صحتمند سنڌ ڏانهن هڪ وک

منصور علي جلباڻي

ڪجهہ مهينا اڳ فيسبڪ تي ”سائيڪل“ بابت هڪ مختصر ۽ مفصل لکڻي پڙھڻ لاء ملي. جنهن ۾ ڪنهن ٻاهرئين اقتصادي ماهر جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ”سائيڪل“ سرمائيدارن جي دشمن آهي.

لکڻي موجب ان بنيادي نقطي کي ٽيڪ ڏيڻ لاء ڪيئي واڌو نقطا ڏنل هئا.

جيئن:

1.سائيڪل هلائڻ لاءِ توهان کي پئٽرول جي ضرورت نه پوندي؛ يعني پئٽرول جو واهپو گهٽ ٿيندو ۽ مختلف شين جون قيمتون ڪِرنديون.

2. سائيڪل هلائڻ مان ڪوئي دونهون ناهي نڪرندو، جنهن سان ماحول جي آلودگي گهٽجي ويندي ۽ ان آلودگيءَ سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون به گهٽجنديون، نتيجي طور انهن بيمارين جون دوائون به سستيون ٿينديون.

3. سائيڪل هلائڻ سان انساني جسم صحتمند ۽ چست ٿيندو ۽ ماڻهو دل ۽ ٻين بيمارين کان پاڻ بچائي سگهندو، جنهن جي نتيجي طور انهن بيمارين جي مهانگن خرچن کان به بچي پوندو ۽ ان جي نتيجي ۾ دوا ساز ڪمپنيون سستيون دوائون ٺاهينديون ۽ نيٺ اهي دوائون ٺهڻ ئي بند ٿي وينديون. وغيره وغيره.

اُن لکڻيءَ جي پُڄاڻي ۾ مزاحيه طور هڪ واڌو پر سچ تي مبني جملو لکيل هيو ته ماڻهو اگر پنڌ هلڻ شروع ڪن ته سائيڪلون ٺاهيندڙ سرمائيدار کي به نقصان ٿيندو.

اها لکڻي پڙھڻ کان پوءِ منهنجي دل ۾ به هڪ خواهش جنم ورتو ته آئون به سائيڪل وٺي روز صبح جو سائيڪل هلائي سرمائيدارن کي نقصان پهچائيندس.. (پر محدود آمدنيءَ سبب اڃان تائين پنهنجي خواهش پوري ناهيان ڪري سگهيو)

گهر ۾ اسڪوٽر يا ڪا وڏي گاڏي ڀَلَي هجي پر سائيڪل ضرور وٺجي. ايمرجنسيءَ ۾ يا 15 ڪلوميٽر کان وڏي سفر لاء ڀَلي اسڪوٽر يا وڏي گاڏي استعمال ڪجي پر معمول جي ننڍڙي سفر لاء سائيڪل هلائڻ سان اسان پاڻ کي چست ۽ صحتمند بڻائي سگهون ٿا ۽ جي اسان اها ڀلي عادت اختيار ڪئي ته اسان جو ايندڙ نسل کوڙ خطرناڪ بيمارين کان محفوظ رهي سگهندو

ڇو نه پاڻ کان ئي شروعات ڪجي؟ جيڪي دوست سائيڪل وٺي سگهن ٿا اهي ضرور ”سنڌسائيڪلهلايو_مهم“ جو رضاڪاراڻه طور حصو بڻجن ۽ سنڌ سرڪار کان به ان مَثبت صحت بخش مهم کي هٿي وٺرائڻ لاء جوڳا اپاءَ وٺڻ لاء مطالبو ڪجي.

مثال طور: سنڌ سرڪار پنهنجي ملازمن کي جيڪي ٽريولنگ الائونس ڏيندي آهي؛ تنهن بجاء سرڪاري ملازمن کي سائيڪلون ڏنيون وڃن (بشمول مئنٽيننس الائونس). جيئن هن وقت سنڌ سرڪار جي تعليمي پاليسي آهي ته استادن جي ڀرتيءَ وقت انهن جي پوسٽنگ سندن ئي يونين ڪائونسل ۾ ڪئي ويندي. ڇا پهرئين مرحلي ۾ اهو بهتر نه رهندو ته آئنده جيڪي نوان استاد (مرد توڙي مايون) ڀرتي ڪيا وڃن تن کي جوائننگ آرڊر سان گڏ سائيڪل به ڏني وڃي ۽ پوء ان مهم کي اڳتي وڌائيندي ٻين ادارن جي عملدارن لاءِ به لاڳو ڪجي؛ بالخصوص اهي عملدار جن جي ڀرتي به سندن پنهنجي يونين ڪائونسل ۾ ئي ٿيندي هجي؛ جيئن ميونسپل سان لاڳاپيل عملو يا وري ڪوششون وٺڻ سان شهر جي حدود ۾ گشت ڪندڙ پوليس جي عملي کي به گهربل سهولت مهيا ڪري سائيڪل هلائڻ لاءِ همٿائي سگهجي ٿو، جنهن سان نه فقط سائيڪل هلائيندڙن جي صحت بهتر رهندي پر ان سان هوا جي گدلاڻ کي به روڪي يا گهٽائي سگهبو، جنهن جو مکيه سبب گاڏين مان نڪرندڙ دونهون بڻبو آهي.

ان سان گڏوگڏ صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي ان طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي ته سائيڪلون ٺاهيندڙ فيڪٽرين کي قانونسازيءَ ذريعي پابند ڪن ته هو سستيون، پائيدار ۽ پرڪشش سائڪليون ٺاهين.

ان ڏَس ۾ ڪي غير سرڪاري فلاحي تنظيمون به مختلف پروجيڪٽس تشڪيل ڏئي ”سائيڪل_مهم“ کي هٿي وٺرائي سگهن ٿيون.

پر جيستائين حڪومتي ۽ غير حڪومتي فلاحي ادارا ان معاملي کي اهميت لائق سمجهن، تيستائين سرنديءَ وارن دوستن ۽ ساٿين کي پاڻ ئي پنهنجي لاء سائيڪل جو بندوبست ڪرڻو پوندو ۽ صحتمند سنڌ جي پيڙھ جو پٿر رکڻو پوندو.

”صحتمندسنڌبنائڻي آ ته سائيڪل هلائڻي_آ.“

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close