ٻولي ڇا آهي؟

ڊاڪٽر محبت ٻُرڙو

ٻولي معنادار اهڃاڻوي آوازن جو هڪ اهڙو سرشتو آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي سوچ کي مخصوص، گهربل، چونڊيل ۽ رٿيل ترتيب وسيلي اُچاري ٻولن جي صورت ۾ ظاهر ڪري ٿو. اهي ٻول ڪن مخصوص شَيُن، لقائن، عملن، مجرد خيالن وغيره جو اهڃاڻ ٿين ٿا ۽ ٻڌندڙ اهو ساڳيو مفهوم پِرائي ٿو، جيڪو ڳالهائيندڙ جو آهي.

ماڻهو پنهنجي ذهن ۾ سوچڻ جو عمل به رڳو تڏهن جيئرو رکي سگهي ٿو، جڏهن اهو ٻولن جي صورت ۾ هجي، ان ڪري چيو ويندو آهي ته ٻولي سوچن جو مادائي خول آهي.

• اسان جيڪي بہ ڳالهايون ٿا، تنهن جو تعلق ٻاهرين عملي دنيا جي شين ۽ واقعن سان آهي ۽ انهن جو تعلق علامتي (Symbolical) آهي. گويا اسان جي گفتن ۾ معنٰى موجود آهي. جڏهن اسين چئون ٿا تہ ”ڪتو اچي ٿو“ تڏهن لفظ ”ڪتو“ هوبهو ساڳي شيءِ ناهي، پر ان خاص شيءِ جي علامت آهي ۽ انهيءَ علامت مان خاص معنٰى نڪري ٿي. اهڙيءَ طرح سان ”اچي ٿو“ هوبهو واقعو ناهي، پر ان خاص واقعي جي علامت آهي، جا هڪ خاص معنٰى کي ظاهر ڪري ٿي. (جتوئي [1983] 12)

• ٻولي هڪ اهڃاڻوي عمل (Symbolic activity) آهي. ٻولي رڳو لفظن جي لغوي صورت جو نالو نہ آهي، توڙي جو لفظ بہ ٻوليءَ جو هڪ حصو آهن. ٻوليءَ جو اصل تہ اهڃاڻَ ئي آهن. ٻولي ماڻهن جي ڪلچري cultural، ثقافتي، واهپي ڪارڪردگيءَ جو حصو آهي. (ٻوهيو [1978] 41)

• انساني ٻولي هڪ اشارائي (signalling) سرشتو آهي، جيڪو پنهنجي مادائي
مواد طور واڪل آوازَ ڪم آڻي ٿو. اها ڳالھ ياد رکڻ ڏاڍي ضروري آهي تہ بنيادي طرح هڪ ٻولي اها آهي، جيڪا ڳالھائجي ٿي (which is spoken). لکيل ٻولي ٻِئيت/ثانوي ۽ اُوَئيَل يا مشتق (derivative) آهي. هر فرد جي تاريخ ۾ لکڻ کان اڳ ڳالھائڻ سکيو وڃي ٿو ۽ اهو ئي هڪ سٺو مثال آهي، اِهو سمجهڻ لاءِ، تہ بلڪل ايئن ئي ڪنهن به قوم/نسل جي تاريخ ۾ پڻ ٿيو هوندو. ڪيتريون ئي آدياتي (primitive، جهوني زماني واريون، اڻ-رچيل) برادريون موجود آهن، جن وٽ لکڻ کان سواءِ ئي ڳالهائڻ موجود آهي، پر ڪنهن بہ اهڙي انساني راڄ جي پروڙ نہ پئجي سگهي آهي، جنهن وٽ ڳالهائجڻ کان اڳ لکجندڙ ٻولي هجي. (باربر [1982] 2)

• صورتخطيون بہ علامتون آهن. انهن جو تعلق بہ ٻولين سان آهي پر سڌو ناهي. اهي، ٻولين جي علامتن جون علامتون آهن. ٻولين جون علامتون انساني گفتا آهن ۽ انهن گفتن جون علامتون لکيل لفظ آهن. (جتوئي [1983] 13)

’لکت‘ ٻوليءَ جي آوازن کي اکرن وسيلي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

ماڻهو جڏهن ڳالهائي ٿو، تڏهن سندس ڳالهاءَ ۾ هڪ قسم جو تاثر موجود ٿئي ٿو. هو ڪنهن آواز، ٻول يا جملي کي زور ڏئي شدت، تيزيءَ، کھرائيءَ، ميٺاڄ، حجت، دڙڪي وغيره واري انداز ۾ بہ ڳالهائي ٿو، تہ لَس ليٽ عام بياني انداز ۾ يا لانڍ ۽ جهيلار وسيلي پڻ، ۽ ڳالهائيندَي سندس اکين، وات، هٿن ۽ ڪڏهن ڪڏهن سڄي جسم يا جسم جي ڪنهن حصي جي چرپر ڳالھ جي تاثر کي بيان ڪري ٿي. اهو سڀ ڪجهہ اکرن وسيلي ظاهر ڪري سگهڻ ممڪن نہ آهي.

لکت سرشتو لاڳيتو اسرندو رهيو آهي. دم (.) ، اڌ دم (،)، هلڪي دم (؛)، ڪولون (:)، ڊئش/خال (…/–)، آواز جي نشانين (“ “ يا ‘‘)، هائفين (-)، سوال ۽ عجب جي نشانين (؟ ۽ !) وغيره کان مدد وٺي لکت کي ان لائق بنائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وئي آهي، تہ جيئن اها بلڪل اهڙو تاثر ڏئي سگهي، جھڙو ڳالهائيندڙ جو آهي.

(1) ”ڪتو اچي ٿو.“ – عام بياني انداز.
(2) ”اَي ڪُتو!“، ”هان! ڪتو!“ – تعجبي انداز.
(3) ”ڪهڙو ڪتو؟“ – سوالي انداز.
(4) ”ڪتو!“ – کهرو يا دڙڪي وارو انداز، ڪتي کان خبردار ڪرڻ يا ڪتي کي تڙڻ/ڀڄائڻ لاءِ.
(5) ”ڪتو~“ – لانڍ وارو، نرم يا حجائتو انداز.

مٿي ڏنل پنجن مان پهريَن ٽن تحريري نشانن کان هر هڪ چڱيءَ طرح واقف آهي. چوٿين ۽ پنجين انداز کان به چڱيءَ طرح واقف آهيون، پر اهڙا تحريري نشان اڃا نہ ٺهيا آهن، توڙي جو اچارڻ جو اهو ڍنگ بلڪل عام آهي. تعجبي نشان کي سڏ ۽ ٽوڪ وارو انداز ظاهر ڪرڻ لاءِ به ڪتب آندو وڃي ٿو. اهو سڀ ڪجهہ انهيءَ لاءِ آهي تہ جيئن هر هڪ لکڻي بلڪل ان طريقي سان پڙهي وڃي، جيئن ڳالهائي وئي هئي.
ليکڪ انهيءَ راءِ جو آهي تہ ڳالهائڻ جي ڍنگ، رفتار، لانڍ وغيره جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪري هر هڪ انداز لاءِ ڌار ڌار تحريري نشان مقرر ڪجن تہ جيئن پڙهندڙ ڄڻڪ پڙهڻ سان گڏ حقيقت بہ ڏسي رهيو آهي.

ڳالهائڻ آوازن تي مشتمل آهي جڏهن ته لکت اکرن تي. لکت ٻوليءَ جي آوازن کي اکرن وسيلي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ٻوليءَ جو هڪ آواز ضروري نہ آهي تہ لکت ۾ هڪ اکر وسيلي ئي ظاهر ٿئي، ٻہ يا ٽي اکر بہ ڪڏهن ڪڏهن رڳو هڪ آواز جي نشاندهي ۽ نمائندگي ڪن ٿا. ڪي عالم ٻوليءَ ۽ ٻولن جو تجزيو ڪرڻ مهل پنهنجو گهڻو ڌيان ٻول جي آوازن بدران لفظ جي اکرن تي ويڙهائيندا آهن. ليکڪ انهيءَ راءِ جو آهي تہ ان نموني درست نتيجن تي پهچي سگهڻ ممڪن نہ آهي. ٻولي آوازن جو اهڃاڻي معنٰى رکندڙ منظم سرشتو آهي، تنهنڪري ٻوليءَ ۽ ٻول جي پرک لاءِ بنيادي اهميت آواز جي آهي.

(ڊاڪٽر محبت ٻرڙَي جي ڪتاب ”ٻول جو بُڻ“ تان ورتل)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close