سنڌ جون ماڙيون ۽ سياحت کاتو

پروفيسر امان ﷲ جوکيو

دنيا جي عالمي معيشتن ۾ سياحت کي وڏي اھميت حاصل آھي، ڪيترن ئي ملڪن جي اڪانومي جو وڏو حصو سياحت مان ٿيندڙ آمدني تي دارومدار رکي ٿو. پر پاڪستان ۾ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ سیاحت جي شعبي جي صورتحال وڌيڪ  ڳڻتي جوڳي آھي. اسان اڃان تائين سنڌ جي مختلف سياحتي ماڳن کي عالمي معيار جو نہ بڻائي سگهيا آھيون. اسان وٽ ڪينجهر، ڪارونجهر، گورک ۽ ٻيا ماڳ انھي جو مثال آھن. ٻين ماڳن کي پاسيرو رکندي، گورک ھل اسٽيشن ئي گهڻو ڪجهہ آھي، جنھن جو اڃان تائين اسين انفرا اسٽريڪچر بہ مڪمل نہ ڪري سگهيا آھيون ۽ ڪروڙين روپين جي بجيٽ ڪرپشن جي حوالي ٿي چڪي آھي.

دنيا جي آزاد رياستن پاران ڪيترين قديم تاريخي جاين سميت پورن شھرن کي اصلي حالتن ۾ برقرار رکي  نہ صرف کين سياحن لاءِ پرڪشش بڻايو ويو آھي، پر سماج جي تمدني ارتقا جا مختلف ارتقائي مرحلا محفوظ ڪيا ويا آھن. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ڪرپشن ۽ ارادي جي کوٽ ۽ اصل صاحب اختيار قوتن پاران مليل اڻپورن اختيارن  سببان سنڌ جا ڪيترائي خوبصورت شھر پنھنجي صدين جو شاندار تمدني اسٽرڪچر وڃائي چڪا آھن يا وڃائي رھيا آھن.

اسان جي سامھون انھيءَ حوالي سان ڪيترائي مثال موجود آھن، پر اسين ھتي فقط ٺٽي شھر جو ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهنداسين. ٺٽي کي نہ صرف سنڌ جي تاريخ ۾ اھم مقام حاصل آھي، پر ھي شھر پنھنجي محل وقوع سبب پڻ خاص اھميت رکي ٿو. بدقسمتيءَ سان ٺٽي جو پراڻو گهرن جو شاندار اسٽرڪچر گهڻي ڀاڱي ميسارجي چڪو آھي. ڪاٺ ۽ گنڀ (بوھ مليل چيڪي مٽي) سان ٺھيل خوبصورت ماڙين جي جڳھہ ڪنڪريٽ جي ٺھيل بلڊنگن والاري ڇڏي آھي. ٺٽي ۾ پراڻين ماڙين جي بنياد ۾ پٿر وجهي، ان کان پوءِ ماڙي جي سموري پلنٿ ڪاٺ جي رکي ويندي ھئي، اڳتي ٽي ٽي چارچار منزل سموري ماڙي ڇت سميت انھي منڊيل ڪاٺ تي بيٺل ھوندي ھئي. انھي شاندار اسٽرڪچر جي خصوصيت اھا ھئي، جو ماڙي گرميءَ ۾ سرد ۽ سرديءَ ۾ گرم رھندي ھئي.

ستر واري ڏھاڪي تائين ھن شھر ۾ ماڙين جو ذڪر جوڳو تعداد موجود ھو، جيڪو آھستي آھستي ختم ٿي ويو. انھيءَ وقت شھر ھڪ پُر اسرار پر خماريل خوبصورتي جو ڏيک ڏيندو ھو. رات جي وقت چوراھن تي  ٻاريل فانوسن جي جهڪي روشني شھر کي وڌيڪ پراسرار ۽ خوابناڪ بڻائيندي ھئي.

ٺٽي شھر ۾ پراڻي تعميرات ٻن قسمن جي ملي ٿي
1. ڪاٺ ۽ گنب مان ٺھيل خوبصورت ماڙيون.
2. پٿر/پڪين سرن جون ٺھيل عمارتون (جيڪي مڪليءَ جي مقبرن کي ڇڏي ڪري جيڪي گھٽ ملن ٿيون). پٿر/پڪين سرن جي عمارتن تي مڪلي جي مقبرن کي ڇڏي ڪري ڪا خاص نفاست نٿي نظر اچي، جيڪا ڪاٺ جي ماڙين م نظر ايندي ھئي.

ھتي اڪثر مختلف فورمن ۽ نجي ڪچھرين م سوال پڇيو ويندو آھي، تہ مڪلي تي مدفون حڪمرانن جي پنھنجي رھائش جا آثار ڇو نٿا ملن؟ منھنجي خيال ۾ انھن حاڪمن رھائش لاءِ ڪاٺ جون ماڙيون ٺھرايون ھونديون، جن جا آثار اسان کي  مختلف سببن کان نٿا ملن. جن مان شھر جو مختلف وقتن تي ٻاھرين حملي آورن ھٿان سڙڻ يا مختلف وقتن ۾ ايندڙ ٻوڏون ٿي سگھن ٿيون. بھرحال ھي ھڪ الگ تحقيق طلب سوال آھي.

ورھاڱي جتي اسان جي سماج کي مختلف شعبن م صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيو، اتي اسان جي وڏڙن جي رت ۽ ست مان ٺھيل انھن شاندار ماڙين کي پڻ اسان کان ڇني اھڙي مخلوق جي حوالي ڪري ڇڏيو، جن وٽ رتي برابر بہ انھي ڳالھ جو احساس نہ ھئو / نہ آھي تہ ڪا ھي ھڪ شاندار تمدني تاريخ آھي ۽ نہ ئي ماضي جي حڪومتن انھي ڳالھ کي سنجيدگي سان ورتو ڇاڪاڻ تہ سنڌ انھن جي ايجنڊا تي رھئي ناھي!! ۽ نہ ئي اسان جي نالي ماتر حڪمرانن ۾ ڪا اھڙي دور انديشي ھئي جيڪا اڄ بہ منجھن ناپيد آھي.

ضرورت انھي ڳالھ جي آھي تہ باقي رھيل سھيل اسٽرڪچر کي محفوظ ڪرڻ لاء حڪومتي سطح تي ڪوششون ورتيون وڃن، سنڌ سطح تي سنڌ ھيريٽيج سوسائٽي ۽ ڪجهہ محققن جن ۾ ڪليم لاشاري صاحب ۽ نامياري محقق گل حسن ڪلمتي ۽ ٻين جي انفرادي  جاکوڙ ضرور موجود آھي، پر انھي کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ ارباب اختيار کي سنڌ جي ننڍن ننڍن شھرن م موجود باقي رھيل سھيل اھڙين ماڙين جي سروي ڪري کين محفوظ ڪرڻ گهرجي، تہ جيئن سنڌ سطح تي سياحت کي ترقي وٺائي سگھجي.

1991ع م جڏھن مون کي سچل سرمست ڪاليج راڻيپور ۾ ليڪچرري جو آرڊر مليو، تڏھن وچ شھر ۾ موجود ڪاليج جي ھاسٽل پڻ ھڪ شاندار ماڙيءَ ۾ ھئي /آھي، جنھن ۾ رھڻ جو موقعو مليو، جيڪا فنِ تعمير جو ھڪ شاندار نمونو ھئي /آھي ۽ ھر طرح سان محفوظ ڪرڻ جي لائق ھئي /آھي. سموري ماڙي ۾ ڪشادا ڪمرا اندر دوڇتيون ٺھيل، جن ڏانھن اندران ئي سيڙھيون ٺھيل ھيون، جتي گيان ۽ ڌيان سان پوڄا پاٺ ڪئي ويندي ھئي. سمورو ڪم بھترين نفاست سان ڪاٺ جو ڪيل ھو.

سنڌ ۾ ٺٽو، حيدرآباد، شڪارپور، روھڙي، ڪنڊيارو، راڻيپور، ميھڙ، سيوھڻ ، ھالا ، ڪوٽڙي ۽ ٻين ڪيترن ننڍن وڏن شھرن ۾ اھڙيون ڪيتريون ئي ماڙيون اڄ بہ موجود آھن، جن کي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آھي. ھي عمارتون اسان جي ھندو ڀائرن پنھنجو رت ست ڏئي پيسو ڪمائي وڏي پيار ۽ پاٻوھ سان ٺھرايون ھيون. جن کي ڏسي ڪاريگرن جي ڪاريگري  ۽ سندن جمالياتي حس کي ساراھڻ کان سواءِ نٿو رھي سگھجي. تاريخ تہ صرف ڪتابن ۾ پڙھائي ويندي آھي، پر ھي ماڙيون ۽ انھن سان لاڳاپيل قصا ۽ ڪھاڻيون جيئرا جاڳندا ثبوت آھن، جيڪي اسين پنھنجي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪري پنھنجي تاريخ جي مختلف ارتقائي مرحلن کي محفوظ ڪري سگهون ٿا.

هي مضمون پنھنجي اهميت جي پيشِ نظر روزاني ڪاوش ۽ ليکڪ جي ٿورن سان شايع ڪيو ويو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close