تعارف:
آمريڪا ۾ ڄاول ۽ پليل عمل-پسنديت (Pragmatism) فلسفو اسان جي مجرد خيالن ۽ نظرين جي عملي نتيجن تي زور ڏئي ٿو. ھن مطابق اسان جا خيال، نظريا، مادي شيون، سماجي لقاء ۽ قدر بذاتِ خود سٺا يا خراب نہ آهن، پر جيستائين انھن جي تجربن ۽ عملن جي ڪسوٽي تي پرک نہ ٿي ٿئي ۽ لاڳاپيل نتيجا انھن جي اھميت ۽ قدر قيمت طئہ نہ ٿا ڪن، تيستائين انھن کي قبول يا رد نہ ٿو ڪري سگهجي.
ھن فلسفي آمريڪا جي ماڻھن جي فلسفَي، زندگي گذارڻ جي نظرئي، سياست ۽ ثقافت تي تمام گھرا اثر ڇڏيا آھن. عمل-پسندن جو خيال آهي تہ حقيقي علم اھو آھي، جيڪو ھڪ ڪارائتو اوزار بڻجي عملي زندگيءَ جا مسئلا حل ڪري ۽ ماڻھن کي پنھنجي زندگيءَ جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري؛ جيڪو علم، نظريو، فلسفو ۽ ثقافتي قدر ايئن نہ ٿو ڪري، اھو بيڪار ۽ دقيانوسي آھي.
ھي فلسفو اڪثر ڪري سچائيءَ جي نوعيت بابت روايتي فلسفيانہ بحثن کي رد ڪندڙ آھي، پر انھن جي بدران سائنسي تجربن ۽ تصديق وسيلي دنيا ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ھن مقالَي ۾ ھن فلسفي جي تاريخي پس منظر، اصولن، ٻين شعبن تي اثرن، ھن تي ٿيندڙ تنقيد ۽ نتيجي بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
تاريخي پسمنظر:
عمل-پسنديت (Pragmatism) فلسفو آمريڪا ۾ 19ھين صديءَ جي آخر ۾ ظاهر ٿيو ۽ فلسفي جي دنيا ۾ 20ھين صدي جي شروعات ۾ مقبول ٿيو. ھونئن تہ ھن فلسفي کي آمريڪا جي ٽن فلسفين چارلس سينڊرس پيئرس (1839-1914)، وليم جيمس (1842-1910) ۽ جان ڊيوي (1859-1952) ڏانھن منسوب ڪيو ويندو آهي پر ھن جو باني چارلس سينڊرس پيئرس کي ڪوٺيو ويندو آهي، سندس تحريڪ ۽ خيالن کي وليم جيمز سڌاري فلسفي جي صف ۾ بيھاريو، جڏھن تہ جان ڊيوي وري ھن فلسفي کي تعليم تي لاڳو ڪري دنيا ۾ مشھور ڪيو.
چارلس سينڊرز پيئرس، جنھن کي ھن فلسفي جو باني سمجهيو ويندو آهي، موجب ڪنھن تصور يا خيال جي معنيٰ ان جي عملي نتيجن سان طئي ٿيندي آهي. ٻين لفظن ۾ اسان پنھنجن تصورن، نظرين، عملن توڙي دنيا جي شين جا ملُھ ۽ قدر ٻئي ڪنھن بہ طريقي سان طئہ نہ ٿا ڪري سگهون پر سائنسي طريقيڪار سان انھن جي ٺيڪ ٺيڪ پيمائشن بعد عام زندگيءَ ۾ آزمائڻ کان پوءِ سندن موزون يا غير موزون نتيجن جي بنياد تي طئہ ڪري سگهون ٿا.
وليم جيمس، جيڪو نفسيات، فلسفي ۽ مذهب ۾ اھم سند سمجهيو ويندو آهي، جو خيال هو تہ علم ۽ سچائيءَ جو تعلق ھر فرد سان نسبتي ھوندو آهي. جان ڊيوي عمل-پسنديت فلسفي جو وڏو وڪيل ھو؛ سندس خيال ھو تہ سچائي، خاص طور سماجي سچائي، سدائين کان مقرر يا اڻ تبديل ٿيندڙ ناھي پر ارتقا، تبديلي ۽ تغير ان جا بنيادي گڻ آھن ۽ اھا اسان جي سماجي اثرن، رابطن ۽ نتيجن تي انحصار ڪري ٿي. ھن ان فلسفي جي اصولن کي تعليم تي لاڳو ڪيو ۽ آمريڪا ۾ مخصوص سماجي قدرن جي سڌارن جو بنياد وڌو؛ ھن ھڪ فلسفِي ۽ تعليمدان ھجڻ جي ناتي ان ڳالھ تي زور ڀريو تہ جھڙي طرح علم ۽ سچائي اڻ تبديل ٿيندڙ نہ آھن پر ھميشہ ارتقا پذير آھن، انڪري تعليمي ادارن ۾ مقرر ۽ طئہ ٿيل نصاب نہ ھجڻ گهرجي پر ان کي ھر شاگرد جي ضرورتن جي لحاظ کان لچڪدار ھجڻ گهرجي؛ تعليمي نصاب جو مقصد ٻارن ۾ جمهوري رويا ۽ تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻ، حواسي مشاھدن، سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل کي فروغ ڏيڻ ۽ روزمره جي مسئلن کي کليل ۽ تنقيدي ذھن سان حل ڪرڻ ھجڻ گهرجي تہ جيئن ٻار مستقبل جي اڻڏٺل مسئلن کي حل ڪري سگهي.
مٿين ڏاھن جي نظرين ۽ تعليم جو ڳر اھو ھو تہ اسان جا سماجي عقيدا توڙي اخلاقي قدر بذات خود سٺا يا خراب نہ آھن، ان ڪري اھو ضروري آھي تہ انھن جا مُلھ پڻ سماجي تجربن وسيلي پرکيا وڃن، جيڪڏھن عملي زندگيءَ ۾ اھي اسان لاءِ ڪارگر ثابت ٿين ٿا تہ پوءِ ڀلي انھن تي يقين ۽ عمل ڪرڻ گهرجي.
عمل- پسنديت جا اصول:
• مشاھداتي ۽ تصديقي طريقہ ڪار: ھي فلسفو سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل تي يقين رکي ٿو، يعني معروضي ۽ ثبوتن جي بنياد تي شين کي قبول ۽ رد ڪرڻ جو حامي آهي.
• تجرباتي طريقہ ڪار: اسان جا تصور ۽ خيال اھي اوزار آھن، جيڪي اسان جي روزمره مسئلن کي عملي طور حل ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪن ٿا، ان ڪري انھن جو بنياد سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل سان ٺھڪندڙ يعني مشاھداتي، تنقيدي ۽ تجرباتي ھجڻ گهرجي.
• غلطي جي گنجائش تسليم ڪندڙ: ھي فلسفو چوي ٿو تہ ڪابہ شيءِ يا ڪا بہ سچائي اڻ تبديل ٿيندڙ نہ آھي، پر ھر وقت ارتقا ھيٺ ۽ تبديل ٿيندڙ آھي، ان ڪري ڪي بہ اصول، اخلاق ۽ قدر دائمي نہ آھن.
• گهڻ رخو طريقہ ڪار: ھن فلسفي جا حامي دقيانوسيت کي رد ڪندڙ، ارتقا تي يقين رکندڙ، شين ۽ قدرن بابت ماڻھن جا مختلف توڙي ابتڙ نظريا ۽ رايا رکڻ کي تسليم ڪندڙ آھن.
• عمل- پسنديت جو محاورو: چارلس سينڊرس پيئرس مطابق ڪنھن خيال جي قيمت ۽ قدر ان جي عملي نتيجن مان ظاھر ٿيندي آھي.
ھن فلسفي جو ٻين شعبن تي اثر:
سياست ۾ ھي فلسفو ھڪ نقطي يا نظرئي تي اٽڪي بيھڻ بجاءِ موجود ادارن ۽ نظامن ۾ سمجهوتي جي فضا برقرار رکڻ جو حامي آھي، تہ جيئن قومي مفادن وارا عملي ۽ ديرينہ مقصد حاصل ڪري سگهجن. تعليم جي شعبي ۾ جان ڊيوي جي فلسفي ھيٺ شاگرد-دوست تدريسي طريقا جھڙوڪ مشاھداتي سکيا (Experiencial Learning)، حل-مسئلي طريقو (Problem-solving Method)، دريافتي طريقو (Discovery Method) ۽ پروجيڪٽ طريقو (Project Method) متعارف ڪيا ويا؛ ھن فلسفي ھيٺ شاگردن طرفان معلومات کي طوطي وانگر رٽڻ بدران سندن پيدائشي لياقتن کي دريافت ڪري انھن جي مٿين طريقن سان ڀرپور نشونما تي زور ڏنو ويندو آھي. نفسيات جي شعبي ۾ اپلائيڊ سائيڪالوجي کي ھٿي ملي ۽ مؤثريت (Functionalism) جو نظريو متعارف ٿيو، جنھن ۾ ماحول جي مطابقت سان پاڻ کي ڍالڻ جو اڀياس ڪيو ويندو آهي. ھن وقت تائين ھن فلسفي جي زد ۾ مذھبي ۽ اخلاقي قدر وڌ ۾ وڌ آيا آھن.
عمل-پسنديت تي تنقيد:
جيئن تہ ھي فلسفو ڪنھن بہ مقرر، اڻ تبديل ٿيندڙ يا مطلق سچائي تي يقين نہ ٿو رکي، ان ڪري ھڪڙا ڏاھا ھن ڪوتاھيءَ جي حوالي سان ھن تي تنقيد ڪندا رھيا آھن. جڏھن تہ ٻين جو خيال آهي تہ ھڪ پاسي ھن فلسفَي جي عملن ۽ نتيجن تي لاھي پاھي انحصار ڪرڻ جي ڪري سماجي اخلاقيات جو نظام درھم برھم ٿئي ٿو، تہ ٻئي پاسي وري ھي فلسفو روايتي فلسفيانہ طريقي، علم ۽ علمي بحثن کي نظر انداز پڻ ڪري ٿو.
نتيجو:
عمل-پسنديت ھڪ فلسفيانہ تحريڪ طور آمريڪا ۾ 19ھين صدي جي آخر ۾ ظاهر ٿي ۽ فلسفي طور 20ھين صدي جي شروعات ۾ مقبول ٿيو. ھي فلسفو مجموعي زندگي يا ثقافت جھڙوڪ آرٽ، ادب، سياست، معاشيات ۽ اخلاقيات تي اثرانداز ٿيو آھي. ھن مطابق اسان جا خيال، نظريا، مادي شيون، سماجي لقاء ۽ قدر بذات خود سٺا يا خراب نہ آهن، پر جيستائين انھن جي تجربن ۽ عملن جي ڪسوٽي تي پرک نہ ٿي ٿئي ۽ لاڳاپيل نتيجا انھن جي اھميت ۽ قدر قيمت طئہ نہ ٿا ڪن، تيستائين انھن کي قبول يا رد نہ ٿو ڪري سگهجي. ٻين لفظن ۾ ھي فلسفو سماجي زندگيءَ ۾ سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل جو حامي آهي؛ اھو اسان کي وسيع النظري جو درس ڏئي ٿو ۽ اسان کي ان قابل بڻائي ٿو تہ جيئن اسان سماجي مسئلن کي سائنسي اڀياس وسيلي بھترين طريقن سان حل ڪري پنھنجي زندگيءَ کي بھتر بنائي سگهون. ھن مقالي کي شاعر مشرق علامه اقبال جي لفظن ۾ جيڪڏھن سوڙھو ڪجي تہ ڪجهہ ھن ريت وڃي بيھندو:
عمل سے زندگی بنتی ہے جنت بھی جہنم بھی،
خاکی اپنی فطرت میں نہ نوری ہے نہ ناری ہے۔
(ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو جي ڪتاب ’دنيا جا مشھور فلسفا‘ تان ورتل)