ضمانت (ڪھاڻي)

جبار آزاد منگي

”لعنت آهي توتي“
”خدا جو عذاب نازل ٿئي توتي“
ڪنهن موچڙو هنيُس، ڪنهن مُڪون۔۔ ملان الھ ڏنو پاڙي جي ماڻهن جي گرفت ۾ اچي چڪو هو.

”اڙي شرم نه آيو توکي!؟ جو خدا جي گھر ڀرسان مدرسي ۾ اهڙو گناھ جو ڪم ڪيو اٿئي؟ توکي حياءُ نه ٿيو… مٿان ڪا ڇپ ڪرئي…“
”قيامت کي ٻيا ڪهڙا سڱ ٿيندا آهن!!؟ اِهائي قيامت اَٿوَ.“
”وٺي هلو ذليل کي ٿاڻي تي ته ڪجھ سيکت مليس.“

اهي آواز هيا پاڙي جي ماڻهن جا ۽ ماڻهن جي ميڙ ۾ موجود هيو پاڙي جي مسجد جو پيش امام ملان الھ ڏنو.
”لک جي هجئي“ هڪڙي همراھ ڀونڊو ڏيندي ملان کي چيو

”توبهن آهي توبهن! اڙي تو جھڙن جا اهڙا ڪم هوندا ته پوءِ دنيا ڄاڻ تباھ ٿي. لڪي گناھ ڪيو اوهان ۽ ڏوھ ڏاڙهي ڪوڙین تي، حيف آهي ملان تنهنجي زندگي تي.“

پاڙي جا ماڻهو ڪافي گڏ ٿي چڪا هئا، گهرن جي ڇتين تي عورتون بيهي تماشو ڏسي رهيون هيون، هو کِلي رهيون هيون ملان تي، جيڪو سڃاڻپ کان ٻاهر نڪري چڪو هو. ملان جا وار وکري چڪا هئا، منهن ڪارو ٿيل هئس ڪارنهن سان ۽ هڪ گڏھ هيو ملان جي ڀرسان بيٺل، ملان چپ چاپ نماڻيون اکيون کڻي ميڙ کي ڏسي رهيو هو.

”چڙھ جوءِ جا………..“ ڪنهن گار ڏيندي ملان کي چيو ”هل ته توکي سچو پادر سان ٿا منجهند جي ماني کارايون.“

ملان سچو پادر جو ٻڌي هيسجي ويو، هن کي سمجهہ ۾ نه پيو اچي ته هو ڇا ڪري. ملان هڪ ڀيرو وري نماڻين نظرن سان ميڙ کي ڏٺو. ملان جي نظر پاڙي جي ميمبر تي پئي

”او غلام رسول تون هنن کي سمجهاءِ. هيءَ خطا معاف ڪن، آءُ هي شهر ڇڏي هليو ويندس، مرندو مري ويندس پر هن شهر ۾ ڪڏهن به نه ايندس.“ ملان ليلائيندي پاڙي جي ميمبر غلام رسول کي چيو ۽ موٽ ۾ ميمبر هڪ زوردار چماٽ ملان جي منهن تي وهائي ڪڍي: ”تو کي الله جو خوف دل ۾ نه آيو؟ توکي واحد القهار جو ڊپ نه ٿيو؟“ ميمبر پنهنجو هٿ اگهڻ لڳو جيڪو ملان جي ٻوٿ تي لڳڻ کان پوءِ ڪارو ٿي چڪو هو.

”اڙي سائين، اهڙن مُلن کي خدا جو خوف ناهي ٿيندو، هي پاڻ جرم ڪندا آهن ۽ غريب ماڻهن کي خدا جو خوف ڏئي پنهنجي گناهن تي پردو وجهندا آهن.“ پاڙي جي هڪ ڇوڪري ملان کي ڏسندي وڏي واڪي چيو ۽ پاڙي جا ماڻهو انهي ڇوڪري جي انهيءَ سچ کي ٻڌي، ڇوڪري کي حيرت وچان ڏسندا رهيا، شايد پاڙي وارن کي اها خبر نه هئي ته شهر جو نامي گرامي بشني اهڙا کرا ۽ سچا جملا چوندو.

”اڙي چڙهين ٿو گڏھ تي يا ڪيونءِ ٽنگو ٽالي“ هڪ دوڪاندار ملان کي چيو

ملان جي هر طرف کان واھ بند ٿي چڪي هئي. ملان پاڻ کي ٿاڻي جي اندر اگهاڙو ڏسڻ لڳو ۽ هن کي ايئن محسوس ٿيو ته ٿاڻي اندر سچو پادر آهي ۽ منهنجا ٿلها متارا ماس چڙهيل چُتڙ.. ملان کي پنهنجي ساک ويندي محسوس ٿيڻ لڳي، جيڪا ساک هن تعويذ ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪري ماڻهن ۾ برقرار رکي هئي، ملان اهو سوچي ڇرڪي ويو.

”اڙي گڏھ! گڏھ تي نٿو چڙهين!؟“ هڪ شاگرد ملان کي ڪنڌ واري مڪ وهائيندي چيو ۽ گڏھ کي ملان جي ويجهو آڻڻ جو چيو

ملان آهستي آهستي قدم کڻندو گڏھ طرف وڌيو، گڏھ ملان کي ڏسي هينگڻ شروع ڪيو، ڄڻ گڏھ به ناراض هجي ملان تي ۽ ماڻهن کي ٻڌائيندو هجي ته مان اهڙي رويي جي لائق ناهيان، جو مون گڏھ مٿان انسان نما سوئر کي چاڙهي شهر جو گشت ٿا ڪرايو۔۔

گڏھ تي ملان ويٺو پر گڏھ چرڻ کان نابري واري بيهي رهيو، ٻه ٽي سونٽيون گڏھ کي ڪنهن وهائي ڪڍيون، گڏھ پُستي هڻي ڊوڙ پاتي ۽ ملان جيڪو اڃا مضبوطي سان گڏھ تي ويٺو نه هيو. ڦھ اچي پٽ تي ڪريو، ميڙ ۾ گهڙي کن لاءِ ٽهڪڙو مچي ويو

”اڙي هڪڙي ڳالھ وسري وئي آهي، ملان کي پادرن جو هار به ته وجهو“ ميڙ مان ڪنهن آواز ڏئي يادگيري ڏياري

ڪنهن پادر ۽ ڪنهن رسي آندي، ایئن ملان ۽ گڏھ جي ڳچيءَ ۾ پادرن جا هار سينگارجي ويا. گڏھ جو ڪنڌ شرم وچان هيٺ ٿي ويو، ڄڻ ميڙ کي نماڻائي سان چوندو هجي ته ”ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوھ آهي؟ مان ملان جو مائٽ ته ناهيان، يا وري ملان منهنجي خاندان مان ٿورئي آهي، جو منهنجي ڳچيءَ ۾ به هار وڌو اَٿوَ.“

هيئنر ایئن لڳي رهيو هو، ڄڻ ملان جي شادي ٿيڻ واري آهي. گڏھ هلڻ مناسب سمجهيو ڇو ته گڏھ اهيو ڄاڻي ورتو هو ته جي نه هلندس ته ماڻهو ملان بدران منهنجي کل لاهي وجهندا..

هوءِ هوءِ…. لعنت لعنت…… هيڙو هيڙو….. ٿُو ٿُو… اهي آواز هيا پويان ۽ اڳيان هيو گڏھ تي سوار ملان الھ ڏنو.
گڏھ شهر ۾ داخل ٿيو، ماڻهو گڏھ ۽ ملان جي چوڌاري ايئن مڙي آيا، ڄڻ ملان ٺاهوڪو خطاب ڪرڻ وارو هجي. ڪن ماڻهن کي تماشي جي لڳي ۽ ڪي وري بي خبر هئا ته ملان جي هيڏي ٺاهوڪي مهمانوازي ڇو ڪئي وئي آهي. ملان جون اکيون ڳاڙهيون ٿي چڪيون هيون. ملان جي منهن مهانڊي جي تبديلي مان ايئن پئي لڳوته ڄڻ ڪنهن مصور گورپٽ جي تصوير ٺاهي هجي.

ٿاڻي جو چوڌاري ماڻهن جا ميڙ هئا ۽ ملان گڏھ سميت ٿاڻي جي اندر هيو.

”ڇا آهي؟ ملان سان ههڙي تعدي ڇو ڪئي وئي آهي؟“ صوبيدار ملان کي ڏسندي ۽ پنهنجي کِل روڪيندي، حيرت وچان ميڙ وارن کان پڇيو

”صوبيدار صاحب! هن حرامي اهڙو ڪريل ڪم ڪيو آهي جو اڄ تائين شيطان به اهيو ڪم ناهي ڪيو ۽ شايد شيطان جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو هجي.“ ڪنهن ماڻهو چيو

”ڳجهارتن ۾ نه ڳالهايو“ صوبيدار رعب ڪندي چيو

”سائين هن شيطان مدرسي اندر ڏهن سالن جي ڇوڪري سان بدفعلي ڪئي آهي“ ڪنهن ميڙ مان وري ڳالهايو

”سچ ٿا چئو؟“ صوبيدار ڏنڊي ۾ هٿ وجهندي چيو

”جي ها سائين قسم ساک تي ٿا چئون….“ ميڙ مان وري ڪنهن وراڻيو

صوبيدار باھ ٿي ويو۔ ٻه ٽي ڏنڊيون ملان کي وهائي ڪڍيائين، جيڪو اڃا گڏھ تي چڙهيو ويٺو هو، گڏھ هڪ ڀيرو وري خوف وچان پُستي ڏني ۽ ملان ٻٽڪو اچي پٽ تي ڪيو، پوءِ ته ملان هيو ۽ صوبيدار جا موچڙا ۽ گاريون. ملان اڄ ماٺ هيو. هونءَ ته ڏاڍو ڳالهائيندو آهي پر اڄ ملان ائين چپ هيو ڄڻ جنم کان گونگو ۽ ٻُوڙو هجي.

”ڇوڪرو ڪٿي آهي؟ ڪنهن جو پٽ آهي؟“ صوبيدار ٻه سوال ڪري ورتا

”صوبيدار صاحب! ڇوڪرو بيهوش آهي ۽ سندس پيءُ علي بخش اسپتال کڻائي ويو اٿس.“

”ڇوڪري جو نالو؟“ صوبيدار وري پڇيو

”سائين، قلندر بخش نالو اٿس…“ پاڙي جي دوڪاندار احمد صوبيدار کي چيو ”اصل حقيقت جي مون کي خبر آهي ۽ اکين ڏٺو شاهد به مان آهيان.“

”اڇا؟“ صوبيدار احمد کي ڏٺو… ”تو ڇا ڏٺو؟“

”صوبيدار صاحب، آءُ پنهنجي دوڪان تي ويٺو هيس، يارهين جو ٽائيم هيو ته مسجد جي اندران رڙيون آيون.. ’بابا مونکي بچايو، بابا… سائين مون کي ماري ٿو‘ مان تڪڙو تڪڙو مدرسي جي ان ڪمري ڏانهن ويس جتان دانهون پئي آيون، پر در اندران بند هيو، مون در جي مٿان لڳل ڄارين مان ڏٺو ته ملان ننڍڙي قلندر بخش جي مٿان چڙهيو ويٺو هو ۽ ننڍڙي جي سلوار لٿل هئي.. مون در کي ڌڪ هنيا ۽ رڙيون ڪري پاڙي وارن کي گڏ ڪيو، جيستائين پاڙي وارا گڏ ٿيا تيستائين ملان خوف وچان قلندر بخش کي سلوار پارائي چڪو هو، اسين در ڀڃي اندر داخل ٿياسون، پر قلندر بخش بيهوش هو.“

”بيغيرت توکي هن اسلامي ملڪ ۾ اهڙو ڪڌو ڪم ڪندي شرم نه آيو؟ خوف نه ٿيو؟“ صوبيدار ملان تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو ۽ موٽ ۾ ملان جون رڙيون هيون، جيڪي لٺين لڳڻ ڪري هو ڪري رهيو هو.

پوليس جاءِ واردات ڏٺي ۽ قلندر بخش کان بيان وٺي ڪيس داخل ڪيو. ٻئي ڏينهن وارين اخبارن ۾ ملان جي پرڪارن جي خبر عام جاءِ تي شايع ٿيل هئي ۽ ملان لاڪپ ۾ هڪ رات ڏوهارين سان گذاري چڪو هو.

ٻي صبح جو صوبيدار ملان کي چالان ڪري ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ تيار هئو. هڪ اڇي رنگ جي ڪار ٿاڻي جي در اڳيان اچي بيٺي ۽ ان مان چار ڊگهين ڏاڙهين وارا ٿلها متارا ماڻهو لٿا. هنن هڪ ڪاغذ صوبيدار کي ڏنو.. صوبيدار ڪاغذ وٺي پڙهيو.
”ملان کي ڇڏيو“

صوبيدار هڪ اي ايس آءِ کي حڪم ڏنو ”هي ملان جي اڳواٽ ضمانت کڻي آيا آهن.“

ملان آزاد هيو.. صوبيدار غور سان ملان الھ ڏني ۽ ٻين کي ڏٺو، جيڪي ٿاڻي جي مين در وٽ پهچي چڪا هئا.

”هن اسلامي ملڪ ۾ اسلام جي ٺيڪيدارن هڪ شيطان جي ضمانت ڪرائي پوري سماج جي منهن تي موچڙو وهائي ڪڍيو آهي.“ صوبيدار کان سچ نڪري ويو…. ۽ صوبيدار پاڻ کي ڪرسي تي اُڇلي ڇڏيو.

(ڪتاب:اندر ڪارو ڪانءُ تان کنيل)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close