ڳـــاڙھـــو جهــنـــڊو…

تنوير عالم جوکيو

تاريخ ۾ 6 جون 2021ع ڌرتي ڌڻين ۽ سنڌ جي نانءُ لکبو، جتي سنڌ جي سچن سپوتن پنھنجي ڌرتيءَ کي مان ڏنو ۽ قبضاگيرن ۽ بحريا جي دلالن کي اک ڏيکاري آھي.

اڄ فقط سنڌ جا سنڌي ھئا… نہ ڪو بلوچ، نہ گبول، نہ برفت، نہ چانڊيو، نہ جوکيو، نہ مگسي، نہ سيد، نہ خاصخيلي، نہ ڪاڇيلو، نہ بروھي…. ھئا تہ صرف سنڌي ھئا.

جتي سرڪاري مشينري ۽ بحريا جا ڇاڙتا پُر امن ڌرڻي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سٽون سِٽي رھيا ھئا اتي سنڌ جي جوڌن سان گڏ سنڌ جون سورميون، ٻار ۽ مائرون ڳاڙھي جھنڊي ھيٺ بلند نعرن سان ملڪ رياض کي للڪار ڏئي رھيا ھئا… اسين ڀاڳيا، تون چور آھين!!!

بحريا جي اوچين عمارتن کان بہ اوچا حوصلا ھئا. جتي اڙدو ميڊيا ماٺ جو روزو رکي عبادت ڪري رھي ھئي،  اتي سوشل ميڊيا پل پل جي خبر ۽ حقيقت کان با خبر رکي رھي ھئي.

سلام آھي سنڌ جي ان جوان کي جنھن بحريا ٽائون جي سڀ کان وڏي ٿنڀي تي چڙھي ڳاڙھي جھنڊي جي ڪاميابي جو پھريون ڪل لڳايو ۽ سنڌ جي پاڻي جو حق ادا ڪيو.. جيڪو انتظاميا لاءِ خطري جي علامت ثابت ٿيو.

ان کان پوءِ پُر امن ڌرڻي تي ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جي شيلن سان گڏوگڏ فائرنگ ڪئي وئي. ھٿين خالي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو ويو، نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو. بحريا جي ڇاڙتن پنھنجو رنگ ڏيکاريو ٽوڙ ڦوڙ ۽ جديد ڪيميڪل سان مک گيٽ ۽ گيٽ جي اندرين پاسي ڪمرشل ايريا ۾ نقصان رسائڻ شروع ڪيو، جيئن ڌرڻي ۾ انتشار پيدا ٿي وڃي ۽ ڌرڻو ناڪام ٿئي

پر سچ اهو آهي تہ اڄ ڌرڻو ناڪام ڪانہ ٿيو.. سنڌ سموري بحريا جي والار ۽ قبضاگيري کي رد ڪري ڇڏيو. ھاڻ حڪمران ڏسون ڪڏھن ٿا ملڪ رياض جي ڏنل سُتيءَ مان سجاڳ ٿين.

ڏسي ڇڏ ملڪ رياض!!!
اھو ڳاڙھو جهنڊو جيئن جهولندو، تيئن تنھنجي ۽ تنھنجي ساٿارين جي ننڊ حرام ھوندي…..

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close