يار نثار! معاف ڪجانءِ…

محمد خان دائود

نثار ٻلھڙو جو ڪيس اتي ئي ڦاٿل رھيو جتي ڳِجهہ ويٺل ھوندا آھن، جيڪڏھن اتي ڳِجهہ نہ ويٺل ھجن ھا، تہ اڄ نثار ھڪ قبر ۾ تبديل ٿيل نظر نہ اچي ھا، نہ ئي ھڪ مٽيءَ جو ڍير!
پر ڇا ڪجي دوستن، يارن، سگنتين جو جيترو وس ھلي سگھيو، سو انھن ھلايو، ان کان اڳتي اھي ڇا ڪن ھا؟ دوستن جي محبت کان اڳتي سمري ھوندي آھي ۽ اھو ڪيس سمري ۾ ئي ڦاسجي رھجي ويو ۽ نثار  ٻلھڙو تمام اڳتي ھليو ويو!
بغير ڪنھن اسٽاپ جي!

جيڪڏهن اھڙا ڪيس سمرين جي نظر نہ ٿين ھا تہ شايد سنڌ جي ساڃاھ ، سنڌ جي دانش، سنڌ جي سمجھ، سنڌ جو شعور ڪڏھن بہ نہ مري ھا ۽ سنڌ جي ساڃاھ جي عمر تمام ڊگھي ٿئي ھا
پر سنڌ جي ساڃاھ ۽ حياتي جي سڳي جي وچ ۾ ھڪڙي سمري بہ ھوندي آھي، جنھن سمريءَ مان سنڌ جي ساڃاھ کي گزرڻو پوندو آھي، پوءِ چاھي اھو ڪير بہ ھُجي، پر ان لاٰءِ اھا ڳالھ لازم آھي تہ اھا ساڃاھ ۽ سمجھ سنڌ جي ھُجي!

جڏھن سنڌ جي سمجھ ، شعور، عقل، دانائي بيمار ٿي اسپتال جي ميري بيڊ تي ايندي آھي تہ صحت ۽ ان شعور جي وچ ۾ سمريءَ جي ڊگھي قطار نظر ايندي آھي، نہ سمري اڳتي وڌندي آھي، نہ سمري منظور ٿيندي آھي ۽ نہ ئي سنڌ جي ساڃاھ چڱي ڀلي ٿي پنھنجي پيرن تي گھر ڀيڙي ٿيندي آھي، پوءِ اھا ساڃاھ سائرن وڄائيندڙ ڳاڙهي بتي واري ايمبولنيس ۾ اتي ويندي آھي جتي انھن جا معصوم ٻار ان ڳالھ کي سمجھي ئي نہ سگھندا آھن تہ
”بابا کي ڇا ٿيو آھي؟!“
اھي معصوم ٻار ائين ئي ھٿن ۾ رانديڪا پڪڙي ڪلراٺيءَ مٽيءَ ۾ کيڏندا رھندا آھن ۽ گھرن ۾ موجود ٻڍڙيون مائرون ۽ محبوبائون روئينديون رھنديون آھن. نثار ٻلھڙو بہ ان ئي بي حسيءَ جو شڪار ٿيو آھي.

جيڪڏهن اقتدار جي ايوانن ۾ اھا سمري، سمري راند نہ ھُجي ھا، تڪڙ ۾ صاحب اقتدار اھڙن معاملن کي سمجھي اھي ڪيس اڳتي وڌائين ھا ۽ اھڙن ڪيس تي تڪڙي ڪاروائي ٿئي ھا، تہ اڄ سنڌ جي اھا سموري ساڃاھ جيڪا گھرن جي کٽن تان اُٿي سرڪاري اسپتالن جي ميرن بيڊن تي سُتي ۽ اسپتالن جي ميرن بيڊن تان تڏھن اُٿي جڏھن نہ سمري صاحب منظور ڪئي ۽ نہ ئي سنڌ جي ساڃاھ جو ترت علاج شروع ڪيو ويو، پوءِ اھا دانش مٽيءَ جي ير ۾ تبديل ٿي وئي!

ائين ناھي تہ ان بي حسيءَ جو بس نثار ٻلھڙو شڪار ٿيو آھي ۽ ائين بہ ناھي تہ بس نثار ٻلھڙي سان ئي ائين ڪيو ويو آھي پر ائين بہ ناھي تہ ان بي حسيءَ جو شڪار بس نثار رھندو ۽ ھاڻي اڳتي سب ٺيڪ ٿي ويندو ڪاش ائين ھُجي ھا
پر ائين ناھي!

ڇو تہ سرڪار ۾ ڳجھون ويٺل آھن جيڪي ڍونڍ تي پلجن ٿيون ۽ اھي ان انتظار ۾ ويٺل ھونديون آھن تہ سنڌ ۾ ڪا ساڃاھ ، ڪا دانش، ڪا شعور ڀري ذات بيمار ٿي اسپتال ڀيڙي ٿئي پوءِ تہ انھن ڳجھن جا وارا نيارا ٿي وڃن ٿا

اسان ان ڳالھ کان ڀلي ڀت واقف آھيون تہ نثار ٻلھڙي جو علاج سرڪاري فائل ۾ ضرور ٿيو ھوندو، فائل ڪاغذن جي وزن سان تمام ڳري ھوندي، ان فائل ۾ اھو بہ ڏيکاريل ھوندو ته نثار ٻلھڙي جي بيماريءَ تي هيترو خرچ آيو..
پر نثار پڄاڻا اھو تمام خرچ اھي ڳجهہ کائي ويندا جيڪي صاحب اقتدار جي آس پاس ويٺل آھن

سنڌ جي سمجھ ، نثار لاءِ تہ پنھنجي دامن کي جھولي ۾ بہ تبديل ڪيو، سنڌ جي شعور پنھنجي دامن کي تہ ڪشڪول ۾ بہ تبديل ڪيو پر ان ڪشڪول بڻايل دامن ۾ ڪيترا سڪا پئجي سگھيا؟

جڏھن تہ نثار ٻلھڙي جي بيماري انھن چند سڪن کان تمام گھڻي ڳوري ھُئي، سنڌ جي شعور نثار لاءِ گيت بہ ڳاتا، واڪا بہ ڪيا پر سنڌ جي شعور جي ھٿ ۾ اھو نہ ھو تو اھو نثار لاءِ پنھنجو وس بہ ھلائي سگھي
۽ جنھن جي ھٿن ۾ اھو وس ھو اھي سمري سمري کيڏندا رھيا
۽ نثار ھليو ويو
يار نثار معاف ڪجانءِ
ھتي ڳجهن جي حڪمراني آھي ۽ اھي سنڌ جي شعور جي بيمار ٿي وڃڻ تي اھڙا ڪيس ورھائي کڻندا آھن
يار نثار معاف ڪجانءِ، تون بہ انھن ڳجهن جي ور چڙھي وئين
۽ سنڌ تنھنجي لاءِ ڪجھ بہ نہ ڪري سگھي!

يار نثار! سنڌ تہ ماءُ آھي، امان اھي، جيجل آھي..
۽ توکان وڌيڪ ڪير ڄاڻندو ھوندو تہ سنڌ ۾ پوڙھيون مائرون بس پنھنجي نيڻن مان نير وھائينديون آھن،
۽ اڄ تنھنجي ائين وڃڻ تي سنڌ بہ پنھنجي اکين مان نير وھائي رھي آھي!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close