امام اعظم ابو حنيفه هڪ عظيم مسلمان دانشور ٿي گذريو آهي، سندس پوئلڳ حنفي سڏجن ٿا. چون ٿا ته هُو ننڍپڻ کان ئي تمام ذهين هوندو هو. هڪ ڏينهن بغداد ۾، جتي ابو حنيفه رهندو هو، هڪ اجنبي آيو، جنهن کي پنهنجي علم تي تمام گهڻو ناز هو. هن بغداد واسين کا سوال ڪيو ته هتي ڪو اهڙو عالم آهي، جيڪو منهنجي آڏو خدا جي وجود کي ثابت ڪري سگهي. ماڻهن چيو ته ها ابو حنيفه نالي هڪ نينگر آهي، جيڪو توکي ان جو جواب ڏئي سگهي ٿو. جڏهن ابو حنيفه ان شخص جي سامهون آيو ته هُن ڏاڍي غرور مان ننڍڙي نينگر ڏانهن نهاري چيو ته ان جي هاڻي ئي خبر پئجي ويندي.
ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم گڏ ٿي ويو ۽ اهو اجنبي شخص هڪ اوچي مسند تي چڙهي ويٺو ۽ ابو حنيفه هيٺ ماڻهن سان گڏ سندس سامهون بيهي رهيو. اوچتو ابو حنيفه چيو ”افسوس ان بحث لاءِ مددگار ڪتاب ته گهر رهجي ويا آهن، جيڪڏهن اجازت ڏيو ته اهي کڻي اچان ته پوءِ مناظرو شروع ڪريون.“
اهڙيءَ طرح امام ابو حنيفه اجازت وٺي گهر روانو ٿيو ۽ تمام گهڻو وقت گذري ويو پر هُو واپس نه موٽيو. ماڻهن ۾ بيچيني پکڙڻ لڳي ۽ هو سوچڻ لڳا ته ڪٿي هُنن ابو حنيفه جي چونڊ ڪري وڏي غلطي ته نه ڪئي آهي. هاڻي شايد هو واپس نه اچي. وري به کين اهو خيال ٿي آيو ته ابو حنيفه اڄ ڏينهن تائين واعدي خلافي نه ڪئي آهي.
بهرحال چڱو وقت گذرڻ کان پوءِ ابو حنيفه سهڪندو اچي پهتو. ابو حنيفه جي دير ڪرڻ جي ڪري اجنبي شخص خوشفهميءَ جو شڪار ٿي رهيو هو ته سندس ڪاميابي يقيني آهي. ابو حنيفه جي واپس پهچڻ تي هن سوال ڪيو ”ايتري دير ڪري ڇڏيئي؟ شايد توکي پڪ آهي ته تون خدا جي وجود کي ثابت نه ڪري سگهندين.“
ابو حنيفه وراڻيو ”خدا جي وجود کي ثابت ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو نه آهي. اصل ۾ آئون دريا جي پرئين ڪپ تي رهان ٿو. جيئن ئي دريا جي ڪپ تي پهتس ته اهڙو طوفان لڳو جو سڀ ٻيڙيون تباھ ٿي ويون ۽ سموريون پليون ڪري پيون.“
اجنبي شخص چيو ”پوءِ تون گهر ڪيئن پهتين؟“
ابو حنيفه چيو ”اهو تباهيءَ جو منظر ته مون پري کان ڏٺو ۽ جيئن ئي ڪناري تي پهتس ته ڏٺم ته پٿر پاڻمرادو هڪ ترتيب سان گڏ ٿي رهيا آهن. اوچتو ئي اوچتو پل جو بنياد تيار ٿي ويو، پوءِ ڪاٺ جا ٽڪرا اڏامندا آيا ۽ پنهنجي جاءِ تي اچي بيهي رهيا. جنهن کان پوءِ ڪليون وسڻ لڳيون ۽ ڪاٺ جي ٽڪرن کي ڳنڍڻ لڳيون. مسلسل هر شيءِ هڪ ترتيب سان ڳنڍبي رهِي، ان جي نتيجي ۾ اوچتو سڄي پل تيار ٿي وئي ۽ آئون هتي واپس پهچي ويس.“
اها ڪهاڻي اتي موجود هر شخص ڏاڍي حيرت مان ٻڌي ۽ اجنبي طنزيه انداز ۾ چيو، ”ڇا اهو بهتر نه آهي ته ننڍڙي ڇوڪري بدران اوهين ٻيو ڪو عقلمند ماڻهو ڳوليو؟ مون وٽ اهڙين چريائيءَ واري ڳالهين لاءِ ڪو به وقت نه آهي.“
ابو حنيفه سوال ڪيو، ”منهنجي ڪهاڻيءَ جو ڪهڙو حصو توکي بيوقوفيءَ وارو لڳو؟“
هُن وراڻيو “سڄي ڪهاڻي بيوقوفيءَ تي ٻڌل آهي. ڪا پُل پاڻمرادو ڪيئن ٺهي سگهي ٿي؟“
ابو حنيفه چيو ”هڪ سوال پڇڻ چاهيان ٿو ته پل جي ڀيٽ ۾ هيءَ دنيا ننڍي آهي يا وڏي؟“
هن شخص چيو ”بيشڪ هيءَ دنيا پل جي ڀيٽ ۾ وڏي ۽ تمام گهڻ رخي آهي.“
هاڻي ابو حنيفه جو وارو هو، ”تنهنجي دعويٰ آهي ته هڪ پل، جيڪا تمام ننڍي ۽ ٺاهڻ تمام آسان آهي، سا پاڻمرادو اڏجي نٿي سگهي. ان لاءِ هڪ آرڪيٽيڪٽ جي ضرورت پوي ٿي ته پوءِ اها دعويٰ ڪيئن ٿو ڪرين ته هيءَ وشال ڪائنات بنا ڪنهن خالق جي وجود ۾ اچي وئي!؟“
اجنبي شخص پنڊ پهڻ ٿي ويو ۽ ڪجهہ دير سوچڻ کان پوءِ هو چوڻ لڳو ”چڱو ٺيڪ آهي.. اهو مڃيان ٿو ته هيءَ ڌرتي ٺاهيندڙ ڪا هستي آهي.“
ابو حنيفه چيو ”بلڪل، اها هستي خدا جي ذات آهي.“
اجنبي شخص ککو وکو ٿي ويو پر پوءِ به هن خيال ڪيو ته بحث اڳتي وڌائڻ گهرجي، سو سوال ڪيائين ”جيڪڏهن خدا آهي ته پوءِ اهو اسان کي ڏسڻ ۾ ڇو نٿو اچي؟“
ابو حنيفه ايئن مرڪڻ لڳو، ڄڻ ته هُن ڪو ٻاراڻو سوال ڪيو هجي، پوءِ چوڻ لڳو ”ان سوال جو جواب به ڏيندس پر گهڻي دير ٿي وئي آهي، سو پهرين اچ ته ٿورو گرم کير پيون ۽ آرام ڪريون پوءِ ڳالھ کي اڳتي وڌايون ٿا.“
ٻه گلاس کير جا اچي ويا ۽ ان ۾ ملائڻ لاءِ ماکي به آندي وئي. پهرين اجنبي شخص پنهنجي کير ۾ ٿوري ماکي ملائي ۽ پوءِ ماکي ابو حنيفه ڏانهن وڌائي. ابو حنيفه پنهنجي کير ۾ ماکي ملائڻ کان پوءِ ماکيءَ جو ٻيو چمچو ڀري اجنبي شخص جي کير واري گلاس ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته اجنبي شخص چيو ”نه مهرباني، آئون کير ۾ ماکي ملائي چڪو آهيان.“
پر ابوحنيفه ضد ڪرڻ لڳو ته کير ۾ ماکي نظر نٿي اچي تنهنڪري هُو ان ۾ ماکي ضرور ملائيندو. جنهن تي اجنبي شخص ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو ”آئون توکي ٻڌائي چڪو آهيان ته مون کير ۾ مٺاڻ ملائي ڇڏيو آهي!“
ابو حنيفه چيو ”مون کي يقين نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ مٺاڻ نظر ئي نٿو اچي.“
اجنبي شخص وراڻيو ”توکي آخر مون تي اعتبار ڇو نٿو اچي!“
ابو حنيفه چيو ”ڇاڪاڻ ته مون کي جيڪا شيءِ نظر نٿي اچي ان تي اعتبار نٿو ڪري سگهان.“
اجنبي شخص چيو ”توکي کير ۾ مٺاڻ نظر نه ايندو ڇاڪاڻ ته اهو کير ۾ شامل ٿي ويو آهي. ان جو اندازو لڳائڻ لاءِ توکي کير چکڻو پوندو. تون آخر منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ بدران اجايون ڳالهيون ڇو پيو ڪرين.“
ابو حنيفه چيو ”ان سوال جو جواب ته تو پاڻ ڏئي ڇڏيو آهي ته مٺاڻ کير ۾ ملي چڪو آهي ۽ ان بابت خاطريءَ لاءِ اسان کي مختلف طريقن سان ڳولڻو پوندو. بيشڪ اسان کي الله نظر نٿو اچي پر اسين کيس سندس مخلوق جي خلقت ۾ ڳولي سگهون ٿا. هن ڪائنات ۾ جيڪي ڪجهہ ٿئي ٿو اسين جڏهن ان جا سبب ڳولڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته خبر پوندي ته انهن سڀني جي پويان خدا جي ذات موجود آهي. تنهنجي اها حالت آهي جو مٺاڻ کير ۾ ملائڻ کان پوءِ ان کي ڏسي نٿو سگهين ته پوءِ انهن اکين سان هن مخلوق جي خلقت ۾ خدا کي ڪيئن ڏسي سگهندين. جيڪڏهن تون خدا کي ڏسڻ چاهين ٿو ته پوءِ اندر جون اکيون کول، جيڪي تنهنجي منهن تي اکيون موجود آهن، انهن سان نه ڏسي سگهندين. ڇاڪاڻ ته اهي رڳو محدود حد تائين ڏسي سگهن ٿيون.“
هاڻي اجنبي شخص کي ڀڄڻ کان سواءِ ڪا واٽ نظر نٿَي آئي. ڪجهہ دير سوچڻ کان پوءِ چوڻ لڳو ”چڱو آئون مڃيان ٿو ته خدا موجود آهي ۽ نظر به نٿو اچي. بس منهنجي آخري سوال جو جواب ڏي ته اهو خدا جيڪو صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو سو هن وقت ڇا پيو ڪري؟“
ابو حنيفه چوڻ لڳو ته ان سوال جو جواب تمام آسان آهي، پر ان جو جواب آئون تڏهن ڏيندس، جڏهن آئون تنهنجي جاءِ تي هجان ۽ تون منهنجي جاءِ تي هجين. ان تي اهو شخص وائڙو ٿي ويو ۽ پنهنجي جاءِ تان اٿي هيٺ اچي ابو حنيفه جي جاءِ تي بيٺو ۽ امام ابو حنيفه مٿي مسند تي ويهي چوڻ لڳو، ”خدا هڪ وڌيڪ مشرڪ کي سندس جاءِ تان هيٺ لاهَي هڪ ٻار جي جاءِ تي آڻي بيهاريو آهي ۽ هڪ ٻار کي سندس مقام عطا ڪري اهو تماشو ڏسي رهيو آهي.“
ان جي نتيجي ۾ اجنبي شخص مڪمل طور لاجواب ٿي ويو ۽ اتي ئي اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيو.
چونڊ: امر گل