”وڍَ “ ڏانهن ويندَي-1

گل حسن ڪلمتي

بلوچستان جي حقن لاءِ بلوچ قومپرستيءَ جي نظريي هيٺ جدوجهد ڪندڙ ماڻهن جو آخري ستون سردار عطاءُ الله مينگل به 4 سيپٽمبر 2021ع تي ڪراچيءَ ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس تدفين تعلقي وڍ، ضلعي خضدار جي علائقي لوهي ۾ سندس وصيت مطابق هڪ ويراني ۾ ڪئي وئي.
مير غوث بخس بزنجو، نواب خيربخش مري ۽ سردار عطاءَ الله مينگل، بلوچستان جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ ”ٽرائيڪا“ طور مشهور هئا. انهن کان سواءِ نواب اڪبر بگٽي ۽ مري علائقي جي شير محمد مري المعروف جنرل شيروف به بلوچستان جي حقن جي حاصلات لاءِ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. هاڻي، گهڻي عرصي کان بلوچستان جي قومي سياست نوجوانن جي هٿن ۾ آهي.

ڪجهہ زميني حقيقتن جي ڪري عطاء الله مينگل گهڻي عرصي کان سياست کان پاسيرو هئو ۽ سندس پٽ؛ اختر جان مينگل سياست ۾ سرگرم آهي ۽ هن وقت به هو پارليامينٽ جو حصو آهي. سردار عطاء الله مينگل جي وفات سبب پوري بلوچستان ۾ ڏُک جي لهر ڇانيل آهي.

اسان به ”وڍ“ جو سفر ڪيو، جنهن ۾ مان، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، لسٻيلا بار جو صدر ايڊووڪيٽ غلام رسول اڱاريو ۽ نواز خان کارائي گڏ شامل هئاسين. اسان ايڊووڪيٽ غلام رسول اڱاريي کي حب چوڪيءَ وٽان کنيو. غلام رسول راڌو اڱاريو، لسٻيلي جي قبائلي روايتن، تاريخ ۽ علائقن جو ڄاڻو آهي. هي ماضيءَ ۾ بلوچستان جي قومپرست سياست ۾ سرگرم رهيو آهي. هن وقت سياسي طور خاموش آهي، پر لسٻيلا بار جو ٻيو ڀيرو صدر چونڊيو ويو آهي.

حب چوڪي کي پراڻن وقتن ۾ ”حب ناڪو“ چوندا هئا. هتي لسٻيلي رياست پاران سُنگ/محصول لاءِ ناڪو هوندو هئو. پوليس چوڪي به هوندي هئي. حب نديءَ ڪناري هئڻ ڪري ”حب چوڪي“ طور اهو مشهور ٿيو. انهيءَ چوڪي ڪري گند بو منداڻي نالي جو هي ڳوٺ ”حب چوڪي“ واري سڃاڻپ حاصل ڪئي. غلام رسول اڱاريو اسان کي علائقي بابت ڄاڻ ڏيندو هليو.

حب چوڪي شهر کان پوءِ ديوار وانگر هڪ جابلو سلسلو آهي، جنهن کي ڪَٽي رستو ٺاهيو ويو آهي. اهو لڪ ”گند بو منداڻي لڪ“ جي نالي سان مشهور آهي. گند بو منداڻي جو ذڪر لسٻيلي ۽ ميرپورساڪري جي لوڪ شاعريءَ ۾ موجود آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”جنگناما“ ۾ لکي ٿو ته، ”گند بو/گند ٻو منداڻي جي سورهيائي ۽ لوڙهين هڻڻ وارو دور خاطريءَ سان معلوم ڪونهي. روايتن ۾ لسٻيلي جي حاڪم ملڪ پاهڙ خان ۽ ان بعد مائي چاڳليءَ جا نالا اچن ٿا، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته، اهو دور 1125- 1155هہ (1713ع-1742ع) وارو هو.“

گند بو، مَندو جو پٽ هو، انهيءَ ڪري انهيءَ جا پويان ”منداڻي“ سڏجڻ لڳا. هن جي گهوڙيءَ جو نالو ”گُري“ هو. جڏهن ڪنهن دور ۾ لسٻيلي مان لڏي سنڌ ڏانهن ويا ته، ”ديھ کيراڻي“ ۾ رهڻ لڳا. اهو لڪ، جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان، اها ڏکي چاڙهي هئي. گند بو/ گند ٻو جڏهن پنهنجي گهوڙي ”گُري“ هتان ٽپائي آيو هئو ته، ان تي ”گند بي وارو لڪ“ ۽ ”گند بي وارو جبل“ نالو پيو. گند بي جي رومي (قبر) ميمڻ ڳوٺ لڳ ”ملڪ طوطا واري چوڪنڊي (بلوچ مقبرا-Baloch Tombs) ۾ آهي. هن جي پٽ جي رومي، ميرپورساڪري جي علائقي ”راج ملڪ“ واري قبرستان ۾ آهي، جنهن تي لکيل آهي، ”منده بن گنده په کلماتي.“

لڪ کان پوءِ ”بيروٽ“ وارو ڍورو اچي ٿو، جنهن تي هاڻي پل ٺهيل آهي. ان ڍوري کانپوءِ ”ڀواني“ جو علائقو شروع ٿئي ٿو، جتي روڊ جي ڪناري ڪلمتي قبيلي جون چٽساليءَ واريون روميون آهن. هنگلاج ويندڙ ياترين جو منگهي پير کان پوءِ اهم پڙاءُ ”ڀواني“ هوندو آهي، جتي مندر به آهي. ڀوانيءَ ۾ ”وندر“ ڏانهن ويندي کاٻي هٿ تي هڪ ”بُٺي“ جو نالو ”ڳئون بُٺي“ آهي. روايت آهي ته، ڪنهن زماني ۾ هڪ ڳئون مٿي بُٺيءَ تي چڙهي ويئي هئي ۽ اتي ئي ڪنهن کڏ يا غار ۾ ڪِري پئي هئي، جنهن کي بعد ۾ ماڻهن وڏي مشڪل سان ٻاهر ڪڍيو هئو. ان کان پوءِ ان بُٺي تي ”ڳئون بُٺي“ نالو پيو. گهڻا هن کي ”ڳوھ بُٺي“ لکن ٿا، جيڪو درست نه آهي.

”ڀواني“ کان پوءِ گڏاڻي/گڊاني ڪراسنگ آيو. گڏاڻي سمنڊ ڪناري پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي جهازن جي ٽوڙڻ جي وڏي صنعت آهي. اڳتي پير جرار کان ايندڙ ”باگڙ وارو ڍورو“ پار ڪيوسين، جنهن سان لڳ ڊي جي سيمنٽ فيڪٽري آهي. لڪ بدوڪ کان پوءِ کارڙيءَ وارو علائقو شروع ٿيو. ”کارڙي ناڪو“ مشهور آهي، جتي پراڻن زمانن ۾ لسٻيلي رياست جو ناڪو هوندو هو. هن وقت اتي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ۽ ليوز جي چوڪي آهي.

وندر شهر کان اڳ جيڪو ”ڍورو“ اچي ٿو، ان کي هتي ”ڪاٺوڙ ڍورو“ چون ٿا. اهو ڍورو، منهٻار نئين آهي، جيڪو  سسئي پنهون جي مزار، سنگھر پٽ  کان مٿي جبلن مان وهي، شورداڻ کانپوءِ ڪاٺوڙ واري علائقي کي ريج ڏيئي اڳتي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. سسئي پنهونءَ جي مزار وندر کان 22 ڪلوميٽر اوڀر پاسي آهي.

وندر شهر ۽ وندر نئن کان پوءِ ”راڻو ڀٽ“ وارو علائقو آيو. وندر جو ذڪر شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سسئي پنهونءَ جي داستان تي آڌاريل پنجن سُرن ۾ 25 ڀيرا ڪيو آهي. وندر کان رستو سمنڊ ڏانهن، ماضيءَ جي مشهور بندر ”سون مياڻي“ لاءِ نڪري. سون مياڻي مورڙي جو اصلي ڳوٺ ۽ ماضيءَ جو مشهور بندر هو. هنگلاج ياتري ڀوانيءَ کان پوءِ هتي ترسندا آهن، جتي مندر به آهي. سون مياڻيءَ جي جاءِ تي، هڪ ڪلوميٽر اڳتي هاڻي ”ڊام بندر“ آهي. پراڻو رستو سمنڊ ڪناري سون مياڻي کان پوءِ ڊام، لياري بندر، گرو چيلي وارو پٽ، سيراندو ڍنڍ کان جوڳي بندر، ڦور هنگول ڏانهن ويندو هو. پنڌ وارا اڄ به اهو رستو استعمال ڪن ٿا. انهيءَ رستي ۽ علائقي جي باري ۾ تفصيل منهنجي ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پالاريءَ جي شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي پاران ڇپائيءَ هيٺ ڪتاب ”سسئيءَ جي واٽ“: شاھ لطيف جي شاعريءَ جي پسمنظر ۾“ ڏنل آهي. ڪتاب ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ آهي.

راڻو ڀٽ ۽ کڙڪيريو کان پوءِ اسان ”ڄوڙا“ ٽپي ”اٿل“ پهتاسين. ”ڄوڙا“ هاڻ ”زيرو پوائنٽ“ طور مشهور آهي. هتان ڪوسٽل هاءِ وي؛ گوادر ۽ جيوڻي لاءِ نڪري ٿو. هنگلاج ماتا مندر، اورماڙو، پسني به انهيءَ رستي سان آهن.

پورالي نئن جي ڪناري اڏيل لسٻيلي جو هيڊڪوارٽر ۽ قديم وسندي ”ٻيلو شهر“ آيو. اسان ٻيلي وڃڻ بدران باءِ پاس تان اڳتي وياسين. پوراليءَ ۾ تار پاڻي وهي رهيو هو.

پورالي نئن

پوراليءَ کان پوءِ جائو آواران روڊ نڪري ٿو، جيڪو جائو، آواران ۽ هوشاب کان ڪيچ تائين وڃي ٿو. هي قديم رستو آهي، جيڪو فارس کان ڪيچ، لسٻيلو  ۽  اڳتي سنڌ جي بندرن ڏانهن ويندو هو. اهو رستو اڄ به استعمال هيٺ آهي. هينئر بلوچ ويڙهاڪن جي ڪري هي رستو غير محفوظ آهي. اهو رستو جائو بالو سلسلي ۾ خطرناڪ آهي، جيڪو ”ٻيلو لڪ“ هو، پر هاڻي ”شيرين فرهاد لڪ“ طور مشهور آهي. هتي ”شيرين فرهاد“ جون قبرون آهن، جتي اُن ڌوتي مائيءَ جي قبر به آهي، جنهن هنن ٻنهي عاشقن ۾ بدگماني پيدا ڪئي ۽ فرهاد کي چيو هو ته، ”شيرين مري ويئي آهي.“ ايران جي اها ڪهاڻي هتي ڪيئن آئي؟ ممڪن آهي ته ائين هجي جو اسان وٽ اڪثر اهڙن قصن کي ڄاڻي واڻي ظاهر ڪري مزار ٺاهڻ ۽ ان مان ڪمائڻ مقصد هوندو آهي.

پورالي ندي، جنهن کي پورالي ڪئور (نئن) به چون ٿا، پٻ ۽ اورناچ جابلو سلسلي مان نڪري ول پٽ، ٻيلي، سنجري، اٿل ۽ لاکڙي کي سيراب ڪندي سيراندو ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. ڪانڪي سميت ڪيترائي ڍورا ۽ نيون هن جو حصو بڻجي ويندا آهن.

(جاري آهي)

نوٽ: گل حسن ڪلمتي جو ھي مضمون (پھرين قسط) آچر26 سيپٽمبر 2021 تي ڪاوش دنيا ۾ ڇپيو ھو، ڪاوش دنيا ۽ ڪاوش اخبار جي ٿورن سان ھتي شايع ڪيو ويو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close