مڪليءَ ۾ سُر رامَڪلي جا ‘نوري’ نظارا!

جوکيو جسارت الياس

چتين سان ڀرپور گيڙون ويس، پٺيءَ تي گودڙي، "سُرمو سڀ ڪا پائي، پر اک اک جو ڦير” تي ويساھ ڏياريندڙ ڳٽ سرمي ۾ سرس ڪارا ۽ ڪٽورا نيڻ، وڏن ڀَنڱَن (پانچن) واري شلوار، نج سنڌي پڳ جا بنا پلاند جي ڏنل وَرَ، لٺ سھاري ھلندڙ ڏٻري جسم مان صدين پراڻي سنڌ جي مٽيءَ جي ھُڳ، ڪنڌ ۾ مالھا؛ جنھن ۾، پٿرن جا انيڪ پويل قسم!

کيس چيم تہ گهر ھلڻو آھي؛ ھل تہ ڪار ۾ ھلون. ٺُپ جواب ڏنائين تہ ؛ "ڪار کان بي ڪار ھلجي، ڇوتہ ڪار ڪم اچي رات ڪار ۾، نہ ڪي ڏينھن جي ڪجي ڪا ڪار اِھا، جا ڪندي ڪارو ‘ناري’ مون!” سندس ڏنل جواب جي منطق تي دماغ ۾ واچوڙا اچي ويم. اڃا ان تي پئي سوچيم تيسين پاڻ پنھنجي ھمسفر سان گڏ اٿي، گودڙيون ۽ ٻيا سامان کڻي، اڳتي وڃڻ لڳو. اھا زال بہ سندس قميص جي دانوڻ ۾، مضبوط ھٿ وجهي، اکيون پوري، پنھنجي آھير مٿان لازوال ڀروسو ڪري ھلڻ لڳي. جيڏانھن مانڌيار پوڙھو، اوڏانھن ھيءَ چادر واري جھورَ پوڙھي…!

ھي روز اتي اچي، نم جي وڻن جي ڇانو ۾ ويھي، پنھنجي ڏات ڏيکاري ٿو. جڏھن کانئس پڇيم تہ ، "ھن پوڙھيءَ کي ڇو ٿو وٺيو اچين؛ ڇڏي ڏينس گهر منجهہ ويھي گهر سنڀالي” تہ ھن اڌ صدي پراڻي کل جي انداز ۾ ٽھڪ ڌئي جواب ڏنو تہ ؛ "نوري ھجڻ جو واعدو ٻنھي ڪيو آھي، تہ ھوءَ گهر ۾ ڇا ڪندي؟ ان ڪري اسان ٻئي ڄڻا، جتي ڪٿي گڏ ھوندا آھيون”. جيتؤڻيڪ سندس لفظ ۾ درد ڇُلڪي رھيو ھو، پر ظاھري طور سَرھو پئي نظر آيو. سندس اکين مان ڪا پري پنڌ واري اڻپوري آس جرڪي رھي ھئي!

جتي ھو روز ويھن ٿا، اتان لنگهندڙ سوين ماڻھو، ڪي گهڙيون بيھي کين ڏسن ٿا، تہ ڪي وري سندن اخلاقي مدد بہ ڪن ٿا. آھن ٻئي ايڏا جهونا جو ھلڻ مھل، ٻئي پنھنجا پُٺا سڌا ڪري نہ ٿا ھلي سگهن. نظر ٻنھي جو گھٽ، پر ھينئين جا سريلا!

سانجهي ٿيڻ واري ھئي ۽ سج بہ لھڻ وارو ھو. جهور ھوندي بہ ھي ٻئي ڄڻا، جوانن وانگر تکا پئي ويا تہ رڙ ڪري کين چيم؛ "پٿرن کان پاسو ڪري ھلو، انھن تان ٿاڙٻجي نہ پئو!”
"ابا ھت جو پٿر پٿر اسان کي ساريل آھي، جيڪڏھن ڪنھن ‘نوريءَ’ کي لڳي بہ پيو تہ ؛ ‘ٻري جن ٻاري، آءُ نہ جيئندي اُنَ ريءُ’؛ اسين سھي وينداسين، تون رڳو پنھنجي ڪر، واڙي تان سڄو ڏينھن "لنگهڻ” گذاريندڙ ٻچن لاءِ کير وٺيو، پوءِ ٿا اچون!” ائين چئي، ھي ٻئي ڄڻا معمول مطابق، ڪجهہ پنھنجو پاڻ سان ڀُڻڪندي، کياتيون وکون کڻي، اڳتي وڌي، پويان زمين تي پنھنجا نشان ڇڏيندا ويا، جيڪي اتان تيز گذرندڙ گاڏيون ڊاھينديون ويون!

ھي مڪليءَ جي مُقام جو در آھي، جتان پاڻ ٻاھر نڪرون پيا! اھا ئي مڪلي؛ جتي ڪڏھن، سنڌوءَ جي موج واري زماني ۾، جهول ماڙي ويجهو ڪينجهر، ھاليجي، ۽ ھُڏيري جي وشال لھرن کي ڏسي مزا ماڻيندڙ ناليوارا بادشاھ رھندا ھئا، پر اڄ ھتي ھي گيڙون ويس پاتل اڃايل، بکايل پر”دل جا امير” مارو رھن ٿا. ان ئي مڪليءَ جي ماضيءَ ۾ ياد اٿم تہ ، ننڍپڻ ۾ ماتا شنگهہ ڀواني مندر کان مٿي جنگشاھي روڊ تي چڙھي، قبرستان جي ٽئين نمبر دروازي کان سڌو اولھ پار، ڪنڊيدار ديويءَ جا وڻ لتاڙي، پٿريلي زمين تي ٿٿري، نيٺ مڪليءَ جي ھڪ اھڙي وسنديءَ ۾ پھچبو ھو، جنھن کي پھريان "جوڳي ڳوٺ” ۽ ھاڻي "جوڳي ڪالوني” چون ٿا. جيڪا ھڪ اڻ لکي تاريخ رکي ٿي!

ھي جهور پوڙھو اھو شخص آھي، جنھن کي مڪلي جو عظيم قبرستان گهمندڙ ھر شخص ڏٺو ھوندو. جنھن جون وڊيو ڀري، سوين نوجوانن پنھنجي يوٽيوب چئنلن کي مونيٽائيز ڪري، ھزارين رُپيا ڪمايا ۽ لکين ماڻھن انھن کي ڏٺو، پر تاريخي مُقام ۾ ويٺل ھن جوڳيءَ کي ڪا خبر ناھي. سندس نالو آھي لکاڏنو جوڳي! جنھن جي مُرلي وڄائڻ جي ڌُن تي نانگ جي نچڻ جي انداز کي، مُلڪ جا وڏا وڏا سياح، سياستدان، ليکڪ، اديب، شاعر ۽ شاگرد ڏسي چڪا آھن. ساڻس گڏ سندس زال آھي. جن سان گڏ آئون ان ئي "جوڳي ڳوٺ” ۾ پھچي چڪو آھيان، جتي ماضيءَ ۾، ھڪ ڪکاوين گهر ۾ ٻٻر جي ڪاٺيءَ ۾، ٽَنگيل مُرليءَ ھيٺان رکيل نانگ جون ٽوڪريون، وٽين ۾ نانگ جو پِيل کير، مَنجي (کٽ جو پراڻو نمونو جنھن کي "منجو” چون) ڀرسان لڏندڙ ڍول ۾ "اُوئان اُوڱان” ڪندي روئندڙ ٻار جا آواز، يقينن جوڳي قبيلي جي رھڻي ڪھڻي جا حسين ڏيک ڏيندا ھئا. پر اڄ لکاڏني سان گڏ پھتس تہ ، ان وسنديءَ ۾ اڳوڻا رنگ نہ ھجڻ برابر ڏٺم. نہ اھڙا نانگن جا ٽوڪرا، نہ ڀت تي ٽنگيل ٻاچڪا، نہ ڪو نانگن جي ايڏي واھر ڪرڻ وارو! ھا اونداھيءَ جي کين ڪا پرواھ ناھي، سندن لُڳڙَ، پُچَ (ڪپڙا) ۽ ٽول (سامان) سڀ ڪجهہ ھڙن ۾ ٻڌل آھن. ٽانڊي تي مڪلي مارڪيٽ مان پِني ڪري آندل، فارمي ڪڪڙ جون ڪجهہ تڙون پچن پيون.

سماجي اٿل پٿل جا انھن جوڳين تي بہ وڏا اثر پئجي رھيا آھن، جنھن جي ڪري ھي ڏاڍو پريشان آھن. کانئن سندن بُڻ بنياد بابت ڄاڻ ورتم. کين ٻي ڪا خبر ناھي پر نسل در نسل ھي جوڳي، اھو ئي ٻڌندا پيا اچن تہ ، سندن وڏڙا لطيف جي ناني ھنگلاج ياترا واري دور کان وٺي، ھتي رھن پيا. سئو سالن جي عمر ۾ مُرليءَ جون دل کي وڻندڙ ڌُنون وڄائيندڙ لکاڏني پنھنجي پيءُ لونگ فقير کان ٻڌو تہ ، مڪليءَ ۾ اڄ کان سؤ سال کن اڳ، جهنگ ئي جهنگ ھو، جتي جي ڊيجاريندڙ منظرن ۾، انھن جوڳين کان علاوه صرف ھڪ کان ٻہ انگريز خاندان، برطانيہ سرڪار پاران ٺھرايل پڪن گهرن ۾ رھندا ھئا.

ھن ٻڌايو تہ ، "اڌ صدي اڳ، مڪليءَ ۾ نانگن جا انيڪ قِسمَ ملندا ھئا، جيڪي ھاڻي سڀ اڻلڀ ٿي ويا آھن. نانگن کان علاوه ٻيون بلائون باقي وڃي بچيون آھن، جن کي بہ شڪاري جهلي وڪڻن ٿا”. ھو روز مڪليءَ جي قبرستان ۾ ويھي، نانگ سان ‘نوري’ جوڳين وانگر نينھن نڀائيندي سيوا ڪندا پيا اچن ۽ سندن معمول آھي تہ ، سج لٿي مھل، واپس پنھنجي گهر ويندي، ٻچن لاءِ کير ڍُڪ وٺندا آھن. اھي ٻچا انسان نہ پر، سندن پاليل ۽ جهليل نانگ آھن، جن کي ھو پاڻ بکائي بہ سانڍين ٿا. انھن نانگن سان سندن ست نسلن کان بہ آڳاٽو ناتو آھي، پر ڀرسان ويٺل، مڪليءَ جي سوين انسانن سان اڃا تائين سندن ويجهڙائپ ناھي ٿي سگھي..!

لکاڏني ٻڌايو تہ ، "اسان جا ڪجهہ ماڻھو "ڪاري اُرھ” کان "ڪانڀو” ۽ کيرٿر تائين نانگ جهلڻ وڃن ٿا، پر اڪثر "ناري” ٿي گهرن ۾ ويٺل آھن. جڏھن تہ اسان جون ڪجهہ عورتون مجبوريءَ ۾ تہ ڪي وري ھوندي سوندي پنن ٿيون. ڪجهہ سال اڳ، اسان کي "چوھاڻ” مان "شيخ” ڪيو ويو، پر اسان کي اڄ بہ "چوھاڻ” سڏرائيندي خوشي ٿئي ٿي.”

لطيف بہ سر رامڪليءَ ۾ سندن انھن ئي منظرن جي عڪاسي ڪئي آھي. لکاڏني بقول "نوري” يعني اصل جوڳي پنھنجي جُوءِ ڇڏي، رولاڪ ٿي ڪري، لوڪ ۾ لڪي ڀُڻندا (رھندا) آھن. لطيف جن "نوري” جوڳين جو ذڪر ڪيو آھي، اھڙا چند جوڳي، مڪليءَ ۾، لکاڏني ۽ سندس جاڙي ڀاءُ لعلو جي صورت ۾ اڃا بہ موجود آھن، پر فرق صرف زماني جو آھي…
نُورِي ۽ نارِي، جوڳِيَڙا جَھانَ ۾؛
ٻَري جن ٻارِي، آءٌ نہ جِئندِي اُنِ ري.
(شاھ لطيف)

ھڪ ھزار گهرن کان بہ وڏي ھن جوڳي ڳوٺ مان لکاڏنو ۽ لعلو صرف ٻہ ڄڻا، مڪليءَ جي مُقام ۾ روز اچن ٿا. جڏھن تہ سندن نوجوانن ۾ مُرليون وڄائڻ جو لاڙو گهٽجي رھيو آھي. ھاڻي مڪليءَ جا جوڳي، يوڳ ڪٽين يا نہ، پر ھن جديد دنيا سان گڏ ھلڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن. مڪليءَ کان ڪڇ ڀُڄ تائين پيادل پنڌ ڪندڙ لکاڏني سان ڪيترن ئي ليبارٽري وارن ملاقاتون ڪيون ۽ سندس جوانيءَ واري زماني ۾ جهليل نانگ ۽ ٻيون بلائون ورتيون.

جوڳي ڳوٺ مڪليءَ جي ٻارن بہ اسڪول وڃڻ جي خواھش ڏيکاريندي، ھڪ حقيقت ٻڌائي تہ ، کين اسڪول ۾ جوڳي سمجهي ڪير ڀرسان ويھارڻ لاءِ تيار ناھي. ياد رھي تہ ھتي "اسڪول کان ٻاھر Out of School” ٻارن جو تعداد، پنج سئو کان بہ وڌيڪ آھي، جيڪي سڀ ڪچرو ميڙڻ کان علاوه پنن ٿا. ان ڪري ھتي الڳ سرڪاري پرائمري اسڪول جي سخت ضرورت آھي. انھن روئڻھارڪو ٿي ٻڌايو تہ مڪليءَ جا سڀني کان پراڻا ۽ اصلوڪا رھواسي ھجڻ باوجود، کين بنيادي حق ناھن ملي سگھيا ۽ سندن زمين تي قبضا پڻ ڪيا ويا آھن. اھڙيءَ ريت، وڌندڙ انساني آبادي ۽ اڏاوتن جي حوس جي ڪري، سنڌ جو ھي قديم ۽ تاريخي ڳوٺ بہ ختم ٿي رھيو آھي، جتي ھڪ تاريخ جيئري ھئي ۽ اڄ ھي ڳوٺ به صرف انھن جاڙن "نوري جوڳي ڀائرن” کان علاوه آخري پساھ پيو کڻي!!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close