”منھنجو ملڪ مالماڙي“؛ مالماڙيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي تعميري، تنقيدي ۽ تاريخي نظر

جوکيو جسارت الياس سنڌي

مالماڙي، تعلقي ۽ ضلعي ٺٽي جي مشھور ريلوي اسٽيشن جنگشاھي جي اتر پاسي، يونين ڪائونسل ڪوھستان 7/4 جي جبلن جي ھنج ۾، ڍورن، تراين ۽ تلائن سان ٽمٽار، تلور ۽ ڪونج پکين جي جُونءَ رھندڙ، اَڪَ ۽ بَڙَ جي خوشبو ۾ مھڪندڙ، صدين کان قائم، سنڌ جي ڪوھستاني علائقي جو ھڪ تاريخي ڳوٺ آھي، جتي وسڪاري دوران گھمڻ جون ڳچ فطري جڳھيون، ڏڪار ۾ ھتي جي گرم ھوا جا جھونڪا ۽ طوفان ۾ تيز ھلندڙ واسرا ۽ ڪنن اندر سُوساٽ ڪندي گھمندڙ طوفاني دُز (مٽي) بہ، ھتي جي ماروئڙن جي سڪون ۽ آرام جا ذريعا آھن. صدين کان موجود ھن ڳوٺ ۾، ھزارين انسانن جنم ورتو ۽ وفات ڪري ويا پر، اڄ بہ انھن مان ڳچ جا نالا ماڻھوءَ کي خبر آھن. شايد مالماڙيءَ جي مٽيءَ منجھ، اھڙي ڪا سڳند سُتي سمايل آھي، جو جيڪو بہ ھڪ ڀيرو مالماڙي جي سُتي ٿو اوتي، اھو سموري زندگي ھتي جو نمڪ حلال پٽ سڏرائڻ تي فخر محسوس ٿو ڪري! اچو تہ مالماڙي جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي، جاگرافيائي ۽ حياتياتي تاريخ تي، ماضي، حال ۽ مستقبل جي پس منظر ۾ تعميري، تنقيدي ۽ تاريخي نظر وجھون.

مالماڙيءَ تي اھو نالو ڪيئن پيو؟
مالماڙيءَ جي نالي کي ڏسنداسين، تہ ان بابت ھڪ ئي روايت ملي ٿي، مالماڙي اصل ۾، ”مال جي مُھاڙي“ جي بدلجندڙ صورت آھي. مالماڙي نالي ھڪ کوھ آھي، جيڪو ”کارڙي“ جي قدرتي سونھن سان سرس مٺي پاڻيءَ جي چشمي جي ڀر ۾، برساتي نئين جي ڪپ تي موجود آھي، ان کوھ تان، ھن ماٿريءَ جو نالو ”مالماڙي“ پيو، جنھن ڪري ان کوھ کي مالماڙي جي نالي جي ڪري وڏي تاريخي اھميت حاصل آھي. نائون مل اھو پھريون ليکڪ آھي، جنھن 1850ع کان پوءِ، مالماڙي کي سنڌي علم و ادب ۾ متعارف ڪرايو (ڏسو يادگيريون، نائون مل). ان کان پوءِ ھتي جي برک اديبن جھڙوڪ؛ سائين عبدالعزيز جوکيو 1950ع واري ڏھاڪي جي شروعات ۾ نئين زندگيءَ ۾ مقالا لکي، مالماڙي کي روشناس ڪرايو (ڏسو 1950ع واري ڏھاڪي جي شروعات جا نئين زندگي، عبدالعزيز جوکيو). ڪجھ مھينن بعد ئي، تحقيق جي ميدان ۾، سنڌ جي چوٽيءَ جي مفڪرن جھڙوڪ؛ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻين جي نگرانيءَ ۾ نڪرندڙ ماھوار اخبار تعليم تحقيقي رسالي ۾، محمدالياس ھمغم جوکيو بہ پنھنجا مختلف تحقيقي مقالا ڇپرايا، جن مان ھڪ مقالي ۾، پاڻ لکيائين ته ”مالماڙي ڏسڻ ۾ ته ايترو اونھو ڪونھي پر ڪڏھن کٽڻو ئي ناھي، ماکي جھڙي مٺي ۽ شفاف معدنيات سان ڀرپور پاڻي ڏيندڙ مالماڙي کوھ جي مٿان لوھيڙي جا ڪاٺ رکيل آھن، چوپايو مال به اتان پاڻي پيئي ته عورتون ڪپڙا بہ اتي اچي ڌوئن، گڏوگڏ ماڻھو به پنڌ يا گڏھن تي لڏي، اھو پاڻي، پيئڻ لاءِ ڀريو وڃن“ (اخبارِ تعليم؛ مارچ ـ اپريل 1958ع). والد محترم سان 24 مئي 2021ع تي بہ حال احوال ڪيم. پاڻ ھيٺيون ڳالھيون چيائين؛. جيڪي جيئن جو تيئن پيش ڪجن ٿيون.
”مالماڙي مڪان تي اھو نالو مالماڙي کوھ تان ئي پيو. مالماڙي کوھ کي اسان ننڍپڻ کان ڏسندا پيا اچون، 1950ع کان 1998ع تائين انجي چؤطرف لوھيڙي جون ڪاٺيون رکيل ڏٺيوسين، ڏسڻ م کوھ تہ ننڍو پر منجھس پاڻي ايترو جو کٽڻو ئي نہ ھو. ان کوھ ڀرسان ڍورن ۽ وھندڙ برساتي ندين مان جڏھن کان ريتي بجري کڻي وڪڻڻ جا رواج پيا ته اھو تاريخي کوھ به سڪي ويو ۽ ھاڻي انکي شايد ڏرجي وڃڻ ڪري، ڪنھن ڍڪي ڇڏيو آھي ته ڪو مال وجھ اندر ڪِري نه پوي.“

 1. مالماڙيءَ جو روشن ماضي:
مالماڙي واسين جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حالتن جو تفصيلي مطالعو ڪبو تہ خبر پوندي ھتي، ماضيءَ ۾ علم جا درياءَ وھندا ھئا، جن مان اوسي پاسي جي ڳوٺن مان علم جا اڃايل ماڻھو اچي پنھنجي اُڃ لاھيندا ھئا. مختلف تاريخي ۽ زميني حقيقتن جي پيش نظر، تاريخ جي مختلف لکڻين جي مطالعي بعد، ھڪ مفروضو ٺھي ٿو؛ جنھن تي ايندڙ محقق، چڪاس ۽ تحقيق ڪري سگھن ٿا. ”مالماڙي جي اڏجڻ جي سال بابت ڪابہ مستند معلومات تہ نہ ٿي ملي، پر تنھن ھوندي بہ ٽوپوگرافيڪل، آرڪيالاجيڪل ۽ حياتياتي اڀياس مان ھڪ اندازو لڳائي سگھجي ٿو تہ ھتي سومرن جي دؤر کان به اڳ انسانن پنھنجي رھائش اختيار ڪئي ھوندي، جڏھن تہ سنڌي سماٽ قبيلي جوکيا جي ھڪ وڏي اوڙڪ ڪليپوٽن مان ھتي، حاجي جوکئي جي وڏڙن مان اڪثريت مالماڙي ۾ رھيا ۽ ھتان کان ٻين علائقن جھڙوڪ؛ جنگشاھي، گجو ۽ ڪجھ وري ڪڇ ڀڄ يا جوناڳڙھ پاسي لڏي وڃي آباد ٿيا.“ حاجي پوٽہ جوکيہ اڄ بہ، ھتي موجود آھن. مالماڙي ڏانھن، ماضيءَ جي دريءَ منجھان نھاربو تہ نظر ايندو تہ، ھي علائقو ڪاري ارھ سان وابستہ ھو ۽ آھي. ارھ ۾ مالماڙي واسين جا کيٽ ھوندا ھئا، جن تي ھو وس ۾ آبادي ڪندا ھئا، جڏھن تہ ڏڪار ۾ اھي ھتان لڏي وڃي، ڪنھن ذرخيز جڳھ تي پنھنجا گھر اڏي ويھندا ھئا، ڇاڪاڻ تہ انھن قبيلن ۾ لڏپلاڻ شروع کان وٺي، زندگي جو اھم حصو رھي آھي. مالماڙيءَ ۾ شروعاتي دؤر ۾، غير مسلمانن جي رھائش جا بہ وڏا آثار ملن ٿا. جن ۾، مختلف غير مسلمان ماڻھن جون قبرون به ھتي جي مُقامن ۾، نظر اچن ٿيون. جن تي وڌيڪ جديد طريقي سان تحقيقي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي.

1.1 مالماڙي گس:
مالماڙي، جھڙيءَ ريت اڄ بہ ملڪ پاڪستان جي ٻن مشھور قومي شاھراھن (موٽروي ايم ـ 9 جيڪو جوکيا موڙ وٽان ۽ نيشنل ھائي وي وري گجي، گھاري، مڪلي ۽ داٻيجي وٽان لڳي ٿو) جي وچ ۾ موجود آھي، بلڪل اھڙيءَ ريت، ماضي ۾ بہ ھي ڳوٺ، ان دور جي جنھن مشھور رستي تي موجود ھو، ان کي تاريخ ۾ باقاعدہ ”مالماڙي گس“ جي نالي سان لکيو ويو آھي. اھو ئي سبب آھي تہ ھتي، ماضيءَ ۾، مختلف حملي آور ۽ ڦورو بہ آيا ھئا. آريا جڏھن سنڌ ۾ آيا تہ اھي مالماڙيءَ رستي لنگھيا. اھڙيءَ ريت، بعد ۾ ارغون ۽ ترخان، جيڪي مڪلي ۾ دفن ٿيل آھن، اھي ھتي بہ مختلف مال وجھ ۽ ملڪيت جي ڦُرلٽ لاءِ يا تہ خود ايندا ھئا يا وري ٻئي ڪنھن ماڻھوءَ کي موڪليندا ھئا. انگريزن جڏھن، سنڌ فتح ڪئي تہ ڪراچي کان پوءِ 1843ع ۾، چاڪر خان جوکئي کان پلاند وٺڻ جي لاءِ، سيٺ نائون مل سان گڏجي، ھتي ڪاھ ڪري آيا ۽ مالماڙي جي پرامن ماحول کي جھڙي ريت، ڪيپٽن پريڊيءَ خراب ڪيو، انجو مثال ڪوھستان سنڌ جي تاريخ ۾ نہ ٿو ملي. اڳتي وري جڏھن نئين صديءَ ۾، دنيا ۾ صنعتي انقلاب جي نتيجي ۾، ترقي جي حرص وچان، مھاڀاري لڙائيون لڳيون، تہ انھن ۾ بہ ھي ”مالماڙي گس“، تاريخ جي حقيقتن آڏو ظاھر ٿيو. اڄ مالماڙي مٿان ملڪي ۽ غير ملڪي ھوائي رستو قائم آھي، جنھن جي شروعات برٽش انڊين ايويشن وارن 1918ع کان ڪئي، جڏھن پھرين مھاڀاري جنگ ۾ ھتان کان جھاز گذرڻ لڳا. ياد رھي تہ رائٽ برادرز 1903ع ۾ دنيا جي پھرين ڪامياب جھاز جو، آمريڪا ۾ تجربو ڪيو ھو، ان کان پوءِ پھرين مھاڀاري ويڙھ دوران ئي، جھازن کي گڏيل ڀارت ۾ آندو ويو تہ 1918ع ۾ ئي مالماڙي جي اُفق ۾ جھازن کي ڏٺو ويو. اڄ مالماڙي گس نه صرف زمين تي موجود پيچرن جي صورت ۾ موجود آھي، پر فضا ۾ ھوائي رستي جي شڪل ۾ به موجود آھي.

1.2 مالماڙيءَ ۾ مذھب:
مالماڙي ۾ شروع کان وٺي، مذھب غالب ٿو ڏسجي، پوءِ چاھي ٻڌمت ۽ ھندومت ھجن يا بعد ۾ اسلام. ان سلسلي ۾ ڪاري جبل جي اردگرد جمع ڪيل پٿرن جي نمونن يا ماھيئن کي ٻڌمت سان لاڳاپي طور سمجھي، وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ڪافي گنجائش موجود آھي. ٿي سگھي ٿو ان ڏس ۾ ٻيون بہ ڪي تاريخي حقيقتون ھجن پر مون پنھنجي واڙيل ڄاڻ مطابق اھو ئي سمجھيو جيڪو لکيم. ھندوئن جا مالماڙي ۾ ڪاروبار جي ڪري، اچ وڃ جا مفروضا نہ پر حقيقتون آھن. اوائلي دور ۾ ۽ پڻ ورھاڱي کان اڳ تہ ھن ڪوھستان ۾، ڳچ تعداد ۾، ڪوھستاني ھندو رھندا ھئا، جن مان ڪافي لڏپلاڻ ڪري ھندستان ھليا ويا، باقي جيڪي بچي ويا، اھي مالماڙيءَ جي پاڙي ۾؛ جنگشاھي، ٿاڻو بولاخان، سري ۽ گڏاپ پاسي رھڻ لڳا، جيڪي اڄ بہ اتي ئي رھن ٿا. مالماڙي ۾ ھن وقت سڀ مسلمان آھن. انگريزن جي ڪاھ ۽ حملي ۾ بقول ڪرنل اوٽرام جي، مالماڙيءَ ۾ ماڻھو پڪا مسلمان آھن (ڏسو ليفٽينيٽ ڪرنل اوٽرام جو ڪتاب The Conquest of Scindhe سنڌ جي فتح)، جيڪي ھلندي ڦرندي ڪجھ ورد بہ ڪن پيا. ثابت ٿيو تہ 1840ع جي ڏھاڪي ۾ بہ، ھتي دين جي تعليم جو رواج موجود ھو. 1860ع کانپوءِ پاڙي جي ٻين ڳوٺن ۾، ديني تعليم جڏھن وڌيڪ عام ٿي تہ مالماڙي جا ماڻھو بہ ديني علم لاءِ سرگرم ھئا. ڪجھ قرآن پڙھيل ماڻھن جھڙوڪ حاجي حيدر وغيرہ ھتي جي ”کروٿ نما “ مسجد ۾ نماز پڙھائي، جيڪا بعد ۾ ”جامع مسجد مالماڙي“ طور مشھور ٿي. ان کان علاوہ پروفيسر حاڪم دين جوکيو ٻڌايو ته، ان صديءَ ۾، ھتان کان ڪجھ ماڻھو حج تي بہ اسريا. جلالجي جي ماڻھن سميت، ھتي دين جي تعليم کي حاصل ڪرڻ جي شروعات ٿي، جيڪا بعد ۾ مولوي عبدالرحمان ڪونڪر واري، مولوي محمد اسماعيل ۽ مولوي ضياءُالدين وڌيڪ عام ڪئي ۽ ھتي علم جو ڄار وڇائجي ويو. ھڪ ڏاڍي دلچسپ ڳالھ تہ مولوي ضياءُ دين تمام سادي طبعيت جو مالڪ ھو، سمورن شاگردن کي قرآن پاڪ جي تعليم سڄي زندگي مفت ۾ ڏنائين. پرائمري استاد بہ ٿيو ھو، جنھن دوران سندس پاران ڏنل ٻي جديد تعليم جو بہ ذڪر ڪرڻ کپي. سندس شاگردن بقول پاڻ ڪڏھن ڪڏھن جاگرافي ۽ سماجي اڀياس بہ پڙھائيندو ھو، پر سندس دلچسپي اسلاميات پڙھائڻ ۾ وڌيڪ ھئي. مولانا حاجي محمد ھاشم جوکيو ۽ ٻين صرف ڪجھ شاگردن کانئس قرآن پاڪ ناظرہ کان اڳتي، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم به ورتي ھئي پر ڪڏھن بہ ڳوٺ ۾ اجايو خرچ ڪري، ھن ڪو پروگرام رکي، ڪنھن جي دستاربندي نہ ڪرائي. شايد ان زماني ۾ ”مذھبي“ چٽاڀيٽي نہ ھئي، يا سندس سادگي ۽ اللہ لوڪ طبعيت جو معيار چئجي. البتہ سندس شاگردن مان جن دنياوي تعليم ورتي، اھي وڏي مرتبي تي پھتا. انجي ابتڙ اڄ اسان مولوي ضياءُالدين کي صرف ”ديني تعليم“ جي استاد طور ياد ڪريون ٿا، پر سندس ديني تعليم جي شاگردن کان وڌيڪ ڪاميابي تہ سندس ”دنياوي تعليم“ جي شاگردن وٽ آھي! انھن ٻنھي صورتن ۾ مولوي صاحب جي شخصيت جو نرالو رنگ نظر اچي ٿو. پاڻ خود غرض نہ پر ھڪ درويش ۽ سادي طبعيت جو عالم، استاد ۽ ھڪ پُھتل درويش انسان به ھو. سندس طبعيت ۾ عاجزي ھئي، جنھن ڪري ھو کانئس ننڍي عمر وارن کان به سکڻ ۾ ڪوبه عيب محسوس نہ ڪندو ھو.

1.3 مالماڙيءَ ۾ تعليم جي شروعات:
ھتي تعليم جي شروعات آڳاٽي زماني کان وٺي ٿي، يعني پاڪستان ٺھڻ کان بہ گھڻو اڳ. جڏھن تہ ڪجھ ڳوٺاڻا جيڪي ھتان نڪري ٻين جڳھين تي وڃي رھيا، اھي تہ 1870ع کانپوءِ فورن پڙھي لکي، ان وقت جي نوڪرين ۾ لڳا. البتہ باقاعدہ علم جي شروعات، ھتي 1910ع کانپوءِ ٿي ڏسجي. دنيا جي تعليم ۾ ھتي جا مانھو، آتا ھئا تہ ڇا پڙھون؟ ھڪٻئي کان سکڻ، مدد ڪرڻ ۽ قربانيون ڏئي، سڀني لاءِ سولايون ڪرڻ، ھتي جي ماضيءَ جي تاريخ جو سنھري باب ھو. ديني تعليم سان گڏوگڏ دنيا جي تعليم حاصل ڪرڻ بہ ھتي ماضيءَ ۾ عام ھو. گھڻو پوئتي وڃڻ بدران، پاڪستان ٺھڻ کان ٿورو اڳ ڏسبو تہ ھتي جو پھريون ليکڪ ۽ استاد سائين عبدالعزيز جوکيو، دنيا جي تعليم ۾ سنڌي فائنل ۽ اديب فاصل جا امتحان ڏئي، ڪراچي ۾ سرڪاري استاد ٿو ڏسجي. ڀر واري (ان زماني ۾ مالماڙيءَ جي پاڙي ۽ ھاڻي ڳوٺ) جلالجيءَ جو سائين جھان خان جوکيو تہ مولوي ضياءُالدين جو بہ استاد ھو. سائين جھان خان جوکيو سنڌي فائنل پاس ھڪ جيد استاد ته ھو پر مولوي ڪونه ھو. جڏھن بہ مولوي ضياءُالدين کيس ڏسندو ھو تہ ادب مان اٿي ملندو ھئس. مولوي صاحب پٽ تي ۽ سائين جھان خان ڪرسيءَ تي ويھي پڙھائيندو ھو، ڇوتہ ھو سڀني جو استاد ھو. بعد ۾ 1950ع جي ڏھاڪي ۾ ئي ھتي، سائين جھان خان جوکيو جا شاگرد مالماڙيءَ جي، شروعاتي استادن ۾ شامل آھن، جن ۾ مولوي ضياءُالدين کي مالماڙي واسين، سڀني کان اڳ ۽ مڪمل نرالو سمجھيو. بعد ۾ محمد الياس ھمغم جو نالو سرفھرست ٿو ڏسجي. شھيد عبدالجليل جوکيو بہ ھتي جي ماڻھن ۾ مھندار ٿي، مئٽرڪ سائنس ڪئي. مشھور اديب ۽ ھتي جو پھرين صاحب ديوان شاعر جان محمد جانباز مختلف ڪورسز ڪري پھريون سرٽيفائيڊ طبيب ٿيو. سائين عبدالحق عابد سروري، سائين حاجي محمد ھاشم، سائين محمد رمضان جوکيو، حاجي ڪرم دين کان علاوہ حاجي محمد جوکيو، سومار خان بن نبي گل جوکيو، الھنواز خان بن الھداد خان جوکيو، لائقڏنو خان بن غلام نبي جوکيو، سکيو خان بن ناٿو خان جانواڻي، مشھور ڊرائنگ جو استاد سر ربنواز خان بن الھداد خان جوکيو، دينداز، حاجي مير علي بن مشتاق علي جوکيو، حاجي محمد صابر ۽ عبدالحنان بن باغ محمد جوکيو ۽ ٻيا ھتي جي چند شروعاتي استادن ۾ شامل آھن. پروفيسر ڊاڪٽر محمد حيات جوکيو، پروفيسر امان اللہ جوکيو، پروفيسر سراج دين ۽ پروفيسر حاڪم دين جوکيو جا نالا شروعاتي پروفيسرن ۾ شامل آھن. پروفيسر ڊاڪٽر انجنيئر محمد حيات جوکيو جي تعليمي خدمتن جو ڪاٿو لڳائڻ سج کي آئينو ڏيکارڻ برابر آھي، جنھن نہ صرف پھرين انجنيئر پر پھرين پروفيسر ۽ ڊاڪٽريٽ ڊگري ھولڊر ٿيڻ جو اعزاز بہ حاصل ڪيو. اھڙيءَ ريت، ادي بلقيس عزيز بنت عبدالعزيز عورتن ۾ پھرين مئٽرڪ ڪئي ۽ عورتن ۾ پھرين سرڪاري ٽيچر مقرر ٿي. رھنما بانو بنت حاجي ڪرم دين جوکيو، جيڪا پروفيسر سراج دين جوکيو جي گھرواري آھي، گورنمنٽ گرلز پرائمري اسڪول مالماڙي ۾، ھتي سڀ کان پھرين سرڪاري استادياڻي مقرر ٿي، جنھن کانپوءِ بختاور بنت عبدالوھاب به ھتي ٽيچر مقرر ٿي. ائين ھتي 1980ع جي ڏھاڪي ۾، نياڻين لاءِ به علم جا رستا وڌيڪ کليا ۽ سوين ٻين نياڻين بہ علم حاصل ڪيو. صفوران خانم ۽ معموران خانم بنت محمد الياس پھريون سرٽيفائيڊ نرسز بنيون، جڏھن تہ ڊاڪٽر طاھرہ بنت حافظ محمد جوکيو سڀني کان اڳ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ٿي. محمد شعبان بن پروفيسر ڊاڪٽر انجنيئر محمد حيات جوکيو پھريون نوجوان آھي، جنھن پاڪستان کان ٻاھران نيوزيلينڊ مان ڪمپيوٽر سسٽمز ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. واضح رھي تہ مالماڙي ۾، ديني تعليم جو سلسلو تمام گھڻو پراڻو آھي، ھتي صرف جديد تعليم جو ذڪر ھلي پيو. انھن ۾ بہ، جيڪڏھن ھر ھڪ جا نالا لکبا تہ مضمون ۾ ڊيگھ ٿي ويندي، انڪري شروعاتي نالن جو مختصر ذڪر ڪيم. وڌيڪ ان ڏس ۾، 2000ع کان وٺي، منھنجا الڳ مضمون شايع ٿي چڪا آھن، جنکي پڙھي سگھجي ٿو.

1.4 مالماڙيءَ جي ماضيءَ ۾ علم ۽ ادب:
مالماڙيءَ جي ماضيءَ کي وڌيڪ روشن انڪري بہ چوڻ کپي، ڇوتہ ھتي پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ استاد جھان خان جوکيو جي تربيت يافتہ شاگردن جو سلسلو 1950ع جي شروع ۾ قابل ذڪر آھي. محمد الياس جوکيو جو ھڪ خط، جيڪو ھن 1950ع جي ڏھاڪي ۾ پنھنجي مامي بزرگوار عبدالعزيز جوکيو کي لکيو، اھو ان سلسلي ۾، ھڪ سٺو ثبوت آھي، جنھن ۾، مالماڙيءَ ۾ ”بزم جانباز“ طرفان ٿيندڙ مختلف علمي ۽ ادبي ويھڪن ۽ طرحي مشاعرن بابت احوال لکيل آھي، جيڪو اڄ کان 60 سال اڳ، مالماڙيءَ جي جابلو علائقي ۾، نہ صرف علمي ۽ ادبي محفلون رکڻ جي حوالي سان ھڪ اھم شاھدي آھي. پر ان سان گڏوگڏ محمد الياس ھمغم ۽ جان محمد جانباز جوکيو پاران ھتي، عبدالعزيز جوکيو سان صلاح مشورا ڪري، طرحي محفل مشاعرا رکڻ جو بہ چٽو ڏس ڏي ٿو. ان قديم نوجوانن جي ادبي سلسلي ۾، مالماڙي جي سگھڙن جو ڪردار بہ وسارڻ نہ کپي، جن ھميشہ پنھنجي نوجوان نسل جي علمي ۽ ادبي آبياري ڪئي. باغ محمد بيشڪ جوکيو پنھنجي شعرن کي لکڻ لاءِ گھڻي ڀاڱي جان محمد جانباز جي چونڊ ڪئي، جيڪو نوجوان، اڳتي ھلي پاڻ ھڪ مڃيل تخليقڪار ثابت ٿيو. ان نہ صرف کانئس پر، 1800ع کان وٺي، مالماڙي جي انيڪ بزرگن کان تاريخي حقيقتون پڇي لکيون، جن کي ”ويا سي وينجھار“ ۾ قلمبند ڪيائين. عابد سروري ۽ ٻين ھم ڪلاس دوستن پڻ ان علمي ۽ ادبي کيتر ۾ مالماڙي جي، شروعاتي دور ۾، جھنگ ۾ موريل ولين ۽ وڻن کي واس ڪيو. عبدالحنان جوکيو ۽ پروفيسر امان اللہ جوکيو بہ 1980ع جي شروعات ۾ مالماڙي ۾ علمي ۽ ادبي تنظيم سازيءَ ذريعي، نوجوانن کي ادبي کيتر ۾ آڻڻ جون ڪوششون ڪيون.

1.5 مالماڙيءَ جا سرڪاري ادارا:
مالماڙيءَ ۾ سرڪاري ادارن ڏانھن ڏسبو تہ سٺا ادارا ملندا. سرڪاري پرائمري اسڪول جي بلڊنگ، بشارت الياس جوکيو جي درخواست تي ان وقت جي ايم پي اي ڄام بجار خان جوکيو منظور ڪرائي. نياڻين جي سرڪاري اسڪول جي عمارت جي لاءِ زمين جو مسئلو ٿيو تہ، اھا زمين باغ محمد بيشڪ جوکيو پنھنجي گھر جي اڳيان وقف ڪري ڏني، جتي اسڪول ان دور ۾ ٺھيو، جنھن دور ۾، جنگشاھي لڳ ايشيا جي ڏاھي رسول بخش پليجو جي ڳوٺ ۾ بہ نياڻين جي سرڪاري اسڪول جي ڪا بلڊنگ نہ ھئي. مالماڙيءَ ۾ شمسي توانائي تي ھلندڙ بجلي لاءِ لک پڙھ ڪرڻ ۾، محمد الياس ھمغم جو ڪردار نمايان ھو، جنھن ملڪ جي اعليٰ اختيارن ڏانھن درخواستون لکيون. نيٺ 1980ع ۾ اھو ”سولر انرجي پلانٽ“، حڪومت پاڪستان پاران منظور ڪيو ويو، جيڪو ان وقت سنڌ جي صرف ٻن ضلعن ۾ منظور ٿيو ھو، ھڪ ميرپورخاص ۽ ٻيو مالماڙي! اھڙيءَ ريت مالماڙي ۾ لالٽين، ھٿ بتي (ٽارچ)، ڏيئو، اگھيو ٻارڻ (آگيسر) کانپوءِ ”بجلي“ پڻ آئي، جيڪا ڪافي بزرگ عمر جي ماڻھن بہ، ڳوٺ ۾ ھلندي ڏٺي ۽ شايد ڪن کي ڊپ بہ ٿيو ھوندو تہ ڪڄاڙو پيو ٿئي، تہ ڪجھ وري سرھا بہ ٿيا ھوندا. مالماڙي ۾ سرڪاري مڊل اسڪول جي منظوري لاءِ محمد الياس ھمغم، ان وقت جي تعليم کاتي جي ضلعي آفيسرن سان خط و ڪتابت ڪئي ۽ 1970ع جي آخر ۾، ھتي مڊل اسڪول بہ منظور ٿيو، جنھنکي بعد ۾ ھاءِ اسڪول تہ ڪيو ويو پر بلڊنگ اھا ئي ساڳي مڊل اسڪول واري، اڃا تائين ھاءِ اسڪول لاءِ استعمال ٿي رھي آھي. خط و ڪتابت لاءِ محمد الياس ھمغم، 1985ع جي آخر ۾ جنگشاھي پوسٽ آفيس جي ھڪ برانچ پوسٽ مالماڙيءَ ۾ منظور ڪرائي جيڪا پاڻ ھلائيندو رھيو. پنھنجي رٽائرمنٽ تائين برانچ پوسٽ مالماڙي کي وڏي اھتمام سان ھلايائين، جيڪا اڄ بہ ھلي رھي آھي. نہ صرف ايترو پر 1990ع جي شروعات ۾، مالماڙي کي مواصلاتي نظام ذريعي، دنيا سان ڳنڍڻ لاءِ، پاڻ پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽيءَ ڏانھن لکپڙھ ڪري، ھتي ھڪ ”پبلڪ ڪال آفيس PCO“ پڻ منظور ڪرايائين، جنھن ۾ زميني ٽيليفون ھتي لڳي ۽ سوين ماڻھن فون استعمال ڪري، پري پري رھندڙ، پنھنجن عزيزن سان ڳالھايو. مالماڙي ۾ صحت جون سھولتون بلڪل نہ ھجڻ برابر ھيون، سواءِ ديسي ٽوٽڪن ۽ علاج جي طريقن جي. ان سھولت لاءِ سنڌ ايرڊ زون ڊولپمنٽ اٿارٽي (سازدا) جي ڊاريڪٽر حاجي عبدالحميد جوکيو سان ڳالھائي ڪري، محمد الياس ھمغم جوکيو، ھتي ڊسپينسري قائم ڪرائي ورتي، جنھن جو پھريون انچارج ڪوھستان جو بھترين ڊاڪٽر حاجي عبدالشڪور جوکيو ڀرتي ٿيو. ڊاڪٽر حاجي عبدالشڪور جوکيو جي نالي کان ڪير واقف نہ ھوندو؟ ھو ڪوھستان جي سوين انسانن جي جان بچائيندڙ، بنا لالچ انسانيت جو خدمت ڪندڙ شريف النفس، غريبن جو آڌي رات، بنا انتظار جي ھڪدم علاج ڪندڙ ھڪ عظيم انسان ھو. مالماڙي ڊسپينسري شروع ۾ لڳاتار 20 سالن تائين بنا بلڊنگ ھئي تہ محمدالياس ھمغم انکي پنھنجي ذاتي گھر ۾ ھلڻ لاءِ، ھڪ ڪمري ۾ منتقل ڪيو. 2009ع ۾ عبدالوحيد جوکيو، پ پ پ سرڪار کان انجي بلڊنگ منظور ڪرائي ٺھرائي، جيڪا اڄ بہ موجود آھي. مالماڙي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ وڏي ڏکيائي ھوندي ھئي. جنھن لاءِ مالماڙي جي انسانن جون ڪل ڏھ کان ٻارنھن پيڙھيون اڃايل ختم ٿي ويون. مالماڙي کوھ مان مٺو پاڻي، 1820ع ڌاري کوٽي ڪڍيو ويو، جيڪو 2019ع ۾ سڪي ويو، جنھن جي سڪڻ جا ڪارڻ مالماڙي نئين مان ريتي بجري کڻي، نئين جي پيٽ کي وڍي کوکلو ڪرڻ آھي. محمدالياس ھمغم، مالماڙيءَ کي مٺو پاڻي مھيا ڪري ڏيڻ لاءِ بہ ھڙان وڙان ڪم ڪيا ۽ مختلف سياسي سماجي پليٽفارمن تي ڳالھايو. ان ڏس ۾ ڪافي پاڻيءَ جا بور کوٽي، پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر، اڪثر ڀيرا کارو پاڻي نڪتو. سکياڻي پاڙي ۾ مٺو پاڻي نڪتو. ان کانپوءِ ھڪ بور شھيد نعمت اللہ بن سھراب خان جوکيو جي ڪوششن سان جامع مسجد مالماڙي ڀرسان بادلاڻي تنظيم جي آفيس ڀرسان تيار ٿيو، جتي بہ مٺو پاڻي نڪتو. اھڙيءَ ريت مالماڙي، سالن جي اڃ لاھڻ قابل ٿي.

1.6 مالماڙيءَ جون ٽڪريون:
مالماڙي ۾ موجود بٺين ۾ لڪي، نونڌ، پلانٽ جي بٺي (ھن ٽڪري کي 1980ع کان اڳ ”مسجد واري بٺي“ ۽ مسجد ٺھڻ کان اڳ ”موري“ چوندا ھئا. واضح رھي تہ مالماڙي جو سولر پلانٽ ھتي لڳل ھو، انڪري ھن بٺيءَ کي پلانٽ واري بٺي چوندا آھن)، تراءَ واري بٺي، لاڪارو، مُر واريون بٺيون، رابٺي، ليمي جي بٺي ۽ مڙھو مشھور ھيون، جيڪي اڄ بہ سڀ موجود آھن.

1.7 مالماڙيءَ ۾ سواريءَ جا طريقا:
ماضيءَ ۾ اٺ، ھتي جي جبلن اندر توڙي شھرن ڏانھن سفر ڪرڻ جو واحد ذريعو ھوندو ھو. اٺ تي چڙھي، ھتان کان ڳوٺاڻا جھوناڳڙھ، ڪڇ ڀڄ، ڪيٽي بندر، شاھبندر، غلام اللہ، ڪاٺوڙ سميت مائي ڪلاچي کان اڳيان ملتان ۽ نوراني طرف، برٽش انڊيا گورنمنٽ طرفان مليل فرضن جي تڪميل ڪرڻ لاءِ سفر بہ ڪندا ھئا تہ گڏوگڏ ھتان کان کير جو ٿورو گھڻو واپار بہ ڪندا ھئا. اٺ سان گڏوگڏ ”گھوڙي“ بہ، سرڪاري ملازمن کي ملندي ھئي. ان سان گڏ ھتي جي عام ماڻھن بہ ان کي استعمال ڪيو. جڏھن مالماڙي کوھ مان پاڻي ڀرڻ جي شروعات ٿي تہ پوءِ ھتي گڏھ عام ھئا. خود 1994ع کان، آئون بہ ھتي گڏھ ڏسندو پيو اچان، جن تي چڙھي، 1995ع ۾ مون مالماڙي کوھ تان پاڻي ڀرڻ جو ھڪ ٻہ ڀيرو تجربو به ڪيو ھو. 1960ع ۾ محمد الياس ھمغم جڏھن، ھتي موٽرسائيڪل ورتي ھئي تہ اھا ھتان جي تاريخ ۾ ھڪ نئين ڳالھ ٿي. پبلڪ ٽرانپورٽ لاءِ نورخان جوکيو جي بس قديم ترين بس آھي، جنھن کان بعد ۾ ڳوٺ رئيس وليداد جوکئي جي سيٺ عبدالشڪورجوکيو جي بس بہ ھتي، ٺٽي تائين ھلندي ھئي. بعد ۾ خداڏنو بن ليمون خان جوکيو بہ ھتي بس وٺي ھلائي. ان کان اڳ مورو ڳائيندڙ نور زمان جي ھڪ ڊاٽسن بہ ھلندي ھئي. مون پاڻ به، سڀني ۾ سفر ڪيو، سواءِ نور خان جوکيو جي بس جي! 1990ع کانپوءِ ھتي جي ماڻھن موٽرسائيڪلون، ڪارون ۽ ٻين مختلف گاڏين جا نمونا خريد ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪو سلسلو اڃا تائين ھلي پيو.

1.8 مالماڙيءَ جون غير سرڪاري تنظيمون:
ھتي جا ماڻھو شروع کان سوشل ورڪر رھيا آھن. ماضيءَ ۾ عبدالعزيز جوکيو، جان محمد جانباز، محمدالياس ھمغم، سومار خان بن نبي گل، حافظ محمد بن خان محمد، سکيو خان، پروفيسر امان اللہ، عبدالحنان، لائقڏنو خان، عنبر خان، ممتاز علي جوکيو، محمد اياز جوکيو، بشارت الياس، آگم جوکيو، انڙ خان جوکيو ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا نالا ھتي جي مختلف سماجي تنظيمن جا باني رھيا آھن. ان ڏس ۾ ڪوھستان ويلفيئر ايسوسيئيشن جو نالو چمڪندڙ ھو، جنھن ۾ حافظ محمد جوکيو جي اڳواڻي ۾ انيڪ سماجي ڪم ٿيا. وليج ڊيولپمينٽ ايسوسيئيشن جي پليٽفارم تان محمد الياس ھمغم اڻ ڳڻيا ڪم ڪرايا. انکان علاوہ ھتي وقتن بوقتن مختلف سماجي کيتر جي تنظيمن وڏا ڪم ڪيا آھن.

1.9 مالماڙيءَ ۾ سياسي شعور:
محمد الياس ھمغم ۽ جان محمد جانباز لکپڙھ ڪري، ھتي پولنگ اسٽيشن منظور ڪرائي. ماضيءَ ۾ سڀ کان اڳ نبي گل جوکيو، يونين ڪائونسل جنگشاھي مان ڪائونسلر چونڊيو ھو. سکئي خان جو نالو سياسي شعور آڻيندڙن جي لسٽ ۾ قابل ذڪر ٿو ڏسجي. بعد ۾ حافظ محمد جوکيو ھتي جي سياست ۾ سٺو ڪردار ادا ڪيو جو ڪوثر عبدالعزيز زوجہ احسان اللہ جوکيو کي ايم پي اي جي سيٽ ۾ ميرپورساڪري جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ تان مشھور سياستدان سسئي پليجو سامھون اليڪشن ۾ بيھاريو. عبدالوحيد بن حاجي محمد جوکيو ھڪ ڀيرو ناظم ۽ ٻئي دفعو نائب ناظمي جي سيٽ تان پ. پ. پ جي ٽڪيٽ تان، يونين ڪاؤنسل مڪلي مان اليڪشن وڙھيو پر ٻنھي ڀيرو ھارائي ويو. مسمات رحمت زوجہ خداڏنو پھرين عورت ڪائونسلر طور جنگشاھي يونين ڪائونسل مان چونڊي وئي. ان کان پوءِ مختلف فردن جا نالا ان ڏس ۾ ملن ٿا.
ان کان علاوہ مالماڙيءَ جي گذريل ماضيءَ سان لاڳاپيل ڪيترن ئي علمي، ادبي، سياسي، سماجي، حياتياتي، سائنسي ۽ تاريخي موضوعن تي وڌيڪ ڳوڙھو اڀياس ڪري، تحقيق ڪرڻ جاري رکڻ جي شديد گھرج آھي. اميد آھي ته مالماڙيءَ جا اديب ۽ تاريخدان ان تي غور ڪري، تاريخ جا وڌيڪ وکريل ورق سھيڙيندا.

2. مالماڙيءَ جو ھيڻو حال:

ماضيءَ جا تاريخي داستان لکڻ جو مقصد سڀني کي پنھنجي تاريخ کان آگاھ ڪرڻ آھي. ھاڻي اچو تہ موجودہ حالتن تي ھڪ نظر وجھون.
مالماڙيءَ جو حال نه پر اڄڪلھ بدحال آھي! اسڪولن کان وٺي ھر ادارو بند! نيئون سڪل، کوھ سڪل، ھا بورن ۾ پاڻي آھي پر ڪا خبر ناھي ڪيستائين ھلندو؟ مذھبي انتھاپسندن جي دقيانوسي سوچن ۾ قيد مالماڙيءَ ۾ اڄڪلھ وڏا وڏا قصا ڪرڻ وارا موجود آھن پر عمل کان لنوائن ٿا. ادبي لڏو پاڻ ۾ اختلافن جي ور چڙھيل ته علمي لڏو به پاڻ ۾ ئي ڪونه ٺھي! حال تي رحم اچڻ ضروري آھي ڇوته لڏپلاڻ کانپوءِ ڪنھن به واپس ماڳن تي موٽڻ جو ناھي سوچيو ته اھو سڀني جو نقصان آھي. سنڌي ٻوليءَ جي ماھرن جي ھن ڳوٺ ۾ اڄ ٻار پنھنجي پيءُ کي بابا چوڻ بدران پپا ۽ امان بدران مما، ماسي بدران خالہ ۽ اديءَ بدران آپي چون ٿا. ٻارن سان انگريزي ڀلي ڳالھائجي پر پنھنجي مادري ٻولي وسارڻ حال جي ھڪ سنگين غلطي چئبي. لطيف وانگر، حقيقت ھن حال جي، ظاھر ڪريان ذري!!!! مالماڙيءَ ۾ ٽئلنٽ وڏو آھي پر اھو ٽئلنٽ ڪٿي مذھبي انتھاپسنديءَ جي ور چڙھيو وڃي ته ڪٿي دقيانوس خيالن جي لپيٽ ۾ اچيو وڃي! اسانکي پنھنجي ٻارن کي سنڌي پڙھائڻ سان گڏ انگريزي پڙھائڻ کپي. سائنسي تعليم وقت جي اھم گھرج آھي، ان ۾ ڪا سستي نه ڪرڻ کپي. بارن کي ٽڪ ٽوڪ، فيسبڪ ۽ واٽسپ تي بہ تاريخ سان واقف ڪجي، ھر وقت مطالعو ڪرڻ جو عادي ڪجي. بري صحبت کان بچائجي. مالماڙيءَ ۾ امن، محبت، ڀائيچاري ۽ اتحاد کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ اختلافن کي وسارڻو پوندو.

اسانجو ماضي روشن ھو، جنھن جي ڪڙي اڄ به موجود آھي. ماضيءَ جي انمول استادن ۽ ليکڪن کانپوءِ موجودہ جديد زماني جي نئين ٽھيءَ ۾، ڪيترن ئي ليکڪن ۽ شاعرن جا نالا اچن ٿا، جن ۾ جھونن ليکڪن ۾ سکيو خان جوکيو، پروفيسر امان اللہ جوکيو، عبدالحنان جوکيو ۽ ھن وقت جي نوجوانن ۾ آگم جوکيو، بشارت الياس جوکيو، پروفيسر حاڪم دين جوکيو، شمس دين جوکيہ، سڀني کان ننڍي عمر جو پر دورانديش ليکڪ محي الدين جوکيو ۽ ٻيا اھم ليکڪن جي حيثيت رکن ٿا. جلالجيءَ سان تعلق رکندڙ آصف علي جوکيو به اڄڪلھ تمام سٺو لکڻ جي شروعات ڪئي آھي. ان کان علاوہ ٻيا به ليکڪ ھوندا، انھن سڀني کي داد ڏجي ٿو. اھو نسل در نسل سلسلو ھلندو رھي، اھا ئي اميد ڪجي ٿي!

مالماڙيءَ جي عورتن ۾ پڻ اديبائون موجون آھن. ماضيءَ ۾ ڊاڪٽر طاھرہ جوکيو ۽ صفوران خانم جوکيو جا ليک ڇپجندا ھئا. حال ۾ ئي محترمه سنڌو سنڌي بنت حاجي محمد جوکيو جنھن ٿوري وقت اندر ئي سنڌ جي عورت ليکڪائن ۾ سٺي جڳھ ٺاھي ورتي آھي. سنڌوءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪوھستاني عورتن جي لاءِ ڪيترائي سماجي، علمي ۽ ادبي ڪم ھلن پيا. حال ۾ انھن عورتن جو جديد علمي ۽ ادبي دنيا ۾ اچڻ جيتوڻيڪ ھتي جي ماحول م ھڪ نئين روايت لڳو پر اھو ايڪيھين صديءَ جي زماني جي اشد ضرورت به ھو ته عورتن جي نمائندگي سان ھتي جي عورتن ۾ پڻ ان سلسلي جي شروعات ڪجي تہ جيئن سڀني کي خبر پوي ڪوھستاني عورتون به ڪنھن کان گھٽ ناھن. سنڌو سنڌيءَ جا ڪيترائي مضمون ڇپجي چڪا آھن. سندس ھڪ اڻ ڇپيل ڪتاب به ڇپائي جي مرحلي ۾ آھي. ھتي جي عورتن ۾ واحد عورت ليکي ويندي جيڪا ڪو علمي ۽ ادبي ڪتاب لکي ڇپرائي رھي آھي.

3. مالماڙيءَ جو غير يقيني مستقبل:

جيڪڏھن موجودہ ويڳاڻپ، جھيڙي، فتني، فساد ۽ غيريقيني واري صورتحال برقرار رھي تہ مالماڙيءَ کي عظيم نقصان ٿي سگھي ٿو، جنھنجا تمام خطرناڪ نتيجا نڪري سگھن ٿا، جھڙوڪ؛ ھت ڪوبه ڪوھستاني رواج باقي نه رھندو (جيڪو ھونئن به ھاڻي ھڪ ھڪ ڪري، ھتان اڻلڀ ٿيندو پيو وڇي، ڇاڪاڻ سڀ ڪو ٺٽي شھر جي شادي ھال ۾ ڪاڄ ڪرڻ کي فيشن ٿو سمجھي)، ڌارين جا رواج غالب ٿيندي نطر پيا اچن (الميو اھو آھي ته سنڌي ٻوليءَ جي ماھر استادن جي گھرن جي ڪاڄن ۾ به ھاڻي پناھگير مھاجرن جون رسمون عام ٿي چڪيون آھن)، ڌاريون ٻوليون به مڪمل طور غالب ٿينديون (مالماڙيءَ جا اڪثر دوست ٻولين جي معاملي ۾ ڇڙواڳ آھن، پنھنجي بولي ڳالھائڻ کي عيب سمجھندا آھن). مالماڙيءَ جا ميدان لينڊ گريبنگ جا شڪار ٿي ويندا (جيڪي ڳوٺاڻا پاڻ وڪڻندا)، ماڻھن جي رھائش جا گھر ئي باقي وڃي بچندا، سنڌي ٻولي سمجھائڻ ۽ پڙھائڻ وارو ڪير به نه رھندو، فرقيواريت جو عروج ملندو، مذھبي جنگ وڌي سگھي ٿي، اختلافن جو نبيرو ڪونه ٿيندو ته ھر ماڻھو ڀونگو ڀونگو ٿي ويندو. نتيجي ۾ مالماڙي پنھنجو وجود به وڃائي سگھي ٿي!

اھو مالماڙي جيڪو اڄڪلھ استادن ۽ آفيسرن جي وسنديءَ طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، مستقبل ۾ اھو پنھنجي اھا سڃاڻپ به وڃائي چڪو ھوندو. ھتي نظرياتي ماڻھن جي حال ۾ ئي وڏي کوٽ محسوس پئي ٿئي، سو مستقبل بابت توھان پاڻ اندازو لڳائي سگھو ٿا ته ڇا حال ھوندو؟ علم جي تڙپ ماضي جو قصو بڻجي ويندي ۽ ھا رابطي ڪاري جو نطام به پنھنجي عروج تي پھچندو، جنھن جي شروعات ھتي 3 ڊسمبر 2020ع جي شام 5 لڳي 26 منٽن کان ٿي چڪي جڏھن ھتي تيزترين سروس انٽرنيٽ 4G جي سھولت ملي ۽ ڳوٺاڻن جو رابطو سڄي دنيا سان انٽرنيٽ ذريعي ٿي ويو. انکان اڳ 1890ع جي ڏھاڪي ۾ جڏھن ريڊيو ايجاد ٿيو ته اھو 1953ع تائين سنڌ جي ڳوٺن ۾ عام ڪونه ھو (ڏسو زنجبار جھنڳٻار، الطاف شيخ جو 2021ع ۾ ڇپيل ڪتاب) يعني ريڊيو لڳ ڀڳ 1960ع کانپوءِ ھتي پھتو ھو. بابا ٻڌايو ته مالماڙيءَ ۾ ريڊيو 1970ع ڌاري آيو.

مستقبل جو نسل پنھنجو پاڻ کي مالماڙي بدران جيڪي جتي ويٺا آھن، اتي جا سڏرائيندا، کين اھا ڄاڻ به نه ھوندي ته سندن والدين جا ابا ڏاڏا مالماڙيءَ ۾ ڪھڙن گھرن ۾ ڪيئن رھندا ھئا؟ کين مالماڙيءَ لڳ ڪاري ارھ جي نڪوڙ، ڄٻڙ، لعل ڌونئين، مارو جبل ۽ جنگشاھيءَ جي عيسب پير مقام جي به خبر نه ھوندي. اھو مستقبل تمام خطرناڪ انڪري به ھوندو جو مالماڙيءَ ۾ ان وقت شايد ئي ڪو جوکيو سنڌي ھجي، پر ازدھا واسينگ نانگن جي شڪل ۾ بھڙيا وٽان پلٽڻ لٿل ھوندي، ھتي به انھن جي مستقبل جي نظر ھوندي جيڪو ان زماني ۾ قبضاخوري ڪري، اڏجي، لٽجي، چچرجي، ناس ٿي ماضيءَ جو حصو بڻجي چڪو ھوندو. ھتي جا شاگرد سنڌ حڪومت طرفان تعليم تي توجه نه ڏيڻ ڪارڻ سنڌي وساري چڪا ھوندا پر ان جي بدران اردو ۽ انگريزي تي توجه ھوندن، ڇوته سنڌين کان علاوہ ٻيون قومون جھڙوڪ؛ پٺاڻ، پنجابي ۽ ڪشميرين سان گڏوگڏ مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ پاران ھڪ افغاني کي ڏينھن جا تارا ڏيکاريا ويا، ان افغانيءَ جا عزيز، سڄي سنڌ وانگر ھتي به قابض ٿي، زوريءَ زبردستيءَ، ھتي جا مقامي ٿي ويندا…..! اسانجي نوجوانن کي رستن تان لنگھڻ ڪونه ڏيندا، جي لنگھبو ته لاڪاري ۽ لڪ وٽان ٽيڪس وٺي اسانجي ايندڙ نسل کي ڦري، لٽي ھتان مجبور ڪيو ويندو ته اھي ھتان پنھنجا سامان کڻي لڏي وڃن. ھتي نيون ڪالونيون، فليٽ ۽ دڪانن جا واڪ لڳندا. مزي واري ڳالھ، ھتي جي علائقن جا نالا مٽائي، انھن جي مٿان نوان نالا پوندا، مثال لاڪاري کي لکالو يا لاکار، لڪيءَ کي لک، نونڌ کي دوند وغيرہ چئي سگھن ٿا. بلڪل اھڙيءَ ريت، جيئن ڪراچي ۾ گل ٻائيءَ کي گلبائي ۽ اھڙا کوڙ مثال ائين ملندا، جن ۾ اصل نالن کي بگاڙيو ويو آھي.

4. مالماڙيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ حياتياتي ۽ تاريخي فرق جو نچوڙ:

* نہ صرف اسان جو ماضي علم دوست، تاريخ ساز ۽ فطرت سان ڀرپور روح پرور ھو پر حال ۾ به وقت ھٿن ۾ آھي جو اسان پنھنجي ماڳن کي مالڪي ڪري بچايون. ماضيءَ جي مالماڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي ھڪ ھڪ ڦڙي لاءِ ترسندڙ مارو ماڻھو، حال ۾ گنج پاڻيءَ جي زير زمين ذخيرن مان فائدو وٺن پيا پر مستقبل قريب ۾، فطرت دشمن عملن جھروڪ؛ وڻن جي واڍيءَ جي ڪري، اھي سڀ زير زمين پاڻيءَ جا ذريعا ختم ٿي ويندا.

* اساجو ماضي پکين ۽ جانورن جي ڳچ جنسن جھڙوڪ؛ تترن، طوطن، ھرڻن، ڳيرن ۽ ٻي جابلو فطرت جي مالڪ جانورن، جيتن، پکين ۽ ريرھيون پائيندڙ جانورن مان شاھوڪار ھو، تن مان حال ۾ ڳيرا، بلبل، جھرڪيون، ڪبوتر، ٻٽير، تتر، ڪانگ ۽ ريرھيون پائيندڙ جانورن ۾ ڪرنئون، سانڍو، نانگن جا چند قسم، لونڊر، ٻمونھين، ڪس، ڳوھ ۽ ڪجھ ڪرڙين جا قسم ڏسڻ ۾ ايندا آھن. مستقبل ۾ اھي سڀ ھتان ناياب ٿي ويندا ۽ انسان انھن کي ڏسڻ لاءِ ائين سڪندا جيئن اڄ ڪراچيءَ ۾ بتاريخ 13 جون 2021ع آچر ڏينھن حبيب بئنڪ پلازہ آئي آئي چندريگر روڊ تي ڪراچي يونيورسٽي جي شعبي زولاجي ۾ پڙھندڙ ھڪ جوڙي (ناري ۽ ڇوڪر) ھتي بيھي، شھر ۾ اڏرندڙ پکين جو رڪارڊ نوٽ ڪري لکي رھيا آھن پر کين سواءِ باز، جھرڪين ۽ ڪجھ ڪبوترن جي، ٻيو ڪجھ ناھي ملي سگھيو.

* اسانجي تاريخ ۾ جبلن، ڍورن، نئين، تلائن، تراين، جھڏن، اڌوڪن، ڀرن، دڙن، ماھيئين، پٿرن، پراڻين قبرن، گھاڻيئين ۽ قديم آثارن جي وڏي اھميت رھي آھي. انھن مان ڳچ آثار حال ۾ پڻ موجود آھن، پر ايندڙ وقت ۾ آھستي آھستي ترقيءَ جي نالي تي والار، قبضو، توڙڦوڙ، وڻن جي واڍي ڪري ۽ ھر طرح جي فطرت دشمن سرگرمين ذريعي مالماڙي مڪان کي مڪمل ڌارين جي بستي ڪيو ويندو ۽ ڌرتي ڌڻين کي ھتان ڌڪاريو ويندو.

مٿين بحث مان ڇا ملندو؟
اڪثر اھو ڏٺو ويو آھي ته اسانجي تاريخ جي موضوعن تي ڪيل تحقيق کي معاشرو دير سان قبول ڪندو آھي، ڇو جو ان ۾ ماضي، حال ۽ ايندڙ وقت جو ذڪر انڪري ٿيل ھوندو آھي جو تاريخ ۾ سڀني زمانن جو اولڙو موجود ھوندو آھي. جيڪڏھن اسين پنھنجي تاريخي ورثي جي مڪمل ڄاڻ حاصل ڪنداسين ته انجا اڻ ڳڻيا فائدا به ملندا. اسان ۾ پنھنجي ننگن ۽ دنگن جي وقتائتي ۽ چڱي مالڪي ڪرڻ جو شعور صرف تاريخ جي اڀياس ذريعي ئي پئدا ٿيندو. اھڙو ئي ھي تحقيقي مضمون توھان پڙھيو، جنھن مان اسانکي روشن ماضيءَ بابت ڄاڻ ملي. اميد ته اسان پنھنجي مالماڙيءَ جي آئيندي ۽ ايندڙ نسل جي علمي، ادبي ۽ اخلاقي آبياري لاءِ فڪرمند ٿي سوچينداسين ته ضرور ڪانہ ڪا بھتري ايندي، گڏوگڏ اباڻن ڪکن کي سارينداسين ته انجا ڪارائتا فائدا، اسانجي ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ھر والار خلاف اثر ڪري سگھندا.


مددي ڪتاب:

1. نائون مل، 1968ع. يادگيريون. سنڌي ادبي بورڊ.

2. عبدالعزيز جوکيو 1950ع واري ڏھاڪي جي شروعات ۾ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل مضمون جيڪي ”اڃا رات رتوم“ نالي سندس ھڪ ڪتاب ۾ پروفيسر امان اللہ جوکيو نئون نياپو اڪيڊميءَ طرفان 2020ع ۾ ڇپرايا.

3. محمد الياس ”ھمغم“ جوکيو. 1958ع. ماھوار اخبار تعليم مارچ ـ اپريل 1958ع

4. ليفٽينيٽ ڪرنل اوٽرام، سي. بي. 1846ع. ; The Conquest of Scindhe (سنڌ جي فتح)، وليم بليڪووڊ اينڊ سنز، ايڊنبرگ اينڊ لنڊن.

5. الطاف شيخ، زنجبار جھنگٻار. 2021. امرتا پبليڪيشن حيدرآباد.


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close