف، برطانوي حڪمراني جي آخري مهينن ۾ بحري فوج اجرتن ۾ واڌاري نہ ڪرڻ ڪري بغاوت ڪئي. هندستان جي هر وڏي شهر ۾ مظاهرا ٿيا. انهن سمورن تڪرارن کان انگريز بيٺڪيتي سرڪار پري رهي، جئين تہ ان جو سمورو ڌيان جلدي اختيارن جي منتقلي جي ڳالهين جي عمل ڏانهن هو.
پاڪستان لاءِ اميد
هڪ آزاد پاڪستان جي خيال جو سڀ کان وڌيڪ حمايت سنڌ ۽ پنجاب جي جاگيردارن ڪئي، جن ان کي هڪ بند مارڪيٽ جيڪا هر مقابلي کان آزاد هجي، پنهنجي خوشحال ٿيڻ جي موقعي طور ڏٺو.
بنگال جي غريب هارين پڻ پاڪستان جي حمايت ڪئي، جن ان کي وياج خورن جيڪي اڪثر هندو هئا جي چنبي کان نڪرڻ لاءِ هڪ موقعي طور ڏٺو. ٻئي طبقا مايوس هئا. آزاد پاڪستان کي هندستان جا ڊگها ۽ جنگي حوالي سان مسئلن سا ڀريل سرحدون ورثي ۾ ملي ويون.
ساڳئي وقت، %90 برصغير جون صنعتون، ۽ ٽيڪس ڏيندڙ ادار انڊيا ۾ رهجي ويا، ان سان گڏ دهلي، بمبئي ۽ ڪلڪتي جهڙا وڏا شهر پڻ انڊيا جي حصي ۾ هلي ويا. ان جي ابتڙ پاڪستان جي معيشت وڏي پيماني تي زراعت تي ٻڌل هئي، ۽ وڏيرا شاهي جي قبضي ۾ هئي.
وڌيڪ تہ هندستان جي ورهاڱي وقت، پاڪستان کي بيٺڪيتي حڪومت جي محفوظ ٿيل ناڻي جي خزاني مان صحيح حصو نہ مليو _ %23 بغير ورهايل زميني ايراضي مان پاڪستان کي اڳوڻي گورنمينٽ جي ناڻي واري اثاثن مان صرف %17.5 حصو مليو. هڪ چڪر فوج کي پگهار ڏيڻ سان معاشي ترقي جي مقصد لاءِ پوئتي ڪجھ بہ نہ بچيو.
وڌيڪ فائدن جو مزو انڊين نيشنل ڪارنگريس ورتو ڇو تہ ان 40 سال مسلسل سخت محنت ڪرڻ سان اختلافن کي ختم ڪري ۽ اڳواڻن جي وچ ۾ ڪجھ ڳانڍاپي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. مسلم ليگ جي حمايت جو مرڪز، بهرحال، وچ اتر انڊيا (اتر پرديش) هيو جيڪو پاڪستان ۾ شامل نہ ٿيو هو.
ان علائقي جا مسلمان اولھ طرف ڀڳا ۽ انهن نوڪرين ۽ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ رهائشي آبادي سان مقابلو ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ نسلي تڪرار ٿيا.
ورهاڱي کان بعد جي صورتحال ۽ ڪشمير تڪرار
محمد علي جناح 1948ع ۾ وفات ڪئي، شاهي رياست ڪشمير تي انڊيا سان تڪرار (جنهن جي آزادي جا ٻئي ملڪ دعويدار آهن)، ان سان گڏ پاڪستان اندر نسلي ۽ مذهبي اختلافن جو ھجڻ، انهن سڀني مسئلن ملي ڪري يڪراءِ آئين ۽ اثرائتي نموني سان ڪم ڪندڙ سول انتظاميا ٺاهڻ جي شروعاتي ڪوششن ۾ رڪاوٽ وڌي.
انهي ناڪامي 1958ع ۾ فوج جي حڪومت تي قبضي ڪرڻ ۽ بعد ۾ 1971ع ۾ سول جنگ لاءِ رستي کي صاف ڪري ڇڏيو. انهي ڪري ملڪ جو ٻن حصن ۾ ورهاڱو ٿيو ۽ بنگلاديش هڪ آزاد ملڪ جي طور وجود ۾ آيو. ان کان پوءِ، ٻنهي ملڪن ۾ فوج جي حڪمراني اڪثر جمهوريت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رهي آهي.
آزادي وقت، ٻنهي ملڪن انڊيا ۽ پاڪستان ۾ عوامي بيچيني سان گڏوگڏ نسلي ۽ مذهبي تڪرار نئين ملڪن جي سالميت جي لاءِ خطرو هئا. بهرحال، گانڌي جي 30 جنوري 1948ع ڌاري هڪ جنوني هندو هٿان قتل ٿيڻ گورنمينٽ جي سيڪيولر هٿن کي طاقتور بڻائي ڇڏيو.
انڊيا جي سياستدانن آئين کي جوڙي ورتو، جنهن جي بنياد تي 1951ع ۾ پهريون جمهوري چونڊون ٿيون. ان عمل انڊيا کي دنيا جو وڏو جمهوري ملڪ ۽ سموري برصغير مٿان هڪ طاقتور حڪومتي اختيار رکندڙ ملڪ بڻائي ڇڏيو.
ڪنهن بہ طرح، ٻنهي مسلمان ۽ سک برادري هڪ وڏي پريشان ڪندڙ تڪرار کي جاري رکيو، جن ورهاڱي جي نتيجي ۾ فسادن ۽ پنهنجي ڌرتي وڃائڻ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيو هيو. اُھي تڪرار 1980ع ۾ تمام شديد فسادي، آزاد سک رياست قائم ڪرڻ جي تحريڪ جي صورت ۾ ظاهر ٿيا، جن جي ڪري اندرا گانڌي مارجي وئي.
مسلمانن کي پڻ ٻيهر متاثر ڪيو ويو، خاص ڪري ايوڌيا ۾ 1992ع ۾ هڪ مسلمان درگاھ کي ڪيرايو ويو ۽ مسلمان مخالف فساد 2004ع ڌاري گجرات ۾ ٿيا. انهن ڪجھ واقعن کان سواءِ، بهرحال، انڊيا آزادي کان وٺي پنهنجي اتحاد کي ساراھ جوڳي حد تائين قائم رکيو آهي، خُصوصيت سان، جيڪڏهن هڪ غور ڪري تہ هي ملڪ لڳ ڀڳ يورپ جي ايراضي جيترو آهي.
ٻنهي انڊيا ۽ پاڪستان لاءِ، هڪ تمام واحد تڪرار آزادي کان حل نہ ٿيل اڳوڻو شاهي رياست ڪشمير آهي، ان جي قسمت کي انگريزن جي هندستان ڇڏڻ وقت گهٽ اهميت ڏني وئي. ٻنهي ملڪن جي سرحدن تي واقع هجڻ ڪري، ڪشمير تي ٻنهي ملڪن جي دعوا آهي، جنهنجي ڪري هن علائقي جي مالڪي تي ڪيترن ئي موقعن تي جنگيون وڙهيون ويون آهن.
انهي تڪرار هزارين ماڻهن جي زندگين ۽ ڪيترائي ملين ڊالر وڃائي ڇڏيا، پر هاڻي مسئلو آزادي جي وقت جي ڀيٽ ۾ حل جي ويجهو آهي. جيڪڏهن مسئلي کي حل ڪيو ويو تہ ان سان، آخرڪار محمد علي جناح ۽ مهاتما گانڌي جو خواب ساڀيان ٿيندو ۽ جنهن سان ھڪ وڌيڪ مثال بيٺڪيتي پڄاڻان ٻين هنڌن آفريڪا، ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سماجن ۾ قائم ٿيندو. جيڪي ان طريقڪار کي اپنائي پنهنجي تڪرارن ۽ مسئلن کي حل ڪندا.