ھُو حُر ھَو…! (ڪھاڻي)

جمال ابڙو

هُو حُر هو.. مشهور حر، خيرُو خاصخيلي. سندس رت نئون هو. پير صاحب پاڳاري کي انگريزن قيد ڪيو. حرن ۾ ڪُھرام مچي ويو. خيرَي جي رڳن ۾ جنسي باھ ٿَي ٻَرِي. سندس بدن ۾ ڄڻ تہ پيٽرول پئي وهيو، صرف چڻگ جي ضرورت هئي، جا لڳِي چُڪي هئي. سندس گهر ۾ ماءُ ۽ ننڍڙي ڀيڻ هئي. انهن بہ کيس چيو تہ ”وڃي فقيرن سان مِل!“

سنڌ سُونھاري جھنم جو ٽڪرو بڻجي وئي. ريلُون ڪِريون، ڌاڙا لڳا، خون مٿان خون، مٿان اچي ملٽري ڪَڙڪي. باھ تي گاسليٽ پيو.

خيرَي جو واهڻي منهن ڦِري هيبتناڪ ٿي پيو. اکيون ڳاڙهيون، ”ڀيڄ پاڳارا!“ چوندي منجهائن رت ٿي ٽِميو. خشڪ چپن خُون ٿي گُهريو.
ڪَيئين مقابلا ٿيا. گولين جا مينھن ٿي وسيا. ڳوٺن کي باهيون ڏنيون ويون. ملٽريءَ جا مڪڙ اچي لٿا. ملڪيتون ۽ لڄون لُٽيون ويون.

خيري جي ننڍڙيءَ ڀيڻ کان پُڇيو ويو، ”ڀاڻين ڪٿي؟“

مضبوط جواب آيو، ”ادو مري ويو!“

کيس زوم مان چماٽ لڳي، ۽ وڃي ڦَھڪو ڪيائين. ماڻس کي ماريو ويو. پوڙهيءَ نٿي ڏَسيو ته سندس پُٽ ڪٿي هو. سندس اگهاڙي جسم مان گوليءَ کي پار ڪيو ويو.
لوڙها ڀرجي ويا، زائفون ۽ ٻار – ملٽري جوان، هندو سک، مٿن پھريدار هئا. اڻ پرڻيلون مائرون مائرون بڻجي ويون. اخلاق جون ڪمزور جو ٿيون!!

پير سائينءَ جي ڦاسيءَ جو احوال آيو.

ائين ڪو ٿيڻو هو؟ ڪنھن کي اعتبار ڪونہ آيو، چي، ”اهي سڀ انگريزن جون چالبازيون آهن.“

فقير ڪي ماٺ ڪرڻ وارا هئا؟

خليفن کين ٻڌايو هو ته پير سائين سندن جنازي نماز بہ پڙهي ويو هو! ”انگريزن جو تڏو پَٽينداسون، جاسوسن جا سر لُڻنداسون!“

ڪيئي گرفتار ٿيا، ڪيئي ماريا ويا.

مُلڪ ۾ هيبت ڇانئجي وئي. حيدرآباد مان ملٽر حُر وٺيو پئي وئي.

”اڙي هي ته ماڻھو آهن!“ هڪ هراس مان چيو. ڪيترا ئي شينھن مڙس مارجي ويا. سردارن مان هڪ خيرو نہ جهليو. تحريڪ ڪُچلجي وئي، ۽ هاڻي هُـو رهزن ٿي پيا. شل نہ ڪنهن جي پويان پون! بُڻ ئي ناس ڪري ڇڏيندس. نياپا هلندا هئا، ”فلاڻيءَ رات تنهنجا مهمان آهيون، بس ٻار بہ نہ ڇڏيندس!“

سال لنگهي ويا، خيري مُلڪ ۾ ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيو. ڪِيس ۽ ڪَلُور ڪري ڇڏيائين. وڏيرا وڙا گهر ويٺي ڏڪندا هئا. پوليس جو نڪ ۾ دم اچي ويو. خونن پٺيان خون- ڌاڙي پٺيان ڌاڙا! اڪيلي سر پوليس جي دستن سان مقابلا ڪندي نڪري ويندو هو. ظاهر ظھور نعرو هڻي گهيري ۾ ڪاهي پوندو هو، ۽ پوليس هٽي کيس جاءِ ڏيندي هئي. چون ٿا تہ گولي کيس اثر ئي ڪونہ ڪندي هئي.

… ۽ آزادي آئي. انگريزن بسترا گول ڪيا. پاڪستان ٿيو، ۽ اسلامي راڄ آيو. عجيب تبديلي هئي. سڀني ٻُڌو ٿَي، ۽ مڃيو ٿَي، سمجهہ گُم هئي.

پنهنجي حڪومت جو آواز دل ۽ دماغ ۾ گهر ڪندو ٿي ويو، خيري کي بہ ٿڌائي اچي وئي. خون ڌاڙا بند ڪيائين. خُونين کي ڇنڊ ڪڍڻ لڳو پر مجال جو خيري جو رعب گهٽجي! اڃا سندس حڪم هلندو هو. ڏهن هزارن جي چِٺي ويندي، ته پُورا ڏھ کيس گهر ويٺي ملندا.

شادي ڪيائين، هڪ ڳوٺاڻي حسينہ سان. راڄن کي سڏُ ڏنائين. سڄي تَر جي ماڻھن سڏ ڀريو، باقاعدي ڪاڄ ٿيا. پوليس کي خبر هئي، پر ڪير پگهارن تي سر ڏيندو! شادي خير سان گذري.

هن دلير مڙس ۾ وڏي تبديلي آئي… ’فرسٽ ڪلاس‘ گاڏو رِزرو ٿيو. هڪ بارعب شخص ڪراچيءَ ڏانهن سفر ڪندو نظر نہ آيو. ڪير چوندو هُو مشھور ڌاڙيل خيرو خاصخيلي هو! وڏن وڪيلن سان سندس ملاقات ٿي، ”ڇا پيش پوڻ سببان سندس ڏوھ معاف ٿِي سگهيا ٿَي؟“

”خوني ۽ معافي؟“ پوڙهن قانو دانن پنهنجي ٿَڪل منھن ۾ گُهنج آڻي چيو.

”قانون ۾ اهڙي ڪا بہ گنجائش ڪانھي. قاعدو ڦِرِي نٿو سگهي. خدا توبک قبول ڪري سگهي ٿو، سرڪار نه..“

اڄ خيري تي گهيرو هو. بندوق، بم، مشين گنون ۽ اسٽين گنون- چاليھ ملٽريءَ جا جوان، هوائي فير ڪري خيري کي اطلاع ڏنو ويو. ڄڻ تہ سُتل شينهن جاڳيو. گولين جا مينھن وسي ويا. خيري حسينہ جي منھن تي محبت جي آخري مھر هنئي… گوليءَ جو جواب گوليءَ سان ۽ بم جو جواب بم سان. حسينہ مُشڪندي کيس ڳوليون ڏيندِي رهِي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ مقابلو هليو… ۽ هڪ آخري بم خيري جي بدن سان ٽڪر کاڌو… حسينہ گنڀير ٿِي وئِي ۽ ڇهن مهينن جي ولي عھد زور سان زمين تي ڇڙهيون هنيون.

هڪ پوليس آفيسر خيري جو احوال ٻُڌايو، ”پَٽ کان ڏيڍ فُٽ مٿي ويڪري ڇاتي، سيني تي گولين جا ٻہ پَٽا، رائفل ڪُلھي ۾، بغل ۾ پستول، قد پُورو پُنو، بدن مضبوط، سنھڙيون وٽيل مڇون، ۽ گهنڊيءَ تي ڏاڙهي، رنگ جو ڳاڙهو، نھايت شاندار همت جو مجسمو، مردانگيءَ منجهائنس اُڇلون ٿي ڏنيون. هزارن سندس منھن ڏٺو، اخبارن ۾ سڀ احوال آيو- ملڪ ٺري پيو.

پوليس کِلي کِلي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون. مون کي الائي ڇو افسوس ٿيو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close