ڇا سِجُ اولَھَ کان اُڀرندو…!؟

نظير احمد ڀنڀرو

زمين پنهنجي مدار ۾ گردش هڪ سال ۾ مڪمل ڪري ٿي، معنيٰ ته سج جي چوڌاري چڪر هڪ سال يعني 365 ڏينهن ۾ پورو ڪري ٿي پر زمين جي هڪ ٻي گردش به ٿيندي آھي، جنهن کي محوري گردش چئبو آھي يعني زمين جو پنهنجي محور جي چوڌاري ڦرڻ۔ معنيٰ ته جيئن فُٽ بال کي هڪ جاءِ تي رکي لاٽونءَ وانگر ڦيرائجي ته ان کي فٽ بال جي محوري گردش چئبو، ان جو مطلب اهو ٿيو ته زمين پنھنجي محور تي لاٽونءَ وانگر گول ڦرڻ سان گڏو گڏ ھڪ بيضوي مدار ۾ سج جي چوڌاري پڻ چڪر هڻي ٿي.

هاڻي اچون ٿا ان سوال طرف ته ڇا سِجُ اولَھَہ کان اڀرندو!؟ اهو سوال هڪ سائنسي کوجنا بعد عام ٿي چڪو آھي ته زمين جي ڪوئر جو ڦرڻ بند ٿي ويو آھي، هيءَ کوجنا مارچ 2023 ۾ سامھون آئي آھي پر عام ماڻھن جو سائنسي علم گهٽ يا بنھَہ نه هجڻ سبب اهڙو سوال پيدا ٿيو آھي ته سِجُ اولَھَہ طرف کان اڀرندو!

جيئن ته زمين جي اندروني بناوت ڪجهہ اهڙي آھي، جنهن ۾ زمين جي بلڪل وچ ۾ ڪوئر ھوندو آھي۔ ڪوئر کي هڪ مثال سان سمجهائي سگهجي ٿو، جيئن آني اندر ھئڊي رنگ جي ٽِڪي هوندي آھي، بلڪل ايئن ئي زمين جي بلڪل وچ ۾ به هڪ گول ٽڪي هوندي آھي، جنهن کي ڪوئر چئبو آھي. ڪوئر لوهہ، ڪوبالٽ، نڪل، سون، چاندي ۽ مختلف ڌاتن جو مڪسچر آھي، پر لوھ سڀ کان گهڻو اٿس، تنهن کان گهٽ ڪوبالٽ ۽ نڪل وارا ڌاتو اٿس، ٻيا ڌاتو تمام گهٽ مقدار ۾ هوندا آھن. ان ڪوئر جو گرميءَ جو درجو ايترو ته گهڻو آھي (4000 کان 7000 ڊگري سينٽي گريڊ) جو اهي سڀ ڌاتو رجيل حالت ۾ تہ هوندا آھن پر ان جي چوڌاري زمين جي ٻئي مواد يا مٽيريل جي سٿيل هجڻ سبب اهو ڪوئر شديد دٻاءَ هيٺ رهي ٿو، جنهن سبب رجيل لوھ به جھڙوڪر سخت حالت ۾ آھي. ڪوئر جي ٻاهران وري هڪ ٻيو تَھُہ ٿئي ٿو، جنهن کي آئوٽر ڪوئر يا ٻاهريون تَھُہ چئجي ٿو، جيڪو رجيل حالت ۾ هوندو آھي پر اندرئين ڪوئر کان نرم ٿئي ٿو، جنهنڪري اندريون سخت ڪوئر پنهنجي محور تي گول ڦري سگهي ٿو.

جيئن زمين پنهنجي محور تي اولَھَہ طرف کان اوڀر طرف ڦرندي رهندي آھي، تيئن اهو اندريون ڪوئر پڻ زمين اندر زمين جو حصو هجڻ سبب ڦرندو آھي، پر جيئن ته اهو ڪوئر رجيل ٻاهرئين ڪوئر ۾ ويڙھيل هوندو آھي، انڪري اهو پنهنجي محور تي زمين جي 24 ڪلاڪن واري محوري گردش کان به ڪجهہ وڌيڪ رفتار سان ڦرندو آھي. اسان فرض ٿا ڪريون ته اندرئين ڪوئر جي محوري گردش جو هڪ چڪر 23 ڪلاڪ ۽ 45 منٽن ۾ مڪمل ٿئي ٿو، انڪري ان جي رفتار تيز چئبي، ان جي سببن ۾ ان اندرئين تَھَہ ۾ چقمقي خاصيت جو موجود هجڻ آھي، جنهن کي ميگنيٽڪ فيلڊ چئبو آھي. ان ميگنيٽڪ فيلڊ سبب سندس زمين اندر زمين جي محوري گردش سان گڏ گڏ ڦرڻ بجاءِ ان جي رفتار ۾ ڪجهہ فرق هوندو آھي. جيئن ته اسان جي سِجَ ۾ پڻ طاقتور چقمقي ميدان آھي جنهن سان زمين جي ڪوئر جي محوري گردش ٻڌل آھي، زمين جي اندرئين ڪوئر جي اها رفتار زمين جي محوري گردش کان ڪجهہ تيز رهندي آھي، سِجَ اندر تمام گهڻي اُٿل پُٿل پيدا ٿيندي رهندي آھي جنهن سبب ان جي چقمقي ميدان ڪافي تبديليون اينديون رهنديون آھن، جنهن جي ڪري سولر فليئر يا سِجَ جي چقمقي ميدان جي طاقتور ٿيڻ جا طوفان برپا ٿيندا رهندا آھن، جيڪي زمين تائين پڻ پھچندا رهندا آھن ۽ زمين جي اتر قطب ۾ هوا اندر رنگين روشنيون پيدا ڪندا آھن. انهن سولر فليئرز کان زمين تي ڪو نقصان ٿيڻ کان بچاءُ زمين جو چقمقي ميدان ڪندو آھي، جيڪو زمين جو اندريون ڪوئر پيدا ڪندو آھي. زمين جي اندرئين ڪوئر مان پيدا ٿيندڙ چقمقي ميدان کي جڏھن سج جي نسبتن وڌيڪ طاقتور چقمقي ميدان جي نقصانڪار لھرن جو مقابلو ڪرڻو پوندو آھي ته زمين جي اندرئين ڪوئر جي رفتار نارمل رفتار کان گهٽجي ويندي آھي، اهو عمل تمام گهڻي آھستگيءَ سان ٿيندو آھي.

مٿي ٻڌايل سببن جي ڪري جيڪڏھن زمين جي اندرئين ڪوئر جي رفتار به زمين محوري گردش واري رفتار جي برابر يعني 24 ڪلاڪن ۾ پوري ٿئي ته ايئن چئبو ته ڪوئر هڪ جاءِ تي بيھي رهيو آھي، ڇو ته زمين سڳوري به پنهنجي محور تي هڪ چڪر 24 ڪلاڪن ۾ پورو ڪندي آھي. اهو بلڪل ايئن سمجهو، جيئن مين روڊ تي ٻه موٽر سائڪلن جا ٽرڙا سوار گڏ گڏ ڪچھري ڪندا هلندا پيا وڃن ته اهي به هڪ ٻئي کي بيٺل ئي محسوس ڪندا آھن! پر جيڪڏھن زمين جي اندرئين ڪوئر جي محوري گردش جو هڪ چڪر 24 ڪلاڪ ۽ 15 منٽن ۾ مڪمل ٿئي ٿو ته ايئن چئبو ته زمين جو اندرئين ڪوئر ابتو هلڻ شروع ڪيو آھي پر ان صورت ۾ به سج اولَھَہ کان نه اڀرندو پر ساڳيو ئي اوڀر طرف کان اڀرندو، پر اهو ممڪن آھي ته زمين جي محوري گردش جي رفتار ڪجهہ سست ٿي وڃي ۽ 24 ڪلاڪن ۾ پورو ٿيندڙ ھڪ محوري چڪر 24 ڪلاڪ ۽ 50 سيڪنڊن ۾ ڪَري، پر اهو به تڏھن ممڪن ٿيندو جڏھن زمين جي اندرئين ڪوئر جي محوري گردش پوري ٿيڻ جو وقت 24 ڪلاڪن کان ڪجهہ وڌي وڃي. موجوده تحقيق مطابق اهڙو ڪجهہ به ناهي ٿيو. جديد سائنسي کوجنا ايترو ٻڌايو آھي ته زمين جي اندرئين ڪوئر جي رفتار نارمل رفتار کان معمولي گهٽ ٿي آھي ۽ اها سِجَ اندر چقمقي ميدان جي قوت جي نارمل ٿيڻ بعد ٻيھر نارمل ٿي ويندي.

هن سڄي سائنسي حقيقت ۾ اهو ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته سِجُ اولَھَہ کان اُڀرندو؟
زمين جي اندرئين ڪوئر جو گهمڻ ۽ ان جي گهمڻ جي رفتار ۾ ڪجهہ فرق اچڻ هڪ نارمل عمل آھي، چاهي اهو زمين جي محوري گردش کان ڪجهہ تيز ٿي وڃي، گڏ گڏ گهمي يا ڪجهہ آھستي گهمي، ان سان سج اولهہ کان نه اڀرندو. ان ڪري ڪنهن کي به غلط سائنسي سمجهاڻيون ڏيندڙن کان پري رهڻ گهرجي، سڀ خير آھي، زمين جيڪڏھن اشرف المخلوقات جي غلط ڪارين کان بچي وئي ته بلڪل محفوظ آھي.

ڀنڀرو ويدر واچ جي ٿورن سان

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close