ماڙين ماريس ڪين ڪي، مارن مُنجهہ مُياس..
شاھ لطيف
سنڌ تي جيئن جيئن ٻاهريون مصبيبتون وڌنديون ٿيون وڃن تيئن انهن کي منهن ڏيڻ واري اندرين صورتحال ۾ مونجهارا وڌندا ٿا وڃن ۽ وري اهي مونجهارا وڌيڪ مصيبتن جو ڪارڻ بڻجن ٿا. سنڌ تي ٿيندڙ ٻاهريان حملا نه رڳو گهڻ طرفا پر گهڻ شڪليا به آهن ۽ اهي اندريان مونجهارا وڌيڪ عملن لاءِ ميدان هموار ٿا ڪن.
مسئلا ۽ مشڪلون ته سنڌ لاءِ مصيبتون پيدا ڪندڙ رياستي جوڙجڪ لاءِ وڌي رهيا آهن پر جيئن ته ان رياست جوڙجڪ ۾ سنڌ (انهن مونجهارن ڪري) سڀني کان ڪمزور آهي تنهن ڪري انهن رياستي مسئلن جو به سڀ کان وڌيڪ منفي اثر سنڌ تي پوي ٿو.
پاڪستان جي رياست گهڻي وقت کان اندرين ۽ ٻاهرين خطرن ۽ سياسي، اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي مسئلن ۾ گهربل آهي. اليڪشن کي انهن مسئلن جي حل ڏانهن اهم اڳڀرائي سمجهيو ۽ چيو پئي ويو. پر 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اليڪشن جا نتيجا پان وڌيڪ ۽ مسئلا پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن. اليڪشن رڳو طبعي يا جسماني عمل ڪونهي جو ماڻهو پنڌ ڪري ووٽ وارو ڪاغذ دٻي ۾ وجهي اچي. اها ذهني مشق (Exercise) به آهي جيڪا ووٽ ڏيندڙ ۽ ووٽ وٺندڙ(ٻين لفظن ۾ عوام ۽ حڪومت) جي وچ ۾ صحمتند ڳانڍاپو پيدا ڪندي آهي. اهو ڳانڍاپو تڏهن پيداٿي سگهندو جڏهن عوام کي اعتماد هجي ته انهن جو ووٽ فيصلائتو عنصر آهي.
حقيقت اها آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪجهه جيڪي درست ڪم يا مثبت عمل ٿيا هوندا انهن مان هڪڙو 1970ع واري اليڪشن هئي. ملڪ جي اها پهرين جنرل اليڪشن هئڻ سان گڏ واحد ۽ آخري اليڪشن هئي جيڪا عالمي معياري، حصو وٺندڙ پارٽين جي اطمينان ۽ عوام جي اعتماد تي پوري لهندڙ هئي. ان تي ڌانڌليءَ جو ڪو به الزام ڪو نه هئو ۽ انجي نتيجن کي سڀ ڪنهن تسليم ڪيو سواءِ ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ (جمهوري ۽ عوامي مئنڊيٽ جا گيت ڳائيندڙ) پ پ جي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي جي. دراصل عوامي ليگ جي واضح اڪثريت انهن ٻنهي جي خوابن ۽ منصوبن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. اسٽيبلشمينٽ جو ورهايل (Split) مئنڊيٽ جو منصوبو ۽ جناب ڀٽي جو اقتدار ماڻڻ جو خواب جنهن چئي ڇڏيو ته ”مان سياست مخالف ڌر جي بئنچن تي ويهڻ لاءِ نٿو ڪريان“ باقي جيڪي ڪجهه ٿيو سو ويجهي ماضيءَ جي تاريخ آهي جيڪا هر سياسي ڪارڪن ۽ باشعور شهريءَ پڙهي هوندي، نه ته پڙهڻ گهرجي.
مختصر اهو ته حڪمرانن جي نقطه نگاھ کان نتيجا ”مثبت“ نه آيا ۽ ان ڏينهن کان انهن طئي ڪري ڇڏيو ته وري ڪڏهن آزاد ۽ غير جانبدار اليڪشن نه ٿيڻ ڏبي. 1977 واري چونڊ کان وٺي 2024ع تائين ٿيندڙ سمورا ”تجربا“ ان فيصلي تي عملدرآمد جي ڪهاڻي آهن. اها ڪهاڻي جيئن جيئن اڳتي وڌندي وئي ۽ ان ۾ نوان نوان باب شامل ٿيندا ويا ته عوام جو اعتماد لوڏن ۾ ايندو ويو. هٿرادو نتيجن آڻڻ ۽ ”مٿان“ کان وري وري جي ڀڃ ڊاهه عدم اعتماد سان گڏ عدم استحڪام به پيدا ڪيو. سياسي ۽ اقتصادي طور ۽ امن امان جي لحاظ کان غير يقيني، انتشار ۽ دهشت گردي واري صورتحال وڌندڙ هئي، خاص ڪري گذريل 2 سال افراتفري سان ڀرپور هئا. ان پسمنظر ۾ چيو پئي ويو ته صرف اليڪشن ئي ان صورتحال مان ڪڍي سگهي ٿي. پر 8 فيبروريءَ تي ٿيندڙ اليڪشن جي ”نتيجن“ جي نتيجي ۾ معاملا ابتا ٿي ويا آهن. ڪيترن تجزيي ڪارن جي راءِ مطابق اها پاڪستان جي تاريخ جي بدترين اليڪشن هئي. ان کانپوءِ جيڪا عدم اعتماد، عدم استحڪام، غير يقيني، ٽڪراءَ، تفريق ۽ نفرت واري صورتحال پيدا ٿي آهي ۽ جيڪو بحران اڀري رهيو آهي، اهڙي صورتحال شايد 1971 کانپوءِ ڪڏهن نه ٿي هئي.
اتي جي ايم سيد جو اهو جملو هڪ دفعو وري ياد ٿو اچي جيڪو هن اٽڪل اڌ صدي اڳ ۾ چيو هئو ته ”هن ملڪ جو ٻيڙو هن ملڪ جا حڪمران پاڻ ٻوڙيندا، توهان (قومي تحريڪ) پاڻ ۾ ايتري اهليت ۽ صلاحيت پيدا ڪريو جو ان وقت سنڌ کي سنڀالي سگهو“ ان تجزيي جو پهريون حصو ته حقيقت جو روپ ڌاريندي صاف نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته ٻئي حصي تي گهري نظر وجهڻ، خاص ڪري 8 فيبروري واري اليڪشن جي حوالي سان، وقت جي تقاضا آهي.
صورتحال جا ڪجهه پاسا اصولي آهن ۽ ڪي عملي. اسان جو هميشه اهو موقف رهيو آهي ته اسيمبليءَ جي سياست به پنهنجو آواز اٿارڻ جو هڪڙو فورم/ذريعو آهي پر سنڌ جي غلاميءَ واري صورتحال جو حل ناهي. پاڪستان جي رياست ڪردار جي تاريخ ان جي گواھ آهي. قومي تحريڪ جو هڪڙو حصو اهڙو رهيو آهي جنهن وٽ اليڪشن ”حرام“ ۽ ان ۾ حصو وٺندڙ يا ان جي حمايت ڪندڙ ”ڪافر“ هوندا آهن. انهن مان هڪڙا پاڻ اليڪشن ۾ حصيدار ٿيا ته ٻين انهن جي حمايت ۾ ورڪ ڪئي. حصو ڀلي وٺن پر سياسي اخلاقيات جي گهرج آهي ته پراڻي موقف جي غلطي تسليم ڪن ۽ انهن کان معافي وٺن جن جي خلاف فتوائون ڏنائون.
اهي همراھ اليڪشن جي مخالفت ڪرڻ وقت جي ايم سيد جو نالو استعمال ڪندا هئا جڏهن ته حصو وٺڻ لاءِ شيخ مجيب جي اوٽ وٺي رهيا آهن. ٻنهي صورتن ۾ يا ته تاريخ ۽ سياست کان اڻڄاڻائي جو اظهار آهي يا انتهائي موقعي پرستيءَ جو مظاهرو- شيخ ميجب ۽ جي ايم سيد جي سياسي واٽ مختلف هئي ئي ڪانه. 1970ع جي اليڪشن ۾ سنڌ متحده محاذ واحد جماعت هئي جنهن سان عوامي ليگ جو اتحاد هئو، ان جي باوجود ته عوامي ليگ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي هئي ۽ سنڌ متحده محاذ ننڍين پارٽين مان هڪ. پوءِ وري اسٽيبلشمينٽ پاران عوامي ليگ جي واضح اڪثريت واري عوامي مئنڊيٽ کي تسليم نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ ئي جي ايم سيد اليڪشن واري رستي کي رد ڪيو.
ٻي اهم بنيادي ۽ هڪجهڙائيءَ واري ڳالهه اها هئي ته شيخ مجيب رحمان هڪ واضح سياسي پروگرام(ڇهن نڪتن) هيٺ اليڪشن وڙهي جيڪو رياستي نظام ۾ بنيادي تبديليءَ جو پروگرام هئو ۽ جي ايم سيد به اليڪشني سياست کان پاسيرو ان ئي بنياد تي ٿيو. سندس موقف ايم آر ڊي جي حوالي سان ڏسي سگهجي ٿو. جڏهن هن چيو ته ”اهي چهري جي تبديلي ٿا چاهين ۽ اسان نظام جي“.
پروگرام جي بنياد تي وڙهي ويندڙ پاڪستان جي پهرين ۽ آخري اليڪشن 1970ع واري هئي ان کان پوءِ ٿيندڙ سموريون عام چونڊون رڳو هڪ نعري تي ٿينديون رهيون آهن ته ”وزيراعظم ڪير“ پروگرام هجڻ، نه هجڻ جي اهميت بابت به سيد ۽ مجيب جا مثال؛ ڇهن نڪتن جي پروگرام تي اليڪشن کٽڻ کانپوءِ مجيب الرحمان کي اسٽيبلشمينٽ طرفان وزراعظم اعلان ڪرڻ کانپوءِ کيس پروگرام ۾ ٿوري نرمي ڪرڻ لاءِ چيو ويو(سندس سياسي حريف ذوالفقار علي ڀٽو به ساڍا پنج نڪتا مڃي چڪو هئو) شيخ صاحب وزارت عظميٰ تان هٿ کنيو پر ڇهن نڪتن تان نه هٽيو. ”نئين پاڪستان“ جو صدر ٿيڻ کان پوءِ جناب ڀٽي، سائين جي ايم سيد کي سنڌ جو گورنر بڻجڻ جي آڇ ڪئي. سائينءَ اها رد ڪئي ۽ چيو ته ”موجوده سياسي ڍانچي ۾ مان صدر به ٿي وڃان ته سنڌ لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهندس“
8 فيبروري 2024ع واريون چونڊون اجتماعي پروگرام بدران انفرادي نعري بازي جي لحاظ کان عروج تي هيون. جتي مرڪزي پارٽيون پاڪستان جي ڳنڀير سياسي، اقتصادي ۽ حفاظتي مسئلن جو حل سندن ليڊر جي وزيراعظم ٿيڻ کي قرار ڏئي رهيون هيون ( پيپلز پارٽي جو ليڊر ٻه وکون اڳتي وڌندي ساڳي ڳالهه پاڻ پنهنجي لاءِ چئي رهيو هئو) اتي سنڌ جو ”قومپرست“ پارٽيون قومي وجود ۽ بقا سان لاڳاپيل سنڌ جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ سندس پارٽي ليڊر جي اسيمبلي ميمبر ٿيڻ کي لازمي ڪسوٽي قرار ڏئي رهيون هيون. اليڪشني سياست جي اهميت وڌائڻ لاءِ شيخ مجيب جو حوالو ڏيڻ وارا هو نه ٿا ٻڌائين ته مجيب رحمان جي پائي جو اڳواڻ عوامي ليگ جهڙي پارٽي هوندي وزيراعظم ٿي جيڪو ڪم نه پيو ڪري سگهي اهو ڪم اهي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻجي ڪيئن ڪري سگهندا.
دلچسپ ڳالھ ته نه رڳو اليڪشن وڙهندڙ پارٽيون پر قومي تحريڪ سان لاڳاپيل ڪيترا ماڻهو، ليکڪ، شاعر، دانشور، رياست جا انڪاري ۽ سيد جا سچا سپاهي به هر صورت ۾ ۽ هر طريقي سان ڪن خاص نالن وارن فردن جي اليڪشن کٽڻ کي قومي حقن جي حاصلات ۽ سنڌ جي تحفظ لاءِ لازم ملزوم قرار ڏيندا رهيا. ڪن الله جي نوازيلن ته ان کي قومپرستيءَ جي ڪسوٽي قرار ڏئي ڇڏيو. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيڻ سان ئي سنڌ جي حقن جي جنگ وڙهي پئي سگهجي ته پوءِ 1970ع وارين آزاد ۽ غيرجانبدار چونڊن ۾ سائين جي ايم سيد ته شڪست کائي اسيمبلي سياست کان آئوٽ ٿي ويو ۽ پوءِ ڇو ۽ ڇا لاءِ رياستي حڪمران کانئس خوفزده هئا جو مرڻ گهڙي تائين کيس قيد ۾ رکيو؟ يا سنڌ مان چونڊون کٽندڙ پيپلز پارٽي ۽ ان جو پاپولر ليڊر ايئن چوڻ تي مجبور هئو ته ”جي ايم سيد کي موت به قيد ۾ ايندو“ ؟ ۽ پوءِ سندس وارث ڌيءَ والد جي ان خواهش کي عملي شڪل ڏئي ڏيکاري. اهو هئو جي ايم سيد جو پروگرام ( ۽ سندس غير متزلزل ڪمٽمينٽ) جنهن کان حڪمران ڊڄندا هئا جو کين خبر هئي ته سيد جي ان پروگرام سان سنڌ جو عوام سلهاڙجي پيو ته سندن ”ٽپڙ ٽيشن تي“ ٿي ويندا. ايئن ٿيڻ کي روڪڻ خاطر ئي اهي پيپلز پارٽيءَ کي پاليندا پيا اچن.
پيپلز پارٽي سنڌ دشمن ۽ اسٽيبلشمينٽ دوست آهي. اها به حقيقت آهي ته پ پ جي سياست ۽ ان جي اڳواڻ جي (سياسي) ڪردار بابت تحرير ۽ تقرير ذريعي، سنڌ ۾ ۽ پاڪستان ۾، جلسن ۾ ۽ سيمينارن ۾ جيترو مون ڳالهايو ۽ لکيو آهي اوترو ڪنهن نه ڪيو آهي. پر سوال اهو آهي ته 56 سالن کان اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري رهندڙ پارٽي جي ڀيٽ ۾ اها پارٽيءَ ڪيئن بهتري چئبي/ٿيندي جيڪا 117 سالن کان اسٽيبلشمينٽ جي وفادار آهي؟ ان سوال جو جواب ڏيڻ بجاءِ سوال ڪندڙن کي پ پ جو حمايتي هجڻ جو طعنو ڏنو ٿو وڃي. واھ سائين واھ! اها ساڳي پيپلز پارٽي، اڄوڪي ساڳي قيادت هيٺ، ان جي اميدوارن کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ اليڪشن تان هٿ توهان کنيو ۽ هڪ نه ٻه ڀيرا.. فتويٰ وري ٻين جي خلاف.
اڄوڪي جي ڊي اي جي اڳواڻ پارٽي طرفان ٻٽي نظام خلاف هلندڙ تحريڪ دوران به حيدرآباد ۾ ايئن ئي مريدن جي زور تي وڏو جلسو ڪيو ويو هئو. ان وقت به ايئن ئي سنڌي ماڻهن ۾ اميدون ۽ آسرا پيدا ڪيا ويا هئا. نتيجو؟ رياست ۽ ان جي ساٿاري پيپلز پارٽي خلاف عوام ۾ پيدا ٿيندڙ ڪاوڙ ۽ ان سان عوام جي خودرو اڀرندڙ تحريڪ ماٺي ٿي وئي جڏهن ته جلوس ڪندڙ اڳواڻ 12 سالن تائين خاموش گهر ويٺا هئا باوجود ان جي ته ان دوران ڌاري آبادڪاري ۽ زمين جي نيلامي جهڙا قومي وجود سان واسطو رکندڙ مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌندا رهيا. اڃا وڌيڪ دلچسپ ڳالھ ته ان عرصي دوران (13-2008) اها پارٽي (مسلم ليگ) پيپلز پارٽيءَ سان اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار هئي.
ان سڄي ”راند“ جو مقصد هئو ۽ آهي ته توهان سسٽم جي اندر اچو ۽ اندر رهو ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سسٽم جي اندران ڪجهه ماڻهن کي ڪجهه رعايتون ملي سگهن ٿيون،اڪثريت کي حق رڳو نظام جي تبديليءَ سان ملي سگهندا آهن جيڪو مقصد ٻاهرين جدوجهد ذريعي حاصل ٿيڻ ممڪن هوندو آهي. اها هن موجوده استحصالي نظام جي محافظن جي حڪمت عملي آهي ته ميدان جي ٻنهي پاسي انهن پنهنجون وفادار پارٽيون ويهاري ڇڏيون آهن ته جيئن اسان انهن جي وچ ۾ فٽبال جيان ڌڪ کائيندا رهون. اهڙن لاءِ ئي ته لطيف چيوته ”هئا اڳي ئي هڪ پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا“ افسوس جي ڳالهه ته اسان نه رڳو ان صورتحال کي قبول ڪريون ٿا ۽ ان جو حصو بڻجون ٿا پر ڪي همراھ ته انکي سنڌ جي آزاديءَ جو رستو قرار ٿا ڏين. انهن مان هڪڙا اڻڄاڻائي يا مونجهاري سبب ايئن ڪن ٿا جڏهن ته ٻيا شعوري طور انهن پوين ۾ وري ٻه حصا آهن. هڪ حصو ذاتي فائدن خاطر وڄت ٿو ڪري جڏهن ته ٻيو حصو ذهني طور. هار مڃي چڪو آهي. ڪي ”قومي دانشور“ سڏائيندڙ ته ايئن ٿا چون ته ”سنڌ کي سدائين گاديون ڪم آيون آهن“ ان مفروضي ۽ مبالغي جو آپريشن ڪنهن ٻئي وقت لاءِ رکون ٿا.
ان سموري صورتحال مان سڀ کان اهم سوال اهو ٿو اڀري ته 60، 70 ۽ 80 جي ڏهاڪن واري باشعور، باهمت ۽ ڪميٽيڊ قومي تحريڪ ان مونجهاري، ٻه چتائي، بزدلي ۽ مفاد پرستي واري جاءِ تي ڪيئن پهتي آهي؟ ان جو آسان پر مک جواب اهو آهي ته علم بجاءِ ڏنڊي کي قومي جدوجهد جو هٿيار بڻايو ويو. آخري ۾ اليڪشن وڙهڻ جي حوالي سان رڳو ايترو ته ” روزا ۽ نماز اي پڻ چڱو ڪم، او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي..“ شاھ لطيف
روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان
(اداري جو مضمون ۾ پيش ڪيل خيالن سان سهمت ھجڻ ضروري ناھي)