ذڪر تحقيق جي ھڪ جاکوڙي ڪردار جو

امان الله جوکيو

ھو سنڌ جو رولاڪ روح ۽ صدين جي صدا ھو، جيڪو جهر جهنگ جهاڳي سنڌ، خاص ڪري ڪراچي ۽ ڪوھستان جي گمشده تاريخ کي سيھڙڻ ۾ ھميشه مصروف رھيو. موکي ۽ متارن جي ماڳ ۾ 5 جولائي 1957 ۾ ڳوٺ حاجي عرضي بلوچ گڏاپ ۾ محمد خان بلوچ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ گل حسن ڪلمتي موکيءَ جي مَئي خاني مان ڪو سنڌ سان عشق جي مڌ جو سُرڪ ڀريو ھو، جو ھن مورڙي جي شھر ڪراچي جي گهٽي گهٽيءَ ۾ رولاڪيون ڪري شھر جي ماضيءَ جي شاندار تاريخ قلمبند ڪئي.

گل حسن انھيءَ ڳالھ جو قائل ھو ته ڪتابي معلومات يا ٻُڌل سڌل ڳالھين بجاءِ انھيءَ ماڳ تي خود وڃي مشاھدو ڪجي ۽ نتيجا ڪڍجن. انھيءَ ڪري ھن پنھنجي محبوب مقصد جي حاصلات لاء سسئي بنجي سنڌ ۽ بلوچستان جا سمورا ڏونگر ڏوريا ۽ لَڪ لتاڙيا، پير پٿون ڪيا. خاص ڪري پٻ، ھاڙي، ھنگلاچ، نوراني، وڍ، خضدار، ساروان، جھالوان کان وٺي سموري سنڌ خاص ڪري ملير، مول، مھير، ڪنڊجھنگ، سري، بولا خان، مالماڙي وغيره تائين جون مسافريون ڪيون. مطلب ته سنڌ جي سموري ڪوھستاني ماڳن مڪانن کي ويجھڙائيءَ کان وڃي ڏٺو

ھن سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنارن کان به گهڻو اڳتي وڌي ايراني بلوچستان تائين تحقيقي پنڌ ڪيا. مختلف قبيلن جي گهاڙي قبرستانن تي خاص تحقيق ڪئي. ھن ايراني بلوچستان جي حدن ۾ رھندڙ سنڌي نزاد قبيلن ۽ سندن ٻولي، رسم رواج جو مشاھدو ڪيو ۽ سنڌ جي حدن کان ٻاھر رھندڙ انھن سنڌي قبيلن خاص ڪري جدگالن ۽ ڪلمتي قبيلن کي سنڌ سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.

گل حسن نه صرف سنڌ جي گمشده تاريخي ماڳن کي دنيا اڳيان نروار ڪيو پر سنڌ جي تاريخ جي ٽٽل ڪڙين کي پاڻ ۾ ملائي تاريخ کي نئين سر ۽ نئين ترتيب سان لکڻ جي شاندار ڪوشش ڪئي، جيڪا وقت جي ضرورت ھئي/ آھي. گل حسن ڪلمتي وڏي ڏاھپ ۽ خاموش حڪمت عمليءَ سان، ڪراچيءَ جي تاريخ سان ھٿ چراند ڪري ڪراچي جي ماڳن مڪانن گهٽين پارڪن ۽ عمارتن جا نالا بدلائي ڪراچي جي سدا ملوڪ سنڌي چھري کي مسخ ڪندڙن ۽ خاص ڪري ڪراچي جي ڪوڙي مالڪي جي دعويدارن آڏو تاريخي ثبوت رکي سندن ڪوششن کي ناڪام ۽ ڪوڙين دعوائن کي رد ڪيو. ھن پنھنجي تحقيق سان ثابت ڪيو ته ڪراچي سنڌ جو اڻ ٽُٽ انگ آھي ۽ ڪراچيءَ جا مالڪ صدين کان اسين سنڌي رھيا آھيون ۽ رھنداسين.

پنھنجي ذاتي ڪردار ۽ پنھنجي ڪيل تحقيقي ڪم جي حوالي سان گل حسن ڪلمتي تمام وڏو ماڻھو ھو، پر ھن ڪڏھن به وڏ ماڻھپي جو ڏيکاءُ نه ڏنو، نه ئي ڪا اھڙي فضول دعوا ڪئي. ھن جا تعلقات سڀني سان سٺا ھئا. ھو قبائلي عصبيت کان ڪوھين ڏور ھو. ھو اقتدار ڌڻين کي ويجهو ھوندي به کانئن پري رھيو. گل حسن سنڌ جي سڳنڌ سنڌ جي مٽي ھاڻن ماڻھن ۾ محسوس ڪئي، جن وٽ ڊگريون ته نه ھيون پر سندن سيني ۾ سنڌ جي لوڪ ڏاھپ دفن ٿيل ھئي. ھن ۽ سندس ساٿي ڊاڪٽر رخمان گل پالاري انھن مٽيءَ ھاڻن ماڻھن سان پَٽ تي ويھي ڪانب ڪڍي سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۽ ڪوھستان جي تاريخ کي پيار ۽ پاٻوه سان قلمبند ڪيو. علم ۽ لوڪ ڏاھپ جا موتي ميڙيا. ھو عاشق ھو ته سنڌ جو ۽ سنڌ سندس معشوقہ ھئي.

گل حسن قلم جو ڌڻي ۽ ڪل وقتي محقق ھو. سندس تحقيقي ڪم ڪنھن اداري جي ليول کان گهٽ ناھي. خاص ڪري ھن غير معمولي جاکوڙي ليکڪ ڪراچي: سنڌ جي مارئي، ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار، سسئيءَ جي واٽ، عشق جون ڳليون، ھڪ رٺل شھر جي ڪھاڻي، ڪيلاش: ڪافرن جو ديس، برف جو دوزخ، سنڌوءَ جو سفر (ترجمو ڪتاب ’شير دريا‘ رضاعلي عابدي) جھڙا شاندار تحقيقي ڪتاب لکي سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ ڏنا. گل حسن ڪلمتي سنڌ جي بقا واري ويڙھاند جو ارڏو سپاھي ھو ۽ قلمي مورچي توڙي عملي ميدان تي آخري پساھ تائين ثابت قدم رھيو.

گل حسن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1983 ۾ ماس ڪميونيڪشن ۾ ماسٽرس ڪئي ھئي. ھي اھو دور ھو، جڏھن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگردن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر ھوندو ھو. سواءِ سنڌي ڊپارٽمنٽ جي ٻين شعبن ۾ سنڌي شاگرد ڳولئي پڻ مشڪل سان لڀندا ھئا. انھي دور ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اسلامي جميعت طلبا جي شڪل ۾ ساڄي ڌر جي سياست عروج تي ھئي. گل حسن انھي دور ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ کاٻي ڌر جي شاگرد سياسي تنظيمن سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۽ بلوچ اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن ۽ جئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ شموليت اختيار ڪئي. ھو انتھا پسند نه ھو، پنھنجي يار ويس طبيعت ڪري سندس تعلقات سڀني ڌرين سان خوشگوار رھيا. کاٻي ڌر جي عوام دوست سياست جي زير اثر ھُو ۽ سندس ٻيا ساٿي پاور ڪاريڊور کان ھميشه پري رھيا ۽ عام ماڻھوءَ سان آخري وقت تائين گڏ بيٺو رھيو. ھو چاھي ھا ته پاڻ کي ڪيش ڪرائي پئي سگهيو پر ھن فقير منش قلندر مزاج شخص ايئن نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته ھو عوام دوست وطن دوست ۽ ھڪ خوددار قسم جو انسان ھو.

گل حسن جي رھائش لياري جي مختلف علائقن ۾ پڻ رھي آھي. ھن ايس ايم آرٽس ڪاليج مان 1976 ۾ انٽر ۽ ساڳين ڪاليج مان 1978 ۾ بي اي جي تعليم حاصل ڪئي. ڪراچي جو لياري وارو علائقو مزدور پيشه سرفروشن جو علائقو رھيو آھي، جن ھميشه پاڻ کي نه صرف سنڌ جي اشوز سان ڳنڍي رکيو آھي، پر وقت جي آمرن سان اکيون اکين ۾ ملائي مزاحمت پڻ ڪئي آھي. لياريءَ جي انھي انقلابي مزاج گل حسن جي شخصيت کي پڻ متاثر ڪيو، جنھنڪري ھن سموري زندگي اقتداري ڌرين سان گڏجي اقتدار جا مزا ماڻڻ بدران عوام سان گڏ رھي عوامي جدوجھد کي ترجيح ڏني.

گل حسن کي سموري سنڌ سان عشق ھو پر مومن مليرائيءَ جي ملير سان سندس عشق ڪجهہ سوايو ھو. ملير جي زرخيز زمينن جي والار، ريتي ۽ بجري جي کڄڻ سبب ٿيندڙ ماحولياتي گدلاڻ ۽ جر جي پاڻي جي ختم ٿيڻ سبب ۽ مقامي ماڻھن جي بي وسي ۽ سندن وسيلن جي ڦر مار کيس سڪون سان سمھڻ نه ڏنو ھو. ھن ملير جي متحرڪ سياسي شخصيتن يوسف مستي خان، سيد خدا ڏنو شاھ، الاھي بخش بڪڪ، رخمان گل پالاري، غلام رسول بلوچ ۽ ٻين سان گڏجي ملير انڊيجنيس رائيٽس جو بنياد وجهي ٻاھران آيل مافيائن خاص ڪري ملڪ رياض جي بحريا ٽائون ۽ سندن مقامي دلالن خلاف سياسي جدوجھد شروع ڪئي. نتيجي ۾ کيس بغاوت جي ڪيسن کي منھن ڏيڻو پيو جن کي جوانمردي سان منھن ڏنائين.

گل حسن ڪلمتي ڪاليج واري دور کان ئي لکڻ پڙھڻ شروع ڪيو. ستر واري ڏھاڪي جي آخري سالن ۾ پنھنجي محبوب علمي ادبي دوست مرحوم نور احمد جوکيو (جيڪو ڦوھ جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو) سان گڏجي سائيڪلو اسٽائل ۾ ناراٿر پبليڪشن جو اجراء ڪيائين. ”نارا ٿر“ پبليڪيشن جي ذريعي گل حسن ۽ سندس ساٿين علائقي جي تاريخ ۽ لوڪ ادب کي سيھڙڻ شروع ڪيو ۽ پاڻ جبران بلوچ جي قلمي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين. سرسبز گڏاپ ۽ مومن مليرائيءَ جي ماڳ ملير جي علمي ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ گل حسن ڪلمتي جو وڏو ڪردار رھيو آھي. ھن نارا ٿر پبليڪشن جي ذريعي علائقي جي نوجوانن ۾ علم و ادب جو شوق پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.

گل حسن ڪلمتي جو دسترخوان ڪشادو ھو. سندس علمي ادبي دوستن جو وڏو حلقو ھو، انھيءَ ڪري ڳوٺ عرضي بلوچ گڏاپ ۾ ھميشه ميڙو متل ھوندو ھو. 27 مئي 2023 تي سندس مرتئي کان پوء سندس اوطاق ۽ ڳوٺ عرضي بلوچ جا سرسبز قدآور وڻ پڻ سموري سنڌ سميت سوگوار آھن..!

اڄ به گل حسن جو ڪيتروئي اڻ شايع ٿيل تحقيقي مواد سندس خاندان وٽ موجود آھي. سندس شايع ٿيل تحقيقي مواد اڃان به مختلف مئگزينن ۾ ٽڙيل پکڙيل موجود آھي. ضروري آھي ته انھيءَ سموري مواد کي ھڪ ھنڌ جمع ڪري ڪتابي شڪل ۾ آندو وڃي ته جيئن ضايع ٿيڻ کان بچي سگهي ۽ ايندڙ وقت جا محقق انھيءَ مان فائدو وٺي سگهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close