هتي ٻه ٽي سٽون رقيا سلطانه بيگم بابت پڻ لکڻ چاهيان ٿو. رقيه بيگم مغل شهنشاھ اڪبر جي زال ۽ سوٽ هئي. هوءَ اڪبر جي ننڍي چاچي شهزادي هندال مرزا جي ڌيءَ هئي. رقيه جي پڦي گلبدن بيگم هندال مرزا کان به ننڍي هئي. بادشاھ همايون، ڪامران، هندال مرزا، گلرنگ بيگم، گلچهرا بيگم ۽ گلبدن بيگم پاڻ ۾ ڀائر ڀينر ۽ ظهير الدين بابر جو اولاد هئا.
شهزادي هندال مرزا کي هڪڙو ئي ٻار رقيه سلطانه بيگم ٿيو. رقيه 1542ع ۾ ڄائي ۽ نون ورهين جي ڄمار ۾ هن جي شادي پنهنجي سوٽ اڪبر سان ڪابل ۾ ٿي. اڪبر انهن ڏينهن ۾ ڪابل ۾ پنهنجي پهرين پوسٽنگ ”وائسراءِ“ جي عهدي تي هو. هوءَ چوڏهن سالن جي عمر ۾ مغل سلطنت جي راڻي ٿي، جڏهن هن جي مڙس اڪبر جي 1556ع ۾ تاجپوشي ٿي. رقيه بانو بيگم سڀ کان وڏو عرصو (اوڻونجاھ سال) هندستان جي راڻي ٿِي رهِي. سندس ٽيونجاھ سال شادي شده واري عرصي ۾ ڪو به ٻار نه ٿيو ۽ ان بابت مٿي لکي چڪو آهيان ته هن اڪبر جي پوٽي (جهانگير جي پٽ) خرم کي نپايو، جيڪو اڳتي هلي شاهجھان جي نالي سان مشهور ٿيو. مٿي اهو به لکي چڪو آهيان ته مغل گهراڻي جي ڪيترين ئي عورتن سياست ۽ ائڊمنسٽريشن ۾ به حصو ورتو. چون ٿا ته جڏهن سندس مڙس اڪبر بادشاھ ۽ ويڳي پٽ جھانگير جي وچ ۾ تعلقات خراب ٿي پيا، ته رقيه سلطانا ٻنهي جو ٺاھ ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ جھانگير کي تخت جو وارث بنائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي.
پاڻ سونا مکرجي جي ڪتاب “Royal Mughal Ladies & their Contributions” بابت ڳالهائي رهيا هئاسين، جنهن ۾ هن مغل حرمسراءِ ۾ رهندڙ عورتن بابت لکيو آهي ته انهن جي محلات اندر ڪهڙي قسم جي زندگي هئي ۽ هن سان شهنشاھِ وقت جو ڇا ورتاءُ رهيو ٿَي. مغل بادشاهن ۾ هڪ ڳالھ هئي ته هنن پنهنجين سڳين توڙي ويڳين مائرن ۽ انهن مائرن جن هنن جو نيپاج ڪيو ٿي ۽ پنهنجي پيئرن جي ٻين زالن جي وڏي عزت ۽ احترام ڪيو ٿي. جوڌا ٻائي شهنشاھ جھانگير جي سڳي ماءُ هئي، پر هن کي پنهنجي پيءُ اڪبر بادشاھ جي ٻين زالن رقيه بانو بيگم ۽ سليما سلطان بيگم لاءِ به ايترو ئي احترام هو. اڪبر بادشاھ ”حاجي بيگم“ جي به تمام گهڻي عزت ڪئي ٿي. ڏاڏين، نانين، پڦين، چاچين ۽ ٻين وڏي عمر جي عورتن جو به تمام گهڻو خيال ڪيو ويو ٿي. بابر ۽ جھانگير جي يادگيرين ۽ گلبدن بيگم جي همايون ناما ۾ ڪيترن هنڌن تي اهڙا مثال نظر اچن ٿا، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مغل حاڪمن حرم ۾ رهندڙ وڏي عمر جي عورتن جي عزت ڪئي ٿي.
گلبدن بيگم ”همايون ناما“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿي ته: ”چار ئي سال جيڪي منهنجي پيءُ (بابر بادشاھ) آگري ۾ گذاريا، هو هر جمعي تي پنهنجين پڦين جي خبر چار لهڻ لاءِ ويو ٿَي. هڪ دفعي جمعي ڏينهن تمام گهڻي گرمي هئي ۽ عزت مآب، اسان جي سانئڻ (راڻي ماهم بيگم)، بادشاھ سلامت کي چيو: ”سائين! ٻاهر ڪيڏي لُڪَ پئي لڳي. ههڙي گرميءَ ۾ هن دفعي کڻي نه وڃو. بيگمات (توهان جون پڦيون) پڪ دل ۾ نه ڪنديون.“
منهنجي سرڪار جواب ڏنو: ”ماهم! تعجب آهي جو تون ٿِي اهڙيون ڳالهيون ڪرين. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته آئون انهن عورتن جي خوشيءَ لاءِ نه وڃان، جيڪي ابو سعيد سلطان مرزا جون ڌيئرون آهن، جن جو هن دنيا ۾ نه پيءُ رهيو آهي نه ڀائر!“
مغل سلطنت جي راڄ راڻي ماهم بيگم مغل گهراڻي جي پهرين بادشاهه ظهير الدين بابر جي ٽيون نمبر زال هئي جنهن سان هن 1506ع ۾ هرات ۾ شادي ڪئي هئي. ماهم بيگم جي ٻين راڻين کان وڌيڪَ اهميت ان ڪري به آهي جو هن بابر کي همايون جهڙو پٽ ڄڻي ڏنو جيڪو بابر بعد مغل سلطنت جو ٻيو بادشاهه ٿيو. ماهم جو بابر جي خاندان سان ئي تعلق هو جو هوءَ تيمور گهراڻي مان هئي. همايون نامي ۾ گلبدن بيگم ماهم بيگم جون ڪيترن ئي هنڌن تي ذڪر ڪيو آهي. گلبدن به بابر جي ڌيءَ هئي پر ٻي زال مان پر کيس نپايو ماهم بيگم هو.
مغل بادشاهن نه فقط پنهنجي مائرن، پڦين، ويڳين مائرن جي عزت ٿَي ڪئِي، پر پنهنجين سڳين ۽ ويڳين ڀينرن جو به هر قسم جو خيال رکيو ٿَي. جنهن جو احوال پڻ گلبدن ”همايون نامه“ ۾ ڪيو آهي ته همايون ۽ بابر کي پنهنجين ڀيڻين لاءِ تمام گهڻو پيار هو. بابر پنهنجي وڏي ڀيڻ خانزاده بيگم لاءِ ته ساھ صدقي ڪيو ٿَي ۽ هن به پنهنجي ڀاءُ خاطر ڪيتريون ئي تڪليفون سَٺيون. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته گلبدن جيتوڻيڪ همايون جي سڳي ڀيڻ نه هئي پر همايون هن کي ۽ ٻين ڀيڻين کي بيحد گهڻو چاهيو ٿَي ۽ خيال رکيو ٿَي.
اڪثر هلندڙ لڙائين ۾ هنن جا فوجي مڙس مارجي ويا ٿَي ته بادشاھ هنن جي اجھي ۽ لٽي جو خيال ڪيو ٿَي. جڏهن گلچَھرا بيوه ٿي وئي ته همايونءَ يڪدم هن کي پاڻ وٽ آگري ۾ گهرائي ورتو. جھانگير بادشاھ پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ پنهنجين ڀينرن شڪرالنساءِ بيگم ۽ آرام بانو بيگم کي وڏي حب مان ياد ڪيو آهي جيتوڻيڪ اهي ٻين مائرن مان هيون.
هتي اهو به لکندو هلان ته سڀني مغل بادشاهن جي مائرن جو تعلق تيمور گهراڻي جي مسلمان عورتن سان يا ترڪ ـــ منگول خاندان سان نه هو. بابر جي ماءُ قتلخ نگار خانم ۽ همايون جي ماءُ ”ماهم بيگم“ جو تعلق ترڪن منگولن سان ضرور هو، باقي ٻين ڪيترين جو فارسي (پرشن)، ڪشميري ۽ ٻين ٻولين وارن سان هو. ڪيترن ئي بادشاهن جي مائرن جو شادي کان اڳ هندو ڌرم سان واسطو هو. شهنشاھ جھانگير جي ماءُ ”مريم زماني“ جيسلمير رياست جي ”هيرا ڪنواري ٻائي“ هئي . شاهجھان جي ماءُ ”تاج بيبي بلقيس مڪاني“ مارواڙ (جوڌپور رياست) جي ماناوتي ٻائي هئي. اڪبر جي ماءُ حميده بانو ۽ اورنگزيب جي ماءُ ممتاز محل (ارجمند بانو) پرشن هيون. بھادر شاهه اول جي ماءُ بيگم نواب ڪشميري هندو ”اَنُو راڌا ٻائي“ هئي. اهڙيءَ طرح احمد شاھ بھادر جي ماءُ قدسيه بيگم (اڌم ٻائي)، عالمگير دوم جي ماءُ انوپ ٻائي (جيڪا شادي بعد به ساڳي نالي سان رهي) شاھ عالم دوم جي ماءُ زينت محل (بلال ڪنر) ۽ بهادر شاھ دوم جي ماءُ قدسيه بيگم (لعل ٻائي) هندو ڌرم جون هيون.
مغل راڻين ۾ اورنگزيب جي ماءُ ممتاز محل ”تاج محل“ جي ڪري اڄ ڏينهن تائين مغل گهراڻي جي سڀني راڻين کان گهڻو مشهور آهي. تاج محل ــــ دنيا جي ستن عجوبن مان هڪ ممتاز محل جي ياد ۾ سندس مڙس شهنـشاھ شاھ جھان ٺهرايو. ممتاز محل (اصل نالو ارجمند بانو) 1593ع ۾ ڄائي، 19 سالن جي ڄمار ۾ 1612ع ۾ سندس شادي شهزادي خرم سان ٿي، جيڪو پوءِ تخت تي ويهڻ بعد شاهجھان سڏجڻ لڳو. ممتاز محل 19 سال شادي جا گذارڻ بعد 38 سالن جي ڄمار ۾ 1631ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جو سبب چوڏهون ٻار گوهرا بيگم ڄڻڻ وقت ويم جي تڪليف Complications هو. اورنگزيب بادشاھ انهن چوڏهن ٻارن مان هڪ هو جيڪو پنهنجي وڏي ڀاءُ دارا کي قتل ڪري تخت جو مالڪ ٿيو…
مغل بادشاھ شاهجھان جي والده تاج بيبي بلقيس هڪ راجپوت شهزادي (راجڪماري) هئي، جنهن جو اصل نالو ”ماناوتي ٻائي جي لعل“ هو. پاڻ مارواڙ جي ”راجا اڌئي سنگهہ دوم“ جي ڏهون نمبر ڌيءَ هئي.
جڏهن سندس جھانگير بادشاھ سان شادي ٿي، ان وقت هيءَ ان جي ٽين زال ٿي آئي هئي. پاڻ شهزادي خرم (مستقبل جي شاھ جھان) کي 1592ع ۾ جنم ڏنو. مغل بادشاھ جھانگير جي ماءُ مريم زماني بيگم به ڪافي مشهور راڻي رهي چڪي آهي، بلڪ هڪ وڏو عرصو راڻي ٿي رهي …. 43 سال …. 1562ع کان 1605ع تائين. هن تي بالي ووڊ وارن 2001ع ۾ ”جوڌا اڪبر“ نالي فلم ٺاهي. ”مريم زماني“ هڪ راجپوت شهزادي هير ڪنواري (کيس هرڪا ٻائي ۽ جوڌا ٻائي به سڏيو ويو ٿي) راجپور جي سردار راجا ڀرمال جي ڌيءَ ۽ راجا پرٿوي سنگهہ جي پوٽي هئي. پاڻ راجا مان سنگهہ جيڪو بعد ۾ اڪبر جي نورتنن مان هڪ ٿيو، ان جي پڦي پڻ هئي. اڪبر بادشاھ جي هيءَ پهرين راجپوت زال هئي. هن کان اڳ هن کي ٻه مغل خاندان جون زالون هيون ۽ جوڌا (مريم زماني) بعد ٻين به ڪيترين مختلف
مذهبن جي عورتن سان شادي ڪئي. جوڌا ٻائي جهانگير کي ڄڻيو ۽ هوءَ شهنشاھ شاهجھان جي ڏاڏي به ٿي.
نوٽ: الطاف شيخ جو هي مضمون ”مغل حرمسراءِ جون عورتون“ سندن ڪتاب ”تاريخ جو سفر“ تان ورتو ويو آهي، جيڪو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت جي ٿورن سان سنگت ميگ ۾ شايع ڪيو ويو.
_________________