در در جا ڌڪا (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا) قسط-4

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

گھر ۾ منھنجي والده کي صرف قرآن شريف پڙھايو ويو هو، ان وقت عورتن جي تعليم کي خطرناڪ سمجھو ويندو هو. عورتن جو ڪم صرف ٻارن جي پرورش ۽ گھر جو ڪم ڪار ڪرڻ ھوندو ھو، پردي جو رواج ھوندو ھو، عورتن کي گھر کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نہ ھوندي ھئي، ايستائين جو برقعو پائي بہ ٻاھر نہ وينديون هيون. ان وقت ھندو عورتون وڏا برقعا پائي ٻاھر وينديون هيون. عورتون ڪنھن ڪم سانگي ٻاھر وينديون هيون تہ انھي لاءِ بيل گاڏين جو انتظام ڪيو ويندو هو، بيل گاڏيون عجيب و غريب قسمن جون ھونديون ھيون، بانس سان ٺھيل انھن گاڏين ۾ چئني پاسن کان پردي جو انتظام هوندو هو، پردي ۾ سنھا سوراخ ھوندا ھئا، جيئن عورتون اندران ويھي ٻاھر جي دنيا ڏسي سگھن. ڪجھ انتھا پسندن کي عورتن جي ان آزادي تي بہ اعتراض ھو. جڏھن منھنجي والده کي منھنجي ناني جي گھر يا ٻي پاسي وڃڻو ھوندو ھو تہ اسان اڏي تان گاڏي وٺي ايندا ھئاسين. سوار ٿيڻ مھل ٻنھي پاسن کان چادر جھلي پردو ڪيو ويندو هو ۽ وڏي آواز ۾ چيو ويندو هو تہ عورتون سوار ٿي رھيون آھن، گھٽي مان ڪير اچي رھيو ھوندو ھو تہ اھو ھڪڙي پاسي بيھي رھندو ھو. جڏھن عورتون گاڏي ۾ سوار ٿي وينديون هيون تہ پردو ھٽايو ويندو هو ۽ ٻارن کي عورتن جي اڳيان ويھاريو ويندو هو.

منھنجي والد جي تعليم روايتي طور تي ٿي هئي، ھن طب جي تعليم بہ حاصل ڪئي ھئي. والد کي ڪنھن حڪيم حڪمت جي سند ڏني ھئي، ان جي اردو لکت بہ سٺي ھئي، جڏھن مون ھوش سنڀاليو تہ ھو توشہ خانہ رياست ۾ ملازم هو. آئون ٿورو وڏو ٿيس تہ ساڻس نواب جي محل ۾ ويندو ھئس، محل نذر باغ جي نالي سان مشھور ھو، نواب جي رھائش ۽ رياست جون آفيسون بہ ھتي ھيون. آفيسن ۾ لکڻ لاءِ ميزون پيل ھيون، ميزن تي قلم، مس ۽ ڪاغذ پيل ھوندا ھئا. اتي ملازم ريٽارئرڊ ماڻھن کي پينشن ڏيندا هئا، پينشن وٺڻ وارا لوھي شيخن جي دروازي جي پٺيان ايندا هئا، ڪاغذ تي صحيح ڪري يا آڱوٺو ھڻي پينشن جا ٻہ يا ٽي رپيا وٺندا هئا. جڏھن ملازمن کي ڪنھن شيءِ جي ضرورت پوندي هئي تہ وڏي آواز ۾ ھرڪاري ھرڪاري چوندو هو، ان جي سڏ تي ٻيو ملازم ڀڄندو ايندو هو. ھو پاڻي پياريندو هو ، قلم ۾ مس وجھندو هو يا ڪاغذ ھيڏي ھوڏي کڻي ويندو هو. ان وقت ھرڪاري جي معني سمجھ ۾ نہ ايندي هئي، ھاڻي خبر پئي آھي تہ ھر ڪم غريب لاءِ ھوندو آھي.

ان وقت لکت جي خوبصورتي تي گھڻو زور ڏنو ويندو آهي، ان لاءِ پٽي لکڻ ضروري ھو. جڏھن آئون پٽي ڌوئڻ آفيس ۾ ويندو ھئس تہ اڪثر نواب صاحب کي پنھنجي محل ۾ ڏسندو ھئس، ھو تيز ھلندو ھو ۽ ھڪ ملازم ان جي مٿان ڇٽي جھليندو ھو. نواب ھيڏي ھوڏي نہ ڏسندو هو. انڪري ان سان ڪڏھن بہ دعا سلام نہ ٿي. آئون جڏھن بہ ان کي ايندي ڏسندو ھئس تہ پٽي ھڪڙي پاسي رکي ان جي رفتار کي ڏسندو ھئس ھو بلڊنگ جي وچان ھڪ ڪمري ۾ وڃي ويھندو ھو ۽ مطالعو ڪندو هو. نذر باغ جي رونق سال ۾ هڪ دفعو عيد ميلادالنبي جي موقعي تي ٿيندي ھئي. ان موقعي تي ٻارھن ڏينھن تائين ميلاد ھلندو ھو ۽ رات جو سڄي بلڊنگ کي روشن ڪيو ويندو هو. پوري شھر کي ھتي اچڻ جي اجازت ھوندي ھئي. ٻارھن ڏينھن تائين ھر اچڻ واري کي ٻہ ٻہ لڏون ڏنا ويندا هئا پر ان شرط تي ھو صدر دروازي کان اچي. جيڪي ننڍي دروازي کان ايندا هئا انھن کي لڏون نہ ملندا هئا. ان ڪري صدر دروازي کان گھڻي رش ھوندي ھئي. ھڪ دفعي آئون بہ انھي رش ۾ شامل ٿي اندر داخل ٿيس تہ ڪنھن مونکي ٻہ لڏون ڏيئي ڇڏيا. جڏھن مون ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو تہ منھنجو والد ھو. بعد ۾ ھن مونکي اھو وڏو ڪمرو ڏيکاريو جتي لڏون تيار ٿيندا هئا، ڪمري ۾ فرش کان ڇت تائين لڏون پيل ھئا. منھنجو والد لڏون ورھائڻ وارن ۾ ھوندو ھو ،انڪري اسانکي وڌيڪ ملندا هئا، انھن ٻارھن ڏينھن ۾ اسان لڏون ڍؤ تي کائيندا ھئاسين. لڏون جڏھن خشڪ ٿي ويندا هئا تہ امان ان ۾ تيل وجھي حلوو ٺاھيندي ھئي جيڪو ڏاڍو ذائقي وارو ھوندو ھو.

رياست جي لئبريري بہ تمام وڏي ھوندي ھئي، چون ٿا تہ نواب محمد علي خان کي ڪتابن جو وڏو شوق هو، ھن قيمتي مسودا ۽ ڪتاب گڏ ڪيا ھئا. بعد ۾ اختلافن جي ڪري انگريزن کيس جلاوطن ڪري ڇڏيو، جلاوطني واري زندگي ھن بنارس ۾ گذاري. ھن جي وفات کان پوءِ ڪتاب رياست جي لئبريري کي مليا. مون ھڪ دفعي غالب جي ھٿ اکرن جي رباعي ڏٺي هئي، جيڪا غالب نواب وزير الدولہ جي شان ۾ لکي ھئي. انھي رباعي جي پسمنظر ۾ منھنجي ھڪ استاد منظور ميان آجڪل رسالي ۾ ھڪ مضمون بہ لکيو ھو. منھنجي والد کي ڪتاب پڙھڻ جو شوق ھوندو ھو، ھو لئبريري مان طلسم ھوشربا، داستان امير حمزه ۽ داستان شجاعت ڪتاب کڻي ايندو هو. مون ڪتاب پڙھڻ جي شروعات ھنن ڪتابن کان ڪئي. ان وقت جادوگري وارا ڪتاب پڙھڻ سان گم ٿي وڃبو هو. آئون مدرسي مان اچي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اھي ڪتاب پڙھندو ھئس ۽ جادوگري واري دنيا ۾ گم ٿي ويندو ھئس. ان ڪتابن منھنجي تخيل ۾ پختگي آندي. جنن، پرين ۽ جادو جا اھي قصا ان وقت حقيقي لڳندا هئا ۽ اھا خواھش ٿيندي ھئي اسان بہ انھن جو حصو ٿي وڃون. ٽونڪ جي اھا لئبريري ضايع نہ ٿي، ھندستان جي حڪومت عربي ۽ فارسي مسودن تي مشتمل ھڪ انسٽيٽيوٽ ٺاھيو آھي. اسان جا بزرگ ٻڌائيندا هئا تہ ٽونڪ ۾ شريعت جو نظام ھو ۽ فيصلا اسلامي قانون تحت ٿيندا هئا. شايد شريعت صرف آفيسن تائين محدود ھجي ۽ مفتي ۽ قاضي جي عھدن جو ان سان تعلق ھجي. عملي طور تي ان جو نفاذ مشڪل ھو، پر ظاھري طور مذھبي ماحول ضرور ھو. رمضان جي مهيني ۾ بازارون بند ٿينديون هيون، کائڻ پيئڻ جي ڪا بہ شيء نہ ملندي هئي. ماڻھو گھرن ۾ رڌ پچاءُ نہ ڪندا هئا. ان وقت مصيبت اھا ھوندي ھئي تہ جڏھن چلھ ۾ باھ ٻاربي ھئي تہ ڪاٺين ۽ ڇيڻن جي ڪري دونھون ٿيندو هو ۽ ان مان خبر پوندي هئي تہ رڌ پچاءَ ٿي رھيو آھي. ان ڪري بي روزائتا بہ سحري ۽ افطاري تي ماني کائيندا هئا. سحري ۽ افطاري جو اعلان دھل وڄائي ڪيو ويندو هو. ان وقت برف مھانگي ھوندي ھئي. منھنجو والد جڏھن آفيس مان ايندو هو تہ برف کڻي ايندو هو جنھن کي ڌوئي ٿرماس ۾ رکندو هو. برف جو استعمال وڏي احتياط سان ڪبو ھو. مسجد ۾ افطاري موڪلبي ھئي، جتي پاڙي جا ماڻھو گڏجي روزو کوليندا ھئا. پاڻي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ مٽڪن ۽ صراحين جو بہ استعمال ڪيو ويندو هو. پاڻي گلاس بدران ڪٽوري ۾ پيئبو ھو. منھنجي لاءِ عيد جو ڏينهن خاص ھوندو ھو ڇو تہ ان ڏينهن تي اسان کي نوان جوتا پارايا ويندا هئا، جوتا خريد ڪرڻ لاءِ جڏھن دڪان تي وڃبو هو تہ نون جوتن جي خوشبو ڏاڍي وڻندڙ ھوندي ھئي. پير ۾ جڏھن نئون جوتو پائبو ھو تہ ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. بابا گھڻو ڪري ھلڪو جوتو پائيندو هو جيڪو مھينو مس ھلندو ھو، جوتن جو دڪان اسان جي گھر جي پاسي ۾ ھوندو ھو. عيد جي ڏينهن رياست ڏانھن ھڪ زبردست جلوس نڪرندو ھو. ان ۾ فوج جون پلٽون ھونديون ھيون، جيڪي ھٿيار تاڻي عيد گاھ ڏانھن مارچ ڪندا هئا. جلوس ۾ پالڪيون، گاڏيون ۽ ھاٿي ۽ گھوڙا بہ شامل ھوندا ھئا. ننڍپڻ ۾ جلوس ڏسڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. اسان درزي جي دڪان جي ڇت تي چڙهي جلوس کي گذرندي ڏسندا ھئاسين. ھاڻي اندازو ٿيو آھي تہ بادشاھن ۽ حڪمرانن کي اھڙي قسم جي جلوس جي ضرورت ھوندي ھئي، ڇاڪاڻ تہ جلوس ذريعي ھو پنھنجي طاقت، دولت، شان و شوڪت ڏيکاري غريبن تي پنھنجو رعب تاب ويهاريندا هئا. جلوسن جو اھو سلسلو 1947ع تائين ھليو، پوءِ نہ نواب رھيا ۽ نہ ئي اھو رعب ۽ تاب رھيو، ھاڻي اھو ھڪ تاريخ جو باب آھي.

ٽونڪ ۾ ان وقت تمام گھٽ ماڻھو انگريزي لباس پائيندا هئا، انگريزي وارن جو اسٽائل رکڻ جو رواج نہ ھجڻ جي برابر هو. عام لباس ۾ عليڳڙھ ڪٽ پاجامو، قميض ۽ شيرواني ھوندو ھو، والد آفيس ۾ گرمين ۾ ٿڌي ۽ سردي ۾ گرم شيرواني پائي ويندو هو. اڪثر ٿڌي ڪپڙي جو ڪوٽ بہ استعمال ڪيو ويندو هو. اسان وٽ رامپوري ٽوپي جو رواج ھوندو ھو، ڪجھ ماڻھو ترڪي ٽوپي بہ پائيندا هئا، ڪير بہ مٿو اگھاڙو نہ ڪندو هو. گھر ۾ جيڪڏهن ڪو بہ بزرگ ايندو هو تہ ٽوپي پائي سلام ڪبو ھو. خاص موقعن تي درٻار ۾ وڃڻ مھل پٽڪو پائبو ھو. منھنجي والد کي شڪار جو وڏو شوق ھوندو ھو، جڏھن ھو شڪار تي ويندو هو تہ خاڪي رنگ جو ڪوٽ پائيندو هو.

ٽونڪ رياست جي سرڪاري ٻولي اردو ھئي، شھر ۾ ادبي سرگرميون بہ ٿينديون هيون، شاعرن جو تعداد بہ گھڻو ھو، ھر پڙھيو لکيو ماڻھو شاعري ڪرڻ کي باعثِ عزت سمجھندو ھو، جيڪي شاعري نہ ڪري سگھندا ھئا اھي ڪنھن جا شاگرد ٿي ان کان شاعري لکرائي مشاعرن ۾ پنھنجن نالن سان پڙھندا ھئا. مشاعرن جو تمام گهڻو رواج ھو، آئون ڇاڪاڻ ننڍو ھوندو ھئس، ان ڪري ڪنھن مشاعري ۾ شامل نہ ٿي سگھيس. ھر سال ھڪ وڏو مشاعرو ٿيندو هو جنھن ۾ ھندستان جا وڏا شاعر شريڪ ٿيندا هئا. ٽونڪ ۾ وڏا شاعر بہ پيدا ٿيا. والد ٻڌائيندو هو تہ ھڪ شاعر جنھن جو تخلص ور ھو، جيڪو پاڻ شاعري نہ ڪندو هو پر ٻين کان لکرائيندو ھو، استاد ور جي نالي سان مشھور ھو. ھڪ دفعي ڪنھن مشاعري ۾ شعر پڙھيائين، ڪنھن مذاق مان پڇيس استاد شعر جي معني بہ ٻڌاء، تنھن تي استاد ور جواب ڏنو: پھرين شعر ٻڌ، اڃا معني نہ لکي آھي، لکي پوءِ ٻڌائيندس.

ھلندڙ


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close