در در جا ڌڪا (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا) قسط-3

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

ان گھر ۾ اسان جو ننڍو چاچو بہ رھندو ھو، اھو نوڪري جي سلسلي ۾ اڪثر ٻاھر رھندو ھو، ٻين چاچن جي ڀيٽ ۾ ھن جي حيثيت وڌيڪ ھئي، ڇو تہ ھن علي ڳڙھ مان بي اي ڪئي ھئي. تعليم يافتہ ھجڻ سان گڏ ھو انگريزي لباس پائيندو هو، سگريٽ پيئندو هو ۽ دوستن سان انگريزي ۾ ڳالھائيندو ھو. اھا اسان لاءِ وڏي تعجب جي ڳالھ ھئي. پاڪستان بہ سڀ کان پهرين آيو هو. جڏھن منھنجي ڏاڏي 1952ع ۾ وفات ڪئي تڏھن ڪنھن چيو ھو تہ ھاڻي مسعود علي خان ھتي نہ رھندو ۽ ٿيو بہ ايئن. منھنجي ناني قافلہ پاڙي ۾ ھڪ وڏي حويلي ۾ رھندي ھئي، وڏي دروازي کان داخل ٿبو هو تہ ھڪ ننڍو ميدان نظر ايندو هو، ان جي کاٻي پاسي ڪوٺيون ھونديون ھيون، ورانڊي جي ھڪ ڪنڊ ۾ ھڪ پڪي ڪوٺي ھوندي ھئي، جيڪا ڪنھن زماني ۾ مالي پريشانين جي ڪري ھڪ ڪوري کي وياج تي ڏني ھئي، جتي ھو گاھ ۽ جانورن جو چارو رکندو ھو. ساڄي پاسي ھڪ ھڪ ننڍو گھر ھوندو ھو جنھن ۾ ڪير بہ نہ رھندو ھو. برسات جي ڏينھن ۾ گھر جي اڱڻ ۾ قسمين قسمين ٻوٽا ڦٽي ايندا هئا، خاص طور تي کنڀي جنھن کي اسان نانگ جي ڇٽي چوندا ھئاسين. گھر ۾ داخل ٿيندئي ھڪ ڏيڊي ھوندي ھئي پوءِ ھڪ وڏو اڱڻ، ساڄي پاسي ھڪ ڊگھو چبوترو، پوءِ دالان، دالان جي ٻنھي پاسن کان سامان رکڻ لاءِ ڪوٺيون ھونديون ھيون.ڪوٺين ۾ تختا لڳل ھوندا ھئا جتي منھنجي ناني جا ڪتاب رکيل ھوندا ھئا، ڪتاب ڪير بہ نہ پڙھندو ھو. ان ڪري ھڪ ڏينھن ناني مونکي چيو تہ ھي سڀ ڪتاب مدرسي جي لئبريري ۾ ڏيئي اچ. جڏھن تختا ڪتابن کان خالي ٿيا تہ ان سان گڏ گھر مان علم ادب جي آخري نشاني بہ ختم ٿي. ان وقت گھرن ۾ ڊرائنگ روم يا ڊائننگ روم جو تصور نہ ھوندو ھو. گھرن ۾ زنانہ ۽ مرداڻہ ٻہ الڳ حصا ھوندا ھئا. جيڪڏھن مرداڻو حصو نہ ھوندو ھو تہ مرد گھر کان ٻاهر ڪچھري ڪندا هئا. ماني چبوتري تي کائبي هئي. انھن گھرن ۾ نجي زندگي يا اڪيلائي جو ڪو تصور نہ ھو.

منھنجي والد جو ڏاڏو قصور کان آيو هو، ھو مذھبي عالم هو ۽ پنھنجي علمي قابليت جي ڪري ان وقت جي نواب جو استاد ھو. پڙھائڻ جي بدلي نواب منھنجي پيءُ جي ڏاڏي کي حويلي، جاگير ۽ نڪاح پڙھائڻ جو حق ڏنو. منھنجي ناني پنھنجي پيءُ جي وراثت کي سنڀاليو ۽ علم سان تعلق جوڙي رکيو. جڏھن ھن جي وفات ٿي تڏھن منھنجي والدہ ننڍي ھئي، ان ڪري ھن کي پنھنجي پيءُ بابت ڪجھ ياد نہ ھو. منھنجي مامي فارسي ۽ عربي جي معمولي تعليم حاصل ڪئي، مامي کي علم جي ميراث سان ڪا بہ دلچسپي نہ ھئي. جاگير مان جيڪا آمدني ٿيندي هئي ھو ان مان خوش ھو. مونکي حيرت آھي تہ ھن پنھنجي سڄي زندگي بيڪار ڪيئن گذاري؟ ھن جو ھڪ ئي مشغلو صفائي ھوندو ھو، ھن جو سڄو ڏينھن پاڻ کي ۽ پنھنجن شين کي سنوارڻ ۾ گذري ويندو هو. خاص طور تي ھو پنھنجي سائيڪل کي سڄو ڏينھن پيو ڇنڊيندو ھو. سائيڪل تي ھو پنھنجي ڳوٺ ويندو هو. پنھنجو گھڻو وقت ڄاڻ سڄاڻ وارن سان گذاريندو هو. عجيب ڳالھ اھا آھي تہ ھو بري صحبت ۾ نہ آيو ۽ نہ ئي فضول پئسو خرچ ڪيائين. ھا اڪثر ھو ڪنھن جي چوڻ تي واپار تي پئسو لڳائيندو هو ۽ پوءِ نقصان کائيندو هو. ھن ڪڏھن پاڪستان اچڻ جو نہ سوچو ۽ ھتي اچي بہ ھو ڇا ڪري ھا. ھن جي زندگي صرف ٽونڪ ۾ گذرندي هئي. اسان جي ھن سان خط ڪتابت بہ تمام گھٽ ٿيندي هئي. جڏھن ناني حياتي ھئي تہ ھو ڪنھن کان لکرائيندي ھئي، ان کانپوءِ اھو سلسلو بند ٿي ويو. ھو ھڪ دفعا پاڪستان آيو هو، اھو بہ سندس زال جي چوڻ تي، جنھن جي ھڪ ڀيڻ لاھور ۾ آھي. شايد 1963ع ۾ آيو ھو ان کان پوءِ نہ مليو آھي. ھن کي ڪو اولاد نہ ھو. زال جي وفات کان پوءِ اڪيلو ٿي ويو ۽ پوءِ ٻڌڻ ۾ آيو هو تہ ھو پنھنجو گھڻو وقت مسجد ۾ گذاريندو هو. جڏھن اسان 1992ع ۾ لاھور آياسين تہ ڪنھن اطلاع ڏنو ھو تہ ھو وفات ڪري ويو.

ناني سان اسان ڏاڍي محبت ڪندس ھئاسين، جڏھن بہ ان وٽ ويندا هئاسين تہ ناني سان گڏ سمھندا ھئاسين. ناني اسان کي ڪھاڻيون ٻڌائيندي هئي، ڏھين محرم تي مرثيا پڙھندي ھئي ۽ زارو قطار روئيندي ھئي، ناني جي ڪيفيت تي اسان کي تعجب ٿيندو ھو، ھو ھر تھوار وڏي اھتمام سان ملھائيندي ھئي. يارھين محرم تي ڪونڊيون ٿينديون هيون، ان کانسواءِ نياز ھلندو رھندو ھو. مڙس جي وفات کان پوءِ ناني گھر سنڀاليو ھو، ھو تمام سادي طبيعت واري ھئي، ان ڪري ماڻھو کيس ٺڳي ويندا هئا. حويلي جي پھرين منزل ڏاڍي خوبصورت ٺھيل ھئي، ان ۾ ٻہ ڪمرا ۽ دالان ھو پر اتي ڪير بہ نہ رھندو ھو. سامھون دالان ۾ منھنجي ناني جا مائٽ رھندا ھئا، جنھن کي اسان وڏو ۽ ننڍو مامو سڏيندا هئاسين، انھن جي ماءُ کي ناني چوندا ھئاسين، جيڪا سنھڙي ھوندي ھئي ۽ سڄو ڏينھن چرخي تي ڪتيندي رھندي ھئي. وڏو مامو پوليس ۾ ھو ۽ ان جي خاص ڳالھ اھا ھئي تہ ھو پان ٺاھيندو ھو، ھڪ وڏو ڪپڙو وڇائي پنن کي چن ۽ ڪاٿو لڳائيندو هو، پوءِ احتياط سان انھن کي بند ڪندو هو، جنھن اشتقاق ۽ چاھت سان ھو پان ٺاھيندو ھو، اھو اسان لاءِ دلچسپ ھوندو ھو. ھاڻي خيال ايندو آهي تہ ماڻھو جو ڪنھن ڪم ۾ مشغول ھجڻ ڪيڏو ضروري آھي! ڇو تہ ان سان ماڻھو کي بيڪار ڪمن مان نجات ملي ٿي ۽ زندگي کي ڪو مقصد ملي ٿو. آئون ڏسندو ھئس جڏھن ھو پان ٺاھي وٺندو هو تہ ان جي چھري تي اطمينان اچي ويندو هو. ننڍي مامي کي ڪبوترن جو شوق ھوندو ھو، ھڪ ڪوٺي ڪبوترن سان ڀريل ھوندي ھئي. ڪبوترن جو آواز حويلي ۾ گونجندو رهندو هو، ھن کي ڪبوترن سان عشق ھوندو ھو. ڪبوترن جي ٻچن کي پنھنجي وات سان چڳائيندو ھو. شام جو انھن کي آسمان تي اڏائيندو ھو، ڪبوترن کي آسمان تي اڏامندو ڏسي ھو تمام گھڻو خوش ٿيندو هو. حقيقت ۾ ھو ڪبوترن جي ڪري ئي زندہ ھو. ان جي مالي حالت بہ ڪا بھتر نہ ھئي، ان ڪري ھو جوئر جي ماني کائيندو هو، جوئر جي ماني ٿلھي ۽ سخت ھوندي ھئي، ڀاڄي سان کائڻ ۾ مزو ئي الڳ ھوندو ھو، آئون اڪثر ماني پچندي ڏسندو ھئس تہ ڪيئن دانگي تي پچي ٿي، ان وقت ماني پچڻ جي خوشبو ايندي هئي تہ بک ۾ اضافو ٿي ويندو هو. آئون اڪثر تازي پڪل ماني جو رکو ٽڪر کائيندو ھئس. عجيب ڳالھ اھا آھي تہ انھن ماڻھن کي پنھنجي غربت سان ڪا بہ شڪايت نہ ھئي، اھي پنھنجي زندگي مان مطئمن ھئا، سادي زندگي ۾ ڪي بہ خواهشون نہ ھيون ۽ زندگي ۾ سڪون ھو. پوءِ اھا خبر ٻڌي تہ ناني جي وفات کان پوءِ اسان جي مامي ان کي گھران ڪڍي ڇڏيو، اھا خبر ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو، ھو انھن سان ننڍپڻ کان گڏ رھي ھئي، ان ڪري انھن کانسواءِ حويلي خالي خالي نظر اچڻ لڳي، ھاڻي خبر ناهي تہ اھي ڪٿي آھن، زندہ بہ آھن يا نہ، پر انھن جو يادون اڄ بہ ذھن ۾ موجود آهن. امان ٻڌائيندي ھئي تہ جڏھن ڏڪار آيو هو تہ عام ماڻھن جي حالت گھڻي بدتر ٿي وئي ۽ انھن پنھنجن ٻارن کي وڪڻڻ شروع ڪيو، اميرن ھميشہ جيان غريبن جي مجبوري مان فائدو ورتو، اميرن غريبن جي ٻارن کي خريد ڪري پنھنجو غلام بڻايو. امان ٻڌائيندي هئي تہ سندس ڏاڏي موقعي جو فائدو وٺندي ڪجھ ڇوڪرين کي خريد ڪيو هو، جن کي ھو نيري رنگ جا ٿلھا ڪپڙا پارائيندي ھئي.اھي غريب ڇوڪريون سڄو ڏينھن گھر جو ڪم ڪنديون هيون، اھي ڇوڪريون جوان ٿيون، پوڙھيون ٿيون ۽ پوءِ مري ويون. نہ انھن جي شادي ٿي ۽ نہ ئي اھي پنھنجي والدين سان مليون، انھن مان ھڪ منھنجي والده کي پاليو ھو، امان ان کي آيا چوندي هئي. امان جنھن محبت ۽ پيار مان آيا جو ذڪر ڪندي ھئي، اوترو پنھنجي ماءُ جو ذڪر نہ ڪندي هئي. امان جي ڳالھين مان لڳندو هو تہ آيا سڀ ڪجھ امان جي ڪري قربان ڪري ڇڏيو هو. امان جي شادي کانپوءِ بہ ھو امان وٽ ايندي هئي ۽ امان سان ڪم ڪار ۾ ھٿ ونڊائيندي ھئي، سڄي زندگي خدمت ڪندي ھڪ ڏينھن آيا دنيا مان ھلي وئي. امان بہ آيا کي سڄي زندگي ياد ڪيو. خبر ناهي خود آيا پنھنجي باري ۾ ڇا سوچيو ھوندو، ان کي پنھنجن محرومين جو احساس بہ ھوندو يا نہ؟ يا سڀ ڪجھ قسمت جو سمجھي، خاموشي سان زندگي گذاري ڇڏيائين. شايد جيڪا محبت منھنجي والده کي ڏنائين يا جيڪا امان ان کي محبت ڏني، ان محبت جي سھاري زندگي گذاري ڇڏيائين. پر خيال ايندو آهي تہ جيڪڏهن ڪنھن جي سڄي زندگي ٻي جي خدمت ڪندي گذري وڃي ۽ ان جي پنھنجي ڪا بہ سڃاڻپ نہ ھجي تہ اھا ڪيڏي وڏي اذيت ھجي ٿي. ھزارين ماڻھو جيڪي غلام جي حيثيت ۾ پنھنجون خواھشون دٻائي، ھزارين محرومين سان ھن دنيا مان ھليا ويا، انھن جو ذميوار ڪير آهي. جڏھن بہ انھن مجبور، لاچار ۽ بيوس ماڻھن جي باري ۾ سوچجي ٿو تہ مايوسي پلئہ پوي ٿي. ڇا ھي انسان ناھن جو اھي ھن دنيا جي نعمتن مان لطف اندوز ٿين؟ آخر ڇو انھن کي مجبور ڪيو وڃي جو ھو ٻين کي زندگي جي نعمتن مان لطف اندوز ٿيندي ڏسن. زندگي جي نعمتن کان محروم ماڻھن جي ڏک کي سمجهڻ وارا تمام گھٽ آهن، ان ڪري خدمت گذاري جي اھا روايت ھلندي پئي اچي.

ھلندڙ


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close