ڳاڙھو آسمان

عومر درویش (سنڌيڪار: امر گل)

هن تصوير ۾ آؤن ۽ منهنجو ٽن سالن جو پٽ زامران برسات کان پوءِ ٿڌو نئَين جي ڪناري تي بيٺا آهيون. هيءَ تصوير اسان جي بي خبريءَ ۾ ورتي وئي آهي. آئون ۽ زامران ڪچهري ڪري رهيا آهيون. ھو ضد پيو ڪري تہ کيس نئَين ۾ وھنجڻو آھي. شام جو وقت آهي، موسم ۾ ٿوري ٿڌ آهي ۽ آئون بار بار کيس ٽارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ھي مِينھن وسڻ کان پوءِ سج لٿَي جي سڪون واري ماحول جو ھڪ خوبصورت لمحو آھي، جيڪو اسان جي مٿان ڪينواس ۾ هڪ خوبصورت منظر کي جنم ڏئي ٿو. اهڙا منظر اسان جھڙن ساحلي پٽيءَ جي ويجهڙائيءَ ۾ رھندڙن لاءِ نوان نه آهن. سرخ رنگن ۾ رڱيل آسمان رت ھاڻِي مزاحمت جي ياد ڏياريندڙ آهي. اهو سامونڊي ڪناري جي رهاڪن لاء هڪ عام منظر آهي. اهو وقت ۾ ڄمي ويل هڪ لمحو آهي.

ان گَٺل ۽ مُدَي خارج تصور جي ابتڙ، جنھن ۾ ساحلي ماڻهن کي سُست يا مزاحمتي مزاج کان وانجهيل ماڻھو چيو ويندو آهي، تاريخ بار بار ثابت ڪري ڏيکاريو آهي تہ ھتي قومن جا گمنام هيرو رهيا آهن. ها، پر تاريخ جنھن کي ظاھر ڪري وجهي ٿي، تہ اھو گمنام نٿو رھي. تاريخ جيڪو ڪجهہ لکندي آهي، تنھن کي چِٽَي ڏينھن وانگر رهندي دنيا تائين ڪوبہ مٽائي نٿو سگهي. بس ڪنڌيءَ تي ويھِي ڪو ڌيان سان لهرن جي آواز کي ٻُڌَي، جڏهن اهي ڪاوڙ وچان ڪناري سان ٽڪرائجن ٿيون تہ طوفان پيدا ڪري ڇڏين ٿيون، اهو ئي مثال ساحل جي ڀرسان رهندڙ ماڻهن جو آهي. ٿڌا رھن تہ سمنڊ ڪناري صحرائن جھڙي خاموشي.. پر جڏهن پنھنجيءَ تي اچن تہ چڱن ڀلن کي مڃائي مات ڪن.

ڪير آهي، جيڪو حمل جيئند جي نالي کان واقف نه هوندو، جڏهن پرتگالي قزاق عربن جي ساحل کي تاراج ڪري هندستان جي شھر گوا تائين پھچن ٿا، هڪ بلوچ ساحل سندن پھچ کان ٻاهر رهي ٿو، ڇو تہ ھي حمل جيئند جھڙي ارڏي ساحلي جوان جو ديس آھي. اھو حمل جيئند، جيڪو ايڏو تہ سورهيائيءَ سان وڙهي ٿو جو پرتگالي بہ کيس سلام پيش ڪن ٿا، گوا ۾ ان جو مجسمو ٺاهين ٿا ۽ سندس بھادري جا داستان ٻڌائن ٿا.

ڪير آهي، جنهن چاڪر ڪلمتيءَ جو نالو نه ٻڌو هجي، جڏهن ھرڪو انگريز سامراج جي ڊپ کان ساھ سڪائي ڪنڊائتو ٿي ويھي رھي ٿو، تڏهن چاڪر پنهنجن ساٿين سان گڏ انھن سان مھاڏو اٽڪائي جنگ جوٽي ٿو ۽ ڦاھيءَ جي ڦندَي کي چُمِي، هميشہ لاءِ امر ٿي وڃي ٿو.. ۽ ڀلا مورڙَي ميربحر جي قصي کان ڪھڙو تاريخ پڙھيو شخص اڻ واقف آهي – اھو ئي تہ ساحل ۽ ساحل جو انداز آھي.

ساحلي زندگي پنھنجي اندر هڪ منفرد ڇِڪ رکي ٿي، موجن جي وهڪرَي، اُڇل، سرڪشي ۽ جولانيءَ سان ان جو ھڪ دلي رشتو آھي، جيڪو خود زندگيءَ جي وهڪري جي عڪاسي ڪري ٿو. اهو زندگيءَ جو هڪ ڍنگ آهي، جيڪو مٿاڇري تي سانت لڳي سگهي ٿو، پر سمنڊ جي پرسڪون سطح جي هيٺان هڪ مضبوط روح آهي، جنهن انيڪ طوفانن کي منهن ڏنو آهي.

هن تصوير ۾ نظر ايندڙ اسان جي چوڌاري ڳاڙهو آسمان صرف هڪ خوبصورت پس منظر ناهي، اهو مزاحمت جي علامت آهي، جيڪو ساحلي ماڻهن جي رڳن ۾ ڊوڙندو آهي. ساحلي ماڻهن تي هميشہ اهو ليبل لڳايو ويو آهي تہ اهي غير مزاحمتي آهن، منجهن مزاحمت ڪرڻ جي صلاحيت نه آهي، پر حقيقي مزاحمت هميشہ اتان ئي اڀري آئي آهي. جن مزاحمتن تي قومون فخر ڪن ٿيون، اڪثر انھن جون پاڙون ساحلي علائقن ۾ کُتل هونديون آهن.

ان افسانوي ۽ ھٿ ٺوڪيي تصور کي ختم ٿيڻ گهرجي تہ ساحلي ماڻهو ڪنهن نہ ڪنهن لحاظ کان ڪو گهٽ قابل يا گهٽ محنتي آهن. حقيقت ۾ انهن ماڻهن تاريخ ۾ قومن جي دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. نگرانيءَ لاءِ اسٽريٽجڪ جڳھون مهيا ڪرڻ کان وٺي سامونڊي محافظن جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ تائين، ساحلي رهاڪن مسلسل پاڻ کي ثابت ڪيو آهي.

اسان کي ياد رکڻ گهرجي تہ تصوير ۾ نظر ايندڙ ڳاڙهَي آسمان وانگر، مزاحمت جا حقيقي رنگ اڪثر ڪري سڀ کان وڌيڪ دلڪش ۽ خوبصورت منظر چٽيندا آهن ۽ انھن کي ريٽو رت ارڏائيءَ جي سمنڊ جا ساحل ئي ڏيندا آھن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close