در در جا ڌڪا (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا) قسط-10

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

3- حيدرآباد سنڌ (4)

مخدوم امير احمد صاحب وٽ ڪا بہ ڊگري يا سرٽيفڪيٽ نہ ھو، انڪري ھو پاڻ کي فاضل الحرمين سڏيندو هو، ھلندڙ ڦرندڙ مشين ھو، پئسو ھن جي ڪمزوري ھو، ان ڪري فيس ۾ ڪا بہ رعايت نہ ڪندو هو، حڪومت کان جيڪا بہ گرانٽ ملندي ھئي، سڀ ھڙپ ڪندو هو، استادن کان پوري پگھار تي صحيح وٺي اڌ ڏيندو هو. شيرواني ۽ ترڪي ٽوپي پائيندو هو، تلڪ چاڙهي کان ڪاليج تائين بگي ۾ ايندو هو.ڪاليج ۾ شاگردن جو تعداد تمام گهٽ ھو، ڪلاس ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ پردو ھوندو ھو. جيڪي شاگرد ڏينھن ۾ ڪا نوڪري ڪندا ھئا انھن جا ڪلاس شام جو ھلندا ھئا. مون کي اديب جي پڙھائي ڏاڍو مزو ڏنو، ان دوران مون اردو ادب جو خوب مطالعو ڪيو، ان وقت ساليانہ امتحان ٿيندا هئا، سپليمينٽري ۽ ڊيپارٽمينٽل جو ڪو رواج نہ ھو، جيڪڏھن ڪو ھڪ پيپر ۾ فيل ٿيندو هو ان کي دوباره ساليانو امتحان ڏيئڻو پوندو هو، پرائيويٽ امتحان صرف اسڪول جا ماستر ڏيندا هئا. اسان سان گڏ ھڪ ھمراھ ھوندو ھو، جيڪو پاڻ کي آزاد سڏائيندو هو، ڪيتري ئي عرصي کان اديب جو امتحان ڏيئي رھيو ھو، ھر ڀيري ڪنھن نہ ڪنھن پيپر ۾ فيل ٿيندو هو، ڏٺو وڃي تہ ھڪ ھڪ ڪري سڀئي مضمون پاس ڪيا ھئائين پر ھڪ دفعي سڀ مضمون گڏ پاس نہ ڪري سگھيو. اورينٽل ڪاليج ۾ جيتوڻيڪ شاگرد گھٽ ھوندا ھئا پر اتي غير نصابي سرگرميون گھڻيون ٿينديون هيون. پرنسپال صاحب جي ڪوشش ھوندي ھئي تہ پئسو خرچ نہ ٿيئي. ھي اھو زمانو هو جڏھن سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ ھر سال ڪل پاڪستان مباحثا ٿيندا هئا. 1956ع ۾ مباحثو ٿيو اورينٽل ڪاليج طرفان مون نمائندگي ڪئي، ان سال مباحثي جو موضوع ھو "بنگالي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.” جڏھن آئون پنھنجن دوستن سان ڪاليج پھتس تہ ماڻھن جو وڏو ھجوم ڏسي نروس ٿي ويس. سٽي ڪاليج وارن بہ اسان کي اھميت نہ ڏني ۽ سڀ کان آخر ۾ اسان کي وارو ڏنو ويو. مباحثو پنج وڳي شروع ٿيو ۽ رات ٻارھين وڳي تائين ھليو، مون موضوع جي حمايت ۾ ڳالھايو، ٻڌڻ وارا ٿڪي چڪا هئا، انڪري منھنجي تقرير کي ڪنھن بہ غور سان نہ ٻڌو، پر ماڻھن جي وڏي مجموعي ۾ تقرير ڪرڻ ڪري مون ۾ خود اعتمادي پيدا ٿي.

مون 1956ع ۾ اديب جو امتحان پاس ڪيو ۽ 1957ع ۾ انگريزي جو پرچو ڏيئي مئٽرڪ ڪئي. ان وقت تائين اسان جي گھر جي مالي حالت تمام گھڻي خراب ٿي چڪي هئي، پاڪستان اچڻ کانپوءِ والد کي ڪنھن ڪاروبار جو مشورو ڏنو ھو، مشوري تي عمل ڪندي والد ڪاروبار شروع ڪيو، پر تجربو نہ ھئڻ ڪري نقصان ٿيو. جڏھن ڪاروبار جو تجربو ٿيو تڏھن ڪاروبار ڪرڻ لاءِ پئسو نہ ھو. نتيجو اھو نڪتو جيڪڏھن پئسو آھي تہ بنا تجربي جي بہ ڪاروبار ڪري سگھجي ٿو پر بنا پئسي جي ڪيترو بہ تجربو ھجي، ڪاروبار نٿو ڪري سگهجي. اھو وقت بہ آيو جڏھن والده جا زيور ھڪ ھڪ ٿي وڪامجي ويا، وڏين ڪوششن سان ھڪ ھنڌ نوڪري مليم، پگھار تمام گھٽ ھو، مشڪل سان گذارو ٿيندو هو. ان زماني ۾ مخدوم امير احمد صاحب کي خيال آيو تہ ڪاليج جي عمارت صبح جي وقت خالي ھوندي آھي ڇو نہ پرائمري اسڪول کوليو وڃي. ۽ پوءِ صبح جو ڪاليج ۾ اسلاميہ مارڊرن پرائمري اسڪول جي نالي سان اسڪول شروع ڪيو ويو. ھن اسڪول ۾ سڀ کان پهرين مونکي نوڪري ملي، اسان ھير آباد ۾ گھرن جي ڀتين تي اسڪول ۾ داخلا لاءِ اشتھار لڳايا. جڏھن داخلا جو وقت آيو تہ ڪيترن ئي شاگردن داخلا ورتي، شروع ۾ آئون اڪيلو ئي استاد ھئس پر جڏھن ڪلاس وڌيا تہ ٻيا استاد بہ مقرر ڪيا ويا ۽ ھڪ ھيڊ ماستر بہ مقرر ڪيو ويو. ھي اھو زمانو هو جڏهن اسڪولن ۾ آمريڪا کان خشڪ کير ۽ گيھ جا دٻا ايندا هئا. کير روزانو پاڻي جي وڏي ٽانڪي ۾ ملائي ٻارن کي پياريو ويندو هو. باقي جيڪو بچندو هو ھڪ ھڪ دٻو استادن کي، باقي ھيڊ ماستر ۽ مخدوم صاحب کڻي ويندا هئا. ھيڊ ماستر صاحب کير مٺائي وارن کي وڪڻي ڏيندو هو، شايد مخدوم صاحب بہ ايئن ڪندو ھجي. مونکي ياد آهي جڏھن مھينو پورو ٿيو، مخدوم صاحب منھنجي تري تي 40 رپيا رکيا، پئسا تہ تمام گھٽ ھئا، پر بحث ڪرڻ فضول ھو، آئون انھي پگھار تي ڪم ڪندو رھيس. ھڪ دفعي مون جڏھن شڪايت ڪئي تہ کير جي دٻن جو صحيح استعمال نہ پيو ڪيو وڃي، تڏھن مخدوم صاحب مونکي پنھنجي آفيس ۾ گھرائي تمام نرمي ۽ محبت مان چيو جيڪڏھن تون اسڪول ڇڏي ويندين تہ منھنجي صحت تي ڪو بہ فرق نہ پوندو. مون اسڪول تہ ڇڏي ڏنو پر مخدوم صاحب منھنجو پگھار بہ ھڙپ ڪري ويو، نوڪري مان برطرفي جو اھو منھنجو پھريون تجربو ھو. ھاڻي مونکي ڪنھن ٻي نوڪري جي ڳولا ھئي، ھاءِ اسڪول جي استاد وصي مظهر ندوي (جيڪو جماعت اسلامي جو ميمبر ھو، بعد ۾ حيدرآباد ڪارپوريشن جو ميئر بہ ٿيو) مونکي چيو جماعت ھڪ پارٽي ٺاھي آھي، جنھن جو نالو مجلس تحفظ اخلاق آھي، ان جي لاءِ آفيس سيڪريٽري جي ضرورت آھي، جيڪڏھن تون ڪم ڪرين تہ اوتري ئي پگھار ڏينداسين، جيتري توکي اسڪول مان ملندي هئي. آئون نوڪري لاءِ راضي ٿي ويس. آفيس گاڏي کاتي ۾ جماعت اسلامي جي آفيس ۾ ھوندي ھئي. ھڪ ميز ۽ ڪجھ فائل ان تنظيم جا ڪل اثاثا ھئا. تنظيم جي گڏجاڻي مھيني ۾ ھڪ يا ٻہ دفعا ٿيندي هئي. ٻن يا ٽن مھينن ۾ اخلاقيات کي سڌارڻ لاءِ اسان حيدرآباد جي چند سئنيمائن کي قانون نوٽيس موڪليا، نوٽس ۾ اھو ھو تہ توھان پوسٽرن تي عورتن جو تصويرون ڇاپي ماڻھن جو اخلاق بگاڙيو آهي. ڪنھن بہ ان نوٽيس جو جواب نہ ڏنو ۽ نہ ئي وري تنظيم ڪورٽ ۾ وئي. پر ان عرصي دوران منھنجا تنظيم سان اختلاف ٿي پيا، ڇو تہ ٻہ ٽي مھينا گذرڻ باوجود مونکان ڪنھن پگھار بابت نہ پڇيو. آخرڪار ھڪ ڏينھن مون پگھار جي گھر ڪئي تہ چيو ويو تہ تنظيم جي مالي حالت خراب آھي، ان ڪري پگھار نٿو ڏيئي سگهجي. توھان رضاڪارانہ طور پنھنجو پگھار تنظيم کي ڏيو. مون چيو اھو ممڪن ناھي، مون نوڪري ضرورت خاطر ڪئي آھي، مون جيترو وقت نوڪري ڪئي آھي، اوترو معاوضو تہ وٺندس. جڏھن مون گھڻو زور ڀريو تہ پگھار ڏيئي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو. برطرفي جو اھو ٻيو تجربو ھو.

مئٽرڪ کانپوءِ مون سٽي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، پڙھائي شام جو ٿيندي هئي، ھتي اڪثريت انھن شاگردن جي ھوندي ھئي جيڪي ڏينھن جو نوڪري ڪندا ھئا. ھن ڪاليج تعليم کي فروغ ڏنو ۽ نوجوانن لاءِ اعلي تعليم جا موقعا پيدا ڪيا. ڏھ رپيا ڏيڻ سان ڪاليج ۾ داخلا ملي ويندي هئي، تمام گھٽ شاگرد ھئا جيڪي پندرهن رپيا ماھوار فيس ڏيندا هئا، نہ تہ گھڻو ڪري سال جي فيس امتحان جا فارم ڀرڻ مھل ادا ڪئي ويندي هئي. ڪڏھن بہ ڪنھن شاگرد جو فارم فيس جي ادائيگي نہ ٿيڻ ڪري روڪيو نہ ويو. استادن کي اھو ئي پگھار ملندو هو جيڪو گورنمينٽ جي طرفان مقرر ڪيل ھو، سالياني انڪريمينٽ بہ لڳندي هئي، اھو ئي سبب هو جو ڪاليج ۾ قابل استاد ھوندا ھئا، ڪاليج جي عمارت خوبصورت ھئي، ورھاڱي کان پھرين ڇوڪرين جو اسڪول ھوندو ھو. سٽي ڪاليج شروعات ۾ ئي پنھنجون روايتون جوڙيون ھيون، انھن ۾ ساليانا مباحٽا ٿيندا هئا، جڏھن ڪاليج طرفان پھريون ڀيرو انگريزي ڊپيٽ جو دعوت نامو موڪليو ويو تہ ڪنھن بہ جواب نہ ڏنو، جڏھن اھو چيو ويو تہ ڪاليج طرفان اچڻ وڃڻ جو خرچ بہ ڏنو ويندو، تڏھن ڪيترن ئي ٽيمن حصو ورتو ۽ مباحثو ٻہ ڏينھن ھليو. انھن مباحثن ۾ انعامن لاءِ سخت مقابلو ٿيندو هو، انڪري چوندا ھئا جنھن سٽي ڪاليج جي مباحثي ۾ پھريون نمبر کنيو اھو اڳتي هلي وڏو مقرر ٿيندو. ھڪ دفعي مباحثي جي جج چيو ھو پھريون نمبر اچڻ واري کي اڳتي حصو نہ وٺڻ گھرجي. سڄي پاڪستان ۾ آل پاڪستان مباحثا وڏي پابندي سان ٿيندا هئا، آڪٽوبر ۾ ڪوئٽا کان شروع ٿيندا هئا، نومبر ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ۽ ڊسمبر ۽ جنوري ۾ پنجاب ۾ ٿيندا هئا. انڊيا مان بہ مقرر ايندا هئا پر انھن جو حال نہ ھو. مباحثن جا موضوع سياسي، معاشي ۽ سماجي ھوندا ھئا، سياسي موضوعن تي ڪا پابندي نہ ھئي، پر جڏھن ايوب خان جو مارشل لا وارو دور آيو تہ ڪاليج وارا پاڻھي ئي احتياط ڪرڻ لڳا. ان وقت مباحثن جي صدارت مشھور سياسي ۽ ادبي شخصيتن کان ڪرائي ويندي هئي ۽ جج بہ ڪاليج جا استاد يا ادبي ماڻھو ھوندا ھئا. مباحثن جي ڪري مونکي حيدرآباد کان ٻاهر نڪرڻ جو موقعو مليو، 1957ع ۾ پھريون ڀيرو ڪاليج جي ٽيم سان لاھور ويس ھتي ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج، گورنمينٽ ڪاليج ، اسلاميہ ڪاليج ۽ ايف سي ڪاليج مباحثي ۾ حصو ورتو. مباحثن ۾ حصو وٺڻ جي ڪري ڳالھائڻ جي تربيت ٿي ۽ في البديھ تقرير ڪرڻ جي سکيا ملي. لاھور کان اسان لائلپور ۽ بھاولپور وياسين. ننڍن شھرن ۾ مباحثا مشھور ھئا ۽ اتان ماڻھو وڏي تعداد ۾ ٻڌڻ لاءِ ايندا هئا. مباحثن ۾ تقرير ڪندي مونکي اھو احساس ٿيو تہ اسٽيج تي مقرر جي اھميت ڪيڏي اھم ھجي ٿي. جيڪڏھن مقرر کي بيان ۽ زبان تي عبور ھجي ۽ جوش ۽ جذبي سان تقرير ڪري تہ ماڻھو ان جي جادو ۾ جڪڙجي ويندا. مونکي ڪيترائي دفعا تقرير ڪندي اندروني مسرت حاصل ٿي جنھن کي بيان نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏھن ماڻھو توھان کي غور سان ٻڌن پيا ۽ انھن جي چھرن تي جذباتي ڪيفيت طاري ٿيئي پئي تہ ان سان مقرر کي بي انتھا خوشي ملي ٿي. پر ھڪ خاص ڳالھ جيڪا اڪثر مقررن ۾ ھوندي ھئي اھا اھا تہ ھو تقرير ۾ لفاظي کان ڪم وٺندا هئا، سٺي ٻولي استعمال ڪندا هئا، دليل، فلسفو ۽ نظرياتي ڳالھين تي ڌيان نہ ڏيندا هئا. ان ڪري اھڙيون تقريرون ڪيون وينديون هيون جنھن ۾ جذبو ھوندو ھو، معني نہ ھوندي ھئي، ان سبب جي ڪري ڪجھ مقررن چنگيز ۽ ھلاڪو خان جا ظلم ۽ ھيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ائٽم بم جا موضوع پنھنجن تقريرن جا موضوع بڻائي ڇڏيا، چاھي ڪھڙو بہ موضوع ھجي اتي پنھنجا دليل ٽنبي ڇڏيندا هئا. ھڪ دفعي ھڪ مقرر جنھن کي فرينچ ڪٽ ڏاڙهي هئي وڏي جذباتي انداز ۾ چوڻ لڳو "جڏھن ھيروشيما ۽ ناگاساڪي تي بم ڪيرايو ويو تڏھن ويٺلن مان ڪنھن جواب ڏنو ۽ توھان جي ڏاڙھي تباھ ٿي وئي”. تقريرن ۾ شاعري پڙھڻ جو بہ رواج ھوندو ھو، ڪجھ شعر ايترا ايتري قدر گھڻا پڙھيا ويا جو ماڻھو ٻڌي ٻڌي بور ٿي پيا. ان جو اھو نتيجو نڪتو جو مباحثن مان دلچسپي ختم ٿي وئي، ساڳيا موضوع، ساڳيون تقريرون بار بار ٿيئڻ لڳيون. جڏھن ايوب خان جي آمريت آئي، موضوعن ۾ بوريت اڃا وڌڻ لڳي. اھو ئي سبب آهي ماڻھن جي مباحثن مان دلچسپي ختم ٿيندي وئي ۽ ھڪ وقت ۾ تہ ھي روايت ئي ختم ٿي وئي. مون ڪجھ مباحثن ۾ شرڪت ڪري ڏٺو آھي مقرر اڳ کان وڌيڪ جذباتيت جو شڪار ٿي ويا آهن،اھو سياسي مقررن جو اثر آھي جو سامعين جي سامھون رڙيون ڪندا آھن، اھوئي انداز ھاڻي مباحثن ۾ مقررن اختيار ڪيو آهي.

ادارا ڇو ٺھندا ۽ ٽٽندا آھن؟ پسمنظر ۾ تبديلي جو مسلسل عمل ھوندو آھي. جيڪي ادارا تبديل جي عمل سان گڏ پاڻ کي تبديل نہ ڪندا آھن، اھي فرسوده ٿي ختم ٿي ويندا آهن. مباحثن سان بہ ايئن ئي ٿيو. جڏھن نون موضوعن تي تقريرون ٿيئڻ لڳيون ماڻھو دلچسپي وٺڻ لڳا، موضوع دھرائجڻ لڳا ۽ انھن موضوعن کي بحث ھيٺ آندو ويو جن جو معاشري جي مسئلن سان ڪوبہ تعلق نہ ھو، ان ڪري جڏھن جمھوري روايتون ختم ٿيون ۽ آمريت کي ھٿي ملي تہ ان سان سوچڻ تي پابندي لڳي وئي. ان پابندين ايندڙ نسل کي غور فڪر ۽ تخليقي صلاحيتن کان محروم ڪري ڇڏيو. ايوب خان جي آمريت جا جيڪا اثر ٿيا، اھي مون بحيثيت شاگرد ۽ استاد جي محسوس ڪيا.

ھلندڙ


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close