ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار -3

گل حسن ڪلمتي

لسٻيلي ۾ گجر قبيلي جي حاڪميت هئي

مٽونگ سنگ:
جڪين سنگ کان اڳتي حب چوڪي ويندي، پير بخش اسٽاپ کان اسان ”ڪولهوائي“ ڳوٺ جي پڇا ڪندا وڃي اُتي پهتاسين. ڪجهه نوجوان مليا، جيڪي انهن ڳالهين کان بي خبر هئا. ڳوٺاڻن جي اسٽاپ تي آياسين، جتي ڪجهه همراهه تاش راند کيڏي رهيا هئا. حال احوالَ کان پوءِ هڪ 70 سالن جي ڪراڙي درست ڏس ڏيندي چيو ته، ”اوهان گهڻو اڳتي حب چوڪيءَ پاسي نڪري آيا آهيو. اهو پٿر روضي گجر ڳوٺ لڳ لڳل آهي، جيڪو سسئي پنهونءَ جي واٽ لڳ آهي.“

اسان سندس ٿورا مڃي جبلن، نئن ۽ ڍورن کان پار ٿيندا، پٻ جابلو سلسلي جي ڪناري کان واپس عباس اسٽاپ ڏانهن هلڻ شروع ڪيو. رستي ۾ ڪجهه ڳوٺ آيا، جيڪي به ذڪري فرقي جي ماڻهن جا هئا. رستو اڙانگو هئو. هر پاسي نئن ۽ ڍورن مان ريتي ۽ بجري ڍوئڻ ڪري خوبصورت علائقي کي ڀڙڀانگ ڪيو ويو هو. وڏي مشڪل سان هڪ جاءِ تي پهتاسين، جتي پٺاڻن جو ڪريش پلانٽ هو. پٻ جابلو سلسلي کي ٽوڙي ڪريش ڪيو پئي ويو. اسان مسافري نئن پار ڪري، ڪريش پلانٽ کان پوءِ جبلن جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ پهتاسين. ڳوٺاڻا مليا. حال احوال ڪرڻ کانپوءِ خبر پئي ته، اهوئي روضي گجر ڳوٺ آهي.

ڳوٺاڻن ٻڌايو ته، ”اهو پٿر ڳوٺ جي اوڀر پاسي هڪ جابلو ٽڪريءَ تي لڳل هو، پر 25 سال اڳ دولت حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ ماڻهن کوٽائي ڪري پٿر کي هيٺ ڪيرايو ته اهو 25 فوٽ ڊگهو پٿر ٽي ٽڪر ٿي ويو.“ اسان پڇيو ته، ”اهي ٽُٽل ٽڪرا موجود آهن؟“ سڀني هڪ آواز ٿي چيو، ”ها، موجود آهن.“ اسان الله جو شڪر ادا ڪيو ته پنڌ اجايو نه ويو. هڪ نوجوان کي کڻي اسان ڪريش پلانٽ کان ٿيندا هڪ 500 کان 700 فوٽ اوچي ۽ اڌ ڪلوميٽر ڊگهي ٽڪري تي آياسين. ٽڪريءَ تي مٿي هلڻ ڏکيو هو، ڇاڪاڻ ته مٿي ايتري گنجائش نه هئي جو ماڻهو ان تي هلي سگهي.

اسان ان جاءِ تي پهتاسين، جتي اهو 25 فوٽ پٿر کُتل هو. هاڻي ان جا ٽڪرا هيٺ ڪريل هئا. ٻه اٺ، اٺ فوٽ جا ٽُڪرا هئا. هڪ لڳ ڀڳ ڏهن فوٽن جو ٽڪرو هو، جيڪو به ٻه ٽڪر ٿيل هئو. جتي هي پٿر کُتل هو، اتي پنجن فوٽن جو کڏو هو، جيڪو دولت حاصل ڪندڙن کوٽي اهو پٿر هيٺ ڪيرايو هئو. اسان سان گڏ نوجوان عبدالعزيز گجر ٻڌايو ته، ”هيءَ جاءِ مقدس آهي ۽ هي پٿر به مقدس پٿر آهي. جڏهن انهن همراهن رات جو هي ڪم ڪيو ته، انهن کي دولت ته نه ملي، پر انهن مان هڪ همراهه جو چيلهه کان هيٺ ڌڙ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو – ۽ هو توبهه تائب ٿي ڀڄي ويا. جڏهن ڳوٺاڻا هتي پهتا ته انهن وٽ هٿيار هئا. ڳوٺاڻا بيوس هئا.“

موضع مسافريءَ ۾ ٽيھ فوٽ کُتل پٿر، مٽونگ سنگ جو ٽُٽل هڪ حصو

هن پٿر لاءِ ڳوٺاڻن ٻڌايو ته، ”هي پٿر الله جي ڪنهن بزرگ هتي لڳايو هو.“ اها ڳالهه هو پنهنجي وڏن کان ٻُڌندا اچن پيا. ڳوٺاڻا ان پٿر کي ”مِٽونگ سنگ“ يا ”مهه ٽنگ سنگ“ چون پيا. هي گجر ذڪري فرقي جا بلوچي ڳالهائيندڙ آهن، جيڪي پاڻ کي ميرواڙي به سڏائين ٿا.
لسٻيلي جي قبائلي تاريخ موجب، پهريان هتي گجر قبيلي جي حاڪميت هئي. لياري ۽ هاڙهي جبل جي وچ ۾ ڪانيارو ڪوٽ گجرن جي حوالي هو. ”مِٽونگ“ بلوچي لفظ آهي. بلوچي تاريخ ۽ ٻوليءَ تي ڪم ڪندڙ غلام رسول ڪلمتي جو چوڻ آهي ته، ”هي لفظ گريشا (خضدار) کان آواران مشڪي تائين ڳالهايو وڃي ٿو. جڏهن ڪو ماڻهو بي مقصد ڪنهن جي مٿان بيٺل هجي ته، چيو ويندو، ”تو مئي سرا مِٽونگ ئي پرچا؟“ معنيٰ ”تون منهنجي مٿان بي مقصد ڇا جي لاءِ بيٺو آهين؟ ”مِٽونگ“ معنيٰ ”بيهڻ.“ ”مِٽونگ سنگ“ معنيٰ ”بيٺل پٿر.“

هي پٿر جيڪو 25 فوٽ زمين کان مٿي کُٿل هو، ۽ ٻه فوٽ موڪرو آهي، گهڙيل نه آهي، پر گهڙيل پٿرن وانگر لڳي ٿو. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته، ”هي پٿر پري پري کان نظر ايندو هو.“ جتي هي پٿر آهي، ان جي ڪجهه فاصلي تي به جبل ۾ کوٽائي ٿيل هئي.

ٽڪريءَ جي هيٺان ڪنهن پراڻي وسنديءَ جا آثار به هئا. ٺڪراٺو به هتي اسان کي مليو. ڪريش پلانٽ هجڻ جي باوجود پٻ جبل جي ڀڪ ۾ هي علائقو اڄ به سنسان ۽ پرسڪون آهي. هي پٿر سسئي پنهون جي درگاهه ڏانهن ويندڙ پراڻي رستي جي ڪناري تي هئو. اهو پراڻو رستو، حسن پير کانپوءِ مسافري نئن کان اڳ نڪرندو هو ۽ هتان ٿي عباس اسٽاپ ۽ عباسي ليويز چوڪيءَ تائين ويندو هو. ڳوٺاڻا اڄ به اهو رستو استعمال ڪندا آهن. روضي گجر ڳوٺ سان لڳ پير بخش ڳوٺ آهي. ٻئي ڳوٺ، جيڪي اسان ڏسي آياسين، سي اسڪول ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. هتي زمينون ليز تي ٻاهرين ماڻهن کي ڏنل آهن، جيڪي هتي نئن ۽ ڍورن مان ريتي ۽ بجري ڪڍي، پٻ جابلو سلسلي کي ٽوڙي (ڪريش ڪري) علائقي کي ڀڙڀانگ ڪري رهيا هئا.

مِٽونگ سنگ موضع مسافريءَ ۾ آهي. جنهن جبل تي اهو پٿر کُٿل هو، ان جي اولهه پاسي پٻ جبل کان وهي ايندڙ مسافري نئن آهي، جنهن جي اولهه ڏکڻ پاسي موضع پڻيو آهي. مسافري نئن اڳتي پٻوڻي نئن سان ملي حب نديءَ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي.

مِٽونگ سنگ (بيٺل پٿر) جي ٻن ٽُٽل حصن تي چٽسالي ٿيل نظر آئي. جنهن ۾ هڪ تي ٻه گل ٺهيل هئا، ۽ ان تي 29-7-1969 به لکيل هو. ٻئي ٽُٽل ٽڪري تي انساني هٿ ٺهيل هو ۽ ان سان گڏ دل ۽ ان مان آرپار تير لڳل هو. هٿ جو ريکائون صاف چٽيل هيون. هڪ گل اهڙو چٽيل هو، جيڪو اڪثر ٻُڌيه دور وارين چٽسالين ۾ سدا بهار جو گل يا ڪنول جو گل چِٽيل هوندو آهي، اهڙو ئي هو. جيڪڏهن هن لٺ تي اهي تازا چٽيل آهن (کليل تاريخ مان اهو اندازو ٿئي ٿو) ته ٺاهڻ وارو ماهر ڪاريگر هوندو ۽ پٻ جي هن علائقي ۾ جبلن ۾ ٻُڌيه دور جي چٽسالي ضرور پٿرن تي چٽيل هوندي، جنهن کي ڏسي اها چٽسالي ڪئي وئي آهي. انهيءَ پٿر ۽ آس پاس اسان کي چٽسالي ڏسڻ ۾ نه آئي. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته، ڳوٺن جا ماڻهو پٻ مان وهندڙ هڪ چشمي مان پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪندا آهن. هتي انومان آهي ته اهڙي چٽسالي هجي. اسان کي چشمي تائين پهچڻ ۾ رات ٿي وڃي ها، تنهنڪري ٻئي ڀيري لاءِ اهو ڪم ڪم ڇڏي ڏنو.

موضع مسافريءَ ۾ ڪيرايل پٿر، مٽونگ سنگ تي ٿيل چٽسالي

مِٽونگ سنگ اڄ تائين جيڪي روهيون، کُتل پٿر يا لَٺ، پٿري دائرا مليا آهن، انهن کان مختلف ۽ ڊيگهه، ويڪر ۾ وڏو آهي. هيٺ کان مٿي، پاسن ۾ هڪ جيترو ئي آهي. ائين لڳي ٿو ته ڪنهن سانچي مان تيار ڪيل هجي. ان تي به وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
مسافري نئن کي کُتل پٿر واري هنڌ ”حاجي لڪڙو“ نئن چون ٿا. حاجي لڪڙي جي قبر پٻ جبل جي هڪ هڪ چوٽيءَ تي آهي. هتان اها نئن وهي اچي ٿي، تنهن ڪري ان کي حاجي لڪڙو نئن به چون ٿا.

عبدالعزيز ٻڌايو ته، کُتل پٿر واري ٽڪريءَ جي اولهه پاسي هڪ پٿر جو ٻند به آهي، پر ان لاءِ هڪ ڪلوميٽر پنڌ هلڻو پوندو. سج هن ويراني ۾ لهي رهيو هو. رستي کان اسان اڻ واقف هئاسين. بارش جو به امڪان چٽو هو، تنهنڪري عبدالعزيز کي سندس ڳوٺ ڇڏي اسان عباس اسٽاپ ڏانهن روانا ٿياسين.

ڪاوش دنيا ميگزين ۽ ليکڪ جي ٿورن سان



Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close