بيغيرت (مختصر ڪھاڻي)

حاجي جمالي

خميسو سڄو ڏينھن وڏيري سان گڏ اليڪشن جي ورڪ واري ريلي ۾ ھو، رات جو ٻارهين بجي گهر موٽيو تہ گهر ۾ کائڻ لاء ڪجهہ ڪونہ ھو، ٻار بکارا سمھي پيا ھئا، پر ھن کي بک تي ننڊ نہ آئي. ھن ڪتي واري ڀونڪ شروع ڪئي تہ زال جواب ڏنس، سڄو ڏينھن وڏيرن پويان رلڻ سان ڪجهہ ناھي ملندو، ڪٿي وڃي مزدوري ڪر ۽ ڪجهہ پنھنجي کائڻ لاء وٺي اچ، آئون عورت توکي ڪٿان کارايان…

زال جيئن اھي لفظ ڪڍيا تہ خميسي کي باھ لڳي وئي، کڻي ڪھاڙي جي پاھ سان زال کي اڌ رات جو ڪٽڻ شروع ڪري ڏنائين.

زال جي دانھن ۽ ڪوڪن تي پاڙي وارا جاڳي پيا، جن اچي ڇڏايو. نيٺ خميسو بک تي سمھي رھيو، پر زال سڄي رات ويچاري زال ڪھاڙي جي پاھ جي ڌڪن جي سور ۾ روئيندي گذاري.

اسر جو جيئن مؤمن نماز پڙھي مسجد کان نڪتا تہ ان مھل سندس وڏي ڌيءَ مومل بہ ننڊ مان اٿي. ٻيھر پادرن جي خوف کان زال ويچاري پنھنجي ٻارھن سالن جي ڌيءَ مومل کي پيالو ڏيئي پاڙي واري گهر مان اوڌارو کنڊ پتي وٺڻ لاء موڪليو. ڌي پاڙي واري گهر مان کنڊ پتي وٺي آئي تہ ماڻس وري پاڙي جي ٻئي گهر مان کير وٺڻ لاء موڪليس. مومل جنھن گهر ۾ کير وٺڻ وئي تہ ان گهر جو مالڪ گوڏ سان کٽ تي ستو کونگهرا ھڻي رھيو ھو ۽ سڄي اوگهڙ ظاھر ھيس.. مومل ويچاري شرم کان منھن تي رئي جو پلو ڏيئي پاڙي واري کان کير وٺي پنھنجي گهر موٽي تہ سندن پيءُ خميسي کي جاڳ ٿي.

گهر واري پاڙي مان ورتل کير ۽ کنڊ مان چانھ ٺاھي ڪٽلي اچي مڙس جي سامھون رکي، تہ خميسو ٻہ ڪوپ چانھ جا پي ٽوپي نراڙ تي رکي وڏيري جي اوطاق تي رئيس وڏي وٽ حاضري ڀرائڻ روانو ٿيو، رئيس وڏي وٽ حاضري ڀرائي تقريبن ساڍي نائين بجي ڌاري ڀر واري اسٽاپ تي وڃي رھيو ھو، تہ کيس رستي ۾ ڀر واري پرائمري اسڪول ٻاھران عورتن جي رش ڏسڻ ۾ آئي. پڇڻ تي خبر پيس تہ اسڪول ۾ احساس ڪفايت سينٽر قائم آھي، جنھن ۾ وزيراعظم جي طرفان احساس ڪفايت جي قسط جا ٻہ ھزار عورتن کي ملي رھيا آھن.

سو خميسو بنا ڪنھن دير گهر طرف روانو ٿيو، ۽ زال کي وٺي اچي احساس ڪفايت سينٽر ٻاھران لائين ۾ بيهاريائين

اڌ ڪلاڪ کان پوءِ سندس زال قسط جا ٻہ ھزار کڻي سينٽر مان ٻاھر نڪتي، خميسو سينٽر ٻاھر انتظار ۾ بيٺل ھو، ۽ ھو گهر طرف روانا ٿيا

گهر پھچي زال مليل احساس ڪفايت جي قسط جا ٻہ ھزار خميسي کي ڏنا تہ وڃي اسٽاپ تان گهر لاء راشن وٺي اچ

خميسو قسط جا ٻہ ھزار کڻي اسٽاپ تي پھتو تہ سڀ کان پھرين ڪيبن تان گولڊ ليف سگريٽ جو پاڪيٽ ۽ ٻہ سئو جو چرس وٺي ھوٽل طرف روانو ٿيو

ھوٽل تي وڃي ٽوپي نراڙ تي رکي، چانھ جا ڪوپ ھٿ ۾ جهليل پگهر ۾ شم بيري کي گار ڏيئي رعب سان ھڪل ڪري چوڻ لڳو ”چانھ جو ڪٽ تہ پيئار بيغيرت!“

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close