مغل حرمسراء جون عورتون – پھرين قسط

الطاف شيخ

هندوستان جي مغل بادشاهن جي حڪومت، خاص ڪري سندن لائيف اسٽائيل ۽ سندن حرمسرائن تي ڪيترائي ڪتاب لکجي چڪا آهن. ڪجهہ ڏينهن اڳ مونکي هڪ انڊين ليکڪا ”ڊاڪٽر سوما مکرجي“ جو مغلن جي حرم جي عورتن بابت لکيل ڪتاب “Royal Mughal Ladies & their Contribution” پڙهڻ جو موقعو مليو جيڪو نئي دهلي جي ”گيان پبلشنگ هائوس“ ڇپرايو آهي. ڊاڪٽر سونا مکرجي(Sona Mukherjee) انڊين هسٽري ۾ Ph.D آهي ۽ بئنگلور جي ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهائي ٿي. سندس ذات مان لڳي ٿو ته هوءَ بنگالڻ آهي جو مکرجي، بئنرجي، چئٽرجي جهڙيون ذاتيون بنگالين جون ٿين ٿيون.

مغل حاڪمن جي زالن جي سڄي زندگي حرم ۾ گذرندي هئي. اڄ به ڪو مغل حرم بابت ٻڌي ٿو ته هن کي تجسس ۽ رازن سان ڀريل زندگي جو احساس ٿئي ٿو. مغل حاڪمن جون زالون، ڪنيزائون، ٻانهيون، ناچ گاني ۽ ٻي عياشيءَ لاءِ رکيل آرمينن، پرشن، آذربائيجاني، افغاني ۽ ترڪ مسلمان، عيسائي ۽ هندو ڇوڪريون توڙي حاڪمن جون مائرون ڀينرون، ڌيئرون، سندن وفات ڪري ويل پيئرن جون زالون ۽ دلپسند عورتون سڀ ان محل نما ڏيڍيءَ (حويليءَ) ۾ رهيون ٿي، جنهن تي نر پکيءَ جي به جھار رَهِي ٿَي. ڪيتريون ته حويليءَ اندر ڄايون ٿي ته سڄي زندگي گذاري سندن لاش دفن لاءِ ٻاهر نڪتا ٿي. حاڪم جي ڪنهن ڌيءَ، ڀيڻ يا پڦيءَ جي شادي ورلي ٿِي ٿَي، نه ته هنن کي پنهنجي سڄي جواني محل اندر اڪيلو رهي فقط حاڪم ۽ ان جي نر اولاد کي ٻانهين ۽ نوڪرياڻين سان عيش ڪندي ڏسڻو پيو ٿي. باقي کين ڳهہ ڳٺن، ڪپڙن گندين، کاڌن پيتن ۽ خذمتگار نوڪرياڻين جي ڪا کوٽ نه هئي. البت ڪا ڪا خوش نصيب هوندي هئي ته اها ستن پڙدن ۾ پالڪين ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ رواني ٿيندي هئي. حويلين جي چوڪيداريءَ لاءِ يا حاڪمن جي خاص زالن ۽ دل پسند ٻانهين (ڪنيزائن) تي نظر رکڻ/جاسوسي ڪرڻ لاءِ ترڪ ۽ افغاني نوجوان کدڙا هئا…. بلڪ انهن قومن جي نوجوان ڇوڪرن جي Castration ڪرائي کدڙو بنايو ويو ٿي. زئنزيبار ۽ ممباسا پاسي کان غلام شيدين جو اچڻ اڃان شروع نه ٿيو هو. بعد ۾ بهتر جهازراني ٿيڻ تي آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري جا شيدي غلام انڊيا، عرب ۽ ترڪي جي مارڪيٽن ۾ وڪامڻ لڳا ۽ اولھ ڪناري جا گرفتار ڪيل شيدي آمريڪا لاءِ وڪرو ٿيڻ لڳا.

مغل بادشاهن ۽ شهزادن جي حرم، عياشين، کاڌن ۽ خوراڪن، ٺٺ ٺانگر، زالن ۽ ٻانهين (Concubines) جي وڏي ڳاڻيٽي بابت گهڻو ئي ڪجهہ لکيو ويو آهي…. جنهن ۾ ڪجهہ ته ڌڪيبازي به ڪئي وئي آهي. ملڪ جي غريب عوام پنهنجي حاڪمن جي عياشين جو سوچي به نٿي سگهيا. مغل عورتون جيڪي حاڪمن جي خاندان جي ڏاڏين پوٽين مان هيون، اهي ڪي عام عورتون نه هيون، اهي شاهي خاندان جون عورتون سمجھيون ويون ٿي ۽ انهن جي زندگي اڃان به وڏي عيش عشرت ۽ شان و شوڪت سان گذري ٿي.

اطالوي ليکڪ ۽ سياح منوچي (Niccolao Manucci) مغل شهنشاهن جي حرم بابت لکي ٿو ته: ”شهنشاھ جي محل ۾ مختلف صوبن ۽ قومن جون ٻه هزار عورتون رهيون ٿي.“ مسلمان عورتن کان علاوه، محل ۾ هندو عورتون، ويندي راجپوت زالون ۽ عيسائي مايون رکيون ويون ٿي. بابر ۽ همايونءَ جو حرم وري به گهٽ سائيز جو هو، پر اڪبر کان وٺي ٻين شهنشاهن جي حرم جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي! اڪبر پنج سو عورتون رکيون. جھانگير، شاهجهان ۽ ويندي مولوي سڏائڻ واري اورنگزيب جي حرم ۾ عورتن جي تعداد جي ڳالھ ئي نه پڇو. انگريز سياح هاڪنس (William Hawkins) جي لکڻ مطابق شهنشاھ جھانگير کي ٽي سو زالون هيون، جن مان چئن زالن کي اهم درجو ڏنو ويو ٿي ۽ اهي راڻيون سڏيون ويون ٿي. هڪ ٻئي انگريزي تاريخدان ٽيريءَ مطابق جهانگير جي چئن خاص زالن، عام زالن، ٻانهين (Concubines) ۽ ٻين خذّمتگار ڇوڪرين کي ملائڻ سان جملي تعداد هڪ هزار جي لڳ ڀڳ ٿيو ٿي.

جڏهن ڪو مغل شهنشاھ جي حرم جو سوچي ٿو ته هن جي دماغ ۾ فقط شهنشاھ جون زالون، ڪنيزائون، ٻانهيون، نوڪرياڻيون، خذمتگار عورتون، وندرائڻ لاءِ ڳائڻيون ۽ ڊانس ڪرڻ واريون اچن ٿيون. پر حرم ۾ فقط ان قسم جون زالون نه پر ٻيون به ڪيتريون عورتون رهيون ٿي، جيئن ته شهنشاهن ۽ شهزادن جون سڳيون ۽ ويڳيون مائرون، ڀيڻيون، پڦيون، نيپاج ڪندڙ مائرون، ماسيون، ڌيئرون ۽ ٻيون ويجھيون مائٽياڻيون، ويندي پُٽاوان ٻار محل ۾ رهيا ٿي، جيسين هو بالغ ٿين. ان بعد انهن کي ڌار ڪيو ويو ٿي. ان ميڙ کان علاوه رڌ پچاءَ ۽ ٻين ڳالهين جي نظرداريءَ لاءِ ڪيتريون ئي نوڪرياڻيون ۽ غلام ڇوڪريون رهيون ٿي. ڪجهہ عورتون ۽ کدڙا محل جي چوڪيداريءَ ۽ جاسوسيءَ لاءِ مقرر هئا، جن جو ڪم محل ۾ رهندڙ عورتن جي هر چرپر تي نظر رکڻ هو. محل ۾ نوڪرياڻين جي آمد شادي، ڄم، خريداري، مقري (appointment) يا تحفي ۾ ٿِي ٿَي.

ٻن يورپي ڊاڪٽرن مانوچي (Noccolae Manucci) ۽ برنيئر (Francois Bernier) مطابق، جيڪي مغل بادشاهن جي درٻار ۾ ڊاڪٽر هئا ۽ جن جو تپاس ۽ علاج لاءِ ڪڏهن ڪڏهن حرمسراءِ ۾ اندر به وڃڻ ٿيندو هو، لکن ٿا ته حرمسراءِ ۾ رهندڙ عورتن کي سخت پڙدي ۾ رکيو ويو ٿي. هنن کي پنهنجي مرضي سان ٻاهر نڪرڻ جي ڪا آزادي نه هئي. جيڪڏهن ڪن خاص حالتن ۾ ڪنهن لاءِ ٻاهر نڪرڻ ضروري سمجھيو ويو ٿي ته هن کي پنهنجو منهن نقاب ذريعي چڱيءَ طرح ڍڪڻو پيو ٿي، پر حرمسراءِ اندر هو مٿو اگھاڙو ڪري پنهنجي مرضيءَ سان هيڏانهن هوڏانهن ٻين زالن وٽ يا تلائن ۽ باغيچن ۾ گهمنديون رهيون ٿي. حرمسراءِ اندر هر وقت خوشي ۽ جشن جي زندگي گذري ٿي. هر هڪ لاءِ الڳ الڳ بهترين نموني سان سجايل ڪمرا هئا، جن جي اڳيان باغيچا ۽ پاڻيءَ جا ڦوهارا هئا، مختلف واٽر ڪورسن (چئنلن) ذريعي انهن باغيچن ۽ تالابن ۾ پاڻي آيو ٿي. هر هڪ زال توڙي ڪنيزا بهترين اوچي ڪپڙي ۽ اوچي ڀرت جا وڳا پاتا ٿي. مٿي کان پيرن تائين هيرن موتين سان جڙيل ڳهہ نظر آيا ٿي. هنن مان ڪا ورلي ٻاهر نڪتِي ٿَي، پر جڏهن ڪن سببن ۽ مجبورين ڪري ڪنهن شاهي عورت کي نڪرڻو پيو ٿَي، ته بقول برنيئر جي ڇا ته ٺٺ ٺانگر سان هن سواري ڪئِي ٿَي. انهن ڏينهن ۾ ڪي موٽر ڪارون نه هيون. عوام گڏهن گھوڙن تي سواري ڪندا هئا. بادشاهن جي راڻين، دلپسند زالن ۽ ڀيڻين، ڌيئرن، مائرن پڦين لاءِ هاٿين تي خوبصورت پالڪيون سجايون ويون ٿَي ۽ انهن جي اڳيان پويان غلام عورتون ۽ کدڙا هليا ٿَي…. بهرحال هي ڳالهيون مانوچي ۽ برنيئر بيان ڪيون آهن، جيڪي ڊاڪٽر سوما مکرجيءَ پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن.

هتي منهنجي خيال ۾ مٿين ٻن يورپي ليکڪن ڊاڪٽر مانوچي ۽ برنيئر بابت ڪجهہ سٽون لکڻ ضروري سمجھان ٿو، جيئن منهنجا پڙهندڙ جيڪي انهن کان اڻ ڄاڻ آهن انهن جي معلومات ۾ ڪجهہ واڌارو ٿِي سگهي، ۽ مغل بادشاهن جي زندگي ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ انهن يورپين جون لکڻيون پڻ enjoy ڪري سگهن. بابر مغل بادشاھ 1493ع ۾ ڄائو هو. ٽيتاليھ ورهين جي ڄمار ۾ سن 1526ع ۾ هن پاڻيپٽ جي پهرين لڙائيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري هندستان ۾ مغل سلطنت قائم ڪئي. 1530ع ۾ سندس وفات بعد هن جو ٻاويھ سالن جو پٽ همايون تخت تي ويٺو. وچ ۾ 1540ع کان 1554ع تائين شير شاھ سوري ۽ اسلام شاھ سوري جي حڪومت رهِي. ان بعد 1555ع کان همايون وري بادشاھ ٿيو. 1556ع ۾ وفات بعد سندس چوڏهن  سالن جو پٽ اڪبر هندستان جو شهنـشاھ ٿيو. هن پنجاھ سال کن حڪومت ڪرڻ بعد 1605 ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ جهانگير تخت ڌڻي ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ انگريزن جي ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ هندستان ۾ قدم ڄمايا ۽ هتي آيل يورپي مغلن جي حرمسراءِ کان واقف ٿيا.

(جاري آهي)

________________-

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close