توهان کي پنج سولا طريقا ٻڌائجن ٿا، جن سان توهان پنهنجا خواب حقيقت ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا.
منهنجو دوست ڊان پاڻ کي موسيقار سمجهندو هيو. جيتري قدر مون کي ياد ٿو اچي، ته هاءِ اسڪول جي زماني ۾ هو تنبورو به وڄائيندو هيو ۽ ڳائيندو به هيو، پر نه هن جو آواز سٺو هيو، نه ئي هو موسيقيءَ ۾ چڱو هيو.
سال گذري ويا ۽ اسان جو هڪ ٻئي سان رابطو ختم ٿي ويو. مان يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪري فلسفي ۾ پروفيسر ٿي ويم ۽ ڊان پنهنجي خواب کي حقيقت بڻائيندي ڳائڻو ۽ گانا لکندڙ بڻجي ويو ۽ ٽينسي اسٽيٽ ڏانهن شفٽ ٿي ويو.
هڪ دفعو اتي شفٽ ٿيڻ کان پوءِ ڊان پنهنجي تمام محدود وسيلن مان هڪ پراڻي ڪار ورتي، جنهن ۾ ئي هو سمهندو هيو. هو رات جو ڪو نه ڪو ڪم ڪندو هيو، جيئن ڏينهن جو رڪارڊنگ ڪمپنين وٽ وڃي سگهي.
آهستي آهستي هو گٽار وڄائڻ به سکي ويو. سال گذرندا ويا. هو راڳ لاءِ رياض ڪندو رهيو، گانا لکندو رهيو ۽ دروازن تي دستڪ ڏيندو رهيو.
هڪ ڏينهن فون تي، هڪ دوست ڳالهائي رهيو هيو، هو ڊان کي به چڱيءَ طرح سڃاڻيندو هيو. ”هي ٻڌ“ هن چيو ۽ پوءِ فون اسپيڪر جي ڀرسان جهلِي ته هڪ سٺو گانو ٻڌڻ ۾ آيو. آواز به ڀلو هيو. ”ڊان جو لکيل اٿئي ۽ ڳايو به ڊان اٿئي ۽ خبر اٿئي اڄڪلهہ اهو گانو هٽ لسٽ تي آهي.“ دوست مون کي ٻڌائڻ لڳو.
مون کي يقين نه ٿي آيو ته ڪو ڊان گانو لکيو به آهي ۽ رڪارڊ به ڪرايو آهي. همراھ نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيو.
ٻئي دفعي هڪ ٻي دوست مون کي ٻڌايو ته ڪيني روجرس (Kenney Rogers) جو ڳايل گانو ”جواري“ به ڊان جو لکيل آهي.
ان کان پوءِ ڊان جا 23 گانا واري سر پهرين نمبر تي رهيا. اها هن جي جوانيءَ جي خوابن جي تڪميل هئي، جيڪا وڏي جدوجهد کان پوءِ هن حاصل ڪئي هئي.
جيڪا ڳالهه ڊان لاشعوري طور تي ڪئي هئي، دراصل اها ڪن اصولن تي ٻڌل هئي، جي مون انسان جي ذاتي ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ جي باري ۾ دنيا جي بهترين ادب مان ڳولي ڪڍيا آهن. مون ڏٺو ته پنج بنيادي ضرورتون آهن، جن جي پورائيءَ سان اسين زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا.
1. پنهنجين مقصدن ۽ آدرشن کي واضح ڪيو
ڪاميابيءَ لاءِ جدوجهد ڪنهن مقصد جي مقرر ڪرڻ کان پوءِ ئي شروع ٿيندي آهي. ڪنهن ڏاهي چيو هيو: ”جي توهان کي اها خبر ڪانهي ته توهان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي، ته پوءِ توهان کي نهايت احتياط ڪرڻو پوندو، ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته توهان اتي پهچو ئي نه.“
ماڻهن جي اڪثريت زندگيءَ ۾ ايئن ڀٽڪندي رهندي آهي، جيئن ڪي ماڻهو ننڊ ۾ گهمندا آهن. نه منزل جي خبر، نه ڪو اتي پهچن جو ارادو۔۔ هر ڏينهن هو ڄاتل سڃاتل وهنوار شروع ڪندا آهن پر ڪڏهن به پاڻ کان اهو سوال نه پڇندا آهن ته ”هو پنهنجي زندگيءَ سان ڇا ڪري رهيا آهن؟“ انهن کي اها به خبر نه هوندي آهي ته هو ڇا ڪري رهيا آهن، ڇو جو هنن ۾ مقرر ٿيل مقصد جي شديد کوٽ هوندي آهي.
منزل مقرر ڪرڻ دراصل قوت اراديءَ کي ڪنهن هڪ طرف طاقت سان استعمال ڪرڻ جي برابر هوندو آهي. سڀ کان اڳ ۾ توهان جي ذهن ۾ اها ڳالھ صاف هئڻ کپي، ته توهان ڇا ٿا چاهيو. پنهنجا مقصد پني تي تاريخ وار واضح نموني لکڻ شروع ڪيو. ڪن شين کي حاصل ڪرڻ بجاءِ، پنهنجين انهن خواهشن جي باري ۾ لکو، جيڪي تخليقي هجن ۽ جيڪي ڪنهن نه ڪنهن عمل ۾ واڌارو ڪن. اهڙا مقصد مقرر ڪريو، جن جي پورائيءَ سان اصلي سڪون توهان کي ملي.
اهو ضروري آهي ته توهان پاڻ کي تصوراتي طور تي اهو مقصد پورو ڪندي ڏسو. هارائيندڙ ماڻهن کي رڳو هار جون خواريون ئي اڳ ۾ نظر اينديون آهن، پر کَٽندڙ جيت جو مزو اڳ ۾ ئي تصور ۾ وٺندا آهن. اها ڪيفيت مون ڪامياب رانديگرن، وڏن ڪامياب واپارين ۽ عوامي ليڊرن ۾ خاص طور تي محسوس ڪئي آهي.
اها ساڳي ڳالھ مون پاڻ تي به آزمائي آهي. مون کي هوائي سفر کان شديد ڀؤ ٿيندو هيو. دوست مون کي انگ اکر ٻڌائي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هيا، ته هوائي سفر روڊ جي سفر کان بهتر آهي، پر انهن دليلن سان مون تي ڪو به فرق نه ٿي پيو. مون حادثن بابت ڪافي مضمون پڙهيا هئا. اهي خطرناڪ نظارا چٽيءَ طرح منهنجي اکين آڏو ڦريا ٿي. سو مون ڄڻ لاشعوري طور تي پاڻ کي جھاز جي سفر کان پري ڪري ڇڏيو هيو.
پوءِ هڪڙي اونهاري ۾ مون کي ڪجهہ دوستن آفر ڪئي ته ساڻن گڏ هڪ ذاتي جهاز ذريعي هڪ جزيري تي موڪل ملهايان. مون به اهڙو موقعو وڃائڻ نه ٿي چاهيو. سو سفر کان ٻه هفتا اڳ ئي مون هڪ بهترين فضائي سفر جو تصور ڪرڻ شروع ڪيو. جڏهن اهو ڏينهن آيو ته آئون هلڻ لاءِ بيتاب هيس ۽ ان ڳالھ تي سڀئي حيران هيا ته آئون ڪيئڻ جھاز ۾ سفر ڪيو ۽ ان سفر جو مون هڪ هڪ منٽ انجواءِ ڪيو هيو. اها ساڳي ٽيڪنڪ اڃا تائين مان ڪڏهن ڪڏهن استعمال ڪندو آهيان.
2. انهن ماڻهن جي مدد حاصل ڪريو، جن کي توهان کان وڌيڪ ڄاڻ هجي.
منهنجو پيءُ 17 سالن جو هيو، جڏهن هو ڳوٺ ڇڏي شهر لاءِ روانو ٿيو هيو ۽ جڏهن هو پهرين دفعو جھاز جي ڪمپنيءَ ۾ نوڪريءَ جي انٽرويوءَ لاءِ ويو، ته هن کان پڇيو ويو ته هو ڇا ٿو ڪرڻ چاهي، ته هن وراڻيو هيو ته هو هر شيءِ ڪندو. هن انٽرويو ڪرڻ وارن کي ٻڌايو، ته سندس مقصد آهي ته هو فيڪٽريءَ جو هر ڪم سکي. هو هر کاتي ۾ ويو ۽ ان جي ڪم ڪار ۾ عبور حاصل ڪيائين. جڏهن سپروائيزر کيس ٻڌايو ته سندس ڪم بهترين آهي ته هو وري ٻي ڪنهن کاتي ۾ ٿي ويو، جتي کيس نئين سر شروعات ڪرائي ٿي وئي. جنرل مئنيجر سندس هن غير روايتي ڳالھ تي کيس اهڙي اجازت ڏني ٿي. 20 سالن جي عمر ۾ هو سڄي فيڪٽريءَ جي ڪم ڪار کي سمجهي چڪو هيو ۽ عمر ۾ ايڇ ٽي مورس شاندار پگهار تي هڪ نئون جھاز ڊزائن ڪري رهيو هيو. جڏهن به هو ڪنهن نئين کاتي ۾ ٿي ويو ته هن انهن ماهرن جي قريب ٿيڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، جيڪي اتي شروع کان وٺي هيا. ٻيا نوان سيکڙاٽ انهن کان دور رهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ڇو جو هو انهن جي آڏو بلڪل ٻار ٿي لڳا.
منهنجي پيءُ هر اهو سوال، جيڪو سندس ذهن ۾ ايندو هيو، سو هنن کان پڇيو ٿي. هو هن نوجوان کي آهستي آهستي پسند ڪرڻ لڳا ۽ کيس پنهنجي مهارت جا ڳجهہ ٻڌائڻ لڳا، جن جي ٻين کي بلڪل خبر ئي ڪو نه هئي. اهي ماهر هن جا استاد بڻيا.
توهان جو مقصد حيات ڪهڙو به هجي. پر توهان انهن ماڻهن سان رابطي ۾ رهو، جيڪي توهان کان وڌيڪ ڄاڻيندا آهن. پنهنجيون ڪوششون انهن جي لائين تي لڳائي ۽ آهستي آهستي انهن ۾ واڌارو ۽ ترقي آڻيو.
3. پنهنجي تصوراتي خاڪي تي مضبوط قوت اراديءَ سان مسلسل ڪم ڪريو.
ڪجهہ سال مون ذاتي ۽ ڪاروباري ناڪاميءَ تي ڪافي کوجنا ڪئي ۽ اهو نتيجو اخذ ڪيو ته ان جو بنيادي سبب اهو ذاتي تباھ ڪُن رويو هيو، جنهن ۾ انسان جي سوچ ۽ عمل ان جي ذاتي مقصد سان مطابقت ئي نه رکي.
مثال طور هڪڙو سيلزمين جيڪو ترقي ڪرڻ به چاهيندو هجي ۽ گراهڪن سان سندس رويو به نامناسب هجي، يا ڪو نوجوان روزگار چاهيندو هجي پر ويٺو سڄو ڏينهن ٽي وي ڏسي.
ڪيترا سال اڳ مون اهو فيصلو ڪيو ته هڪ سٺو ليکڪ ٿيندس. ڪيترن مهينن تائين آئون لکت جي موضوع تي ڪتاب پڙهندو رهيس، سٺن ليکڪن سان ملندو رهيس ۽ پنهنجو پاڻ کي تصور ۾ هڪ سٺو ليکڪ سمجهڻ لڳم. پر آءٌ سڀ کان اهم قدم اڳتي وڌائڻ ۾ ناڪام رهيس. اهو هيو حقيقي طور لکڻ. جڏهن مون محسوس ڪيو، ته منهنجو سمورو عمل منهنجي اصلي مقصد کان صفا هٽيل آهي ته مون ٻيهر لکڻ شروع ڪيو. ڪامياب ۽ ناڪام ماڻهن ۾ فرق فقط لياقت جو نه، پر لاڳيتي جفاڪشيءَ جو هوندو آهي. ڪافي ذهين ماڻهو جلد ئي هارائي ويهندا آهن. آخر باربار ڪير شڪست کائڻ جي رسڪ کڻندو؟ پر اصل ۾ گهڻا ڪامياب ماڻهو آسانيءَ سان ڪنهن ڳالھ تان دستبردار نه ٿيندا آهن.
4. ڪنهن نه ڪنهن ڳالھ سان جذباتي وابستگي قائم رکو.
ڪنهن به گھري جذباتي وابستگيءَ کان سواءِ ڪنهن به خواب جي تعبير لاءِ لوڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڪنهن به وڏي ڪاميابيءَ لاءِ وڏي رسڪ کڻڻي پوندي آهي، پوءِ اها چاهي معاشي هجي، سماجي هجي يا جسماني، پر انهن سڀني سان گڏوگڏ جذباتي رسڪ هميشه موجود هوندي آهي. اسان کي ان ڳالھ جي ضرورت هوندي آهي ته اسان ذهني طور تي انهن ڪمن ڪرڻ لاءِ تيز هجون، جيڪي اڳ ڪنهن به ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪئي هجي. جيڪڏهن زندگيءَ جي راند ۾ کٽڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان سلامتيءَ واري طريقي سان کيڏي نه ٿا سگهو.
هڪڙي سال فٽ بال جا 29 رانديگر بطور شاگرد مون وٽ فسلسفي جي شروعاتي ڪلاسن ۾ پڙهڻ آيا. پر پهرين امتحان ۾ انهن مان اڪثر فيل ٿي پيا. مون سوچيو ته هي مان ڇا ٿو ڪيان؟ مان هنن کي پڙهائڻ ٿي چاهيو، پر کين پاس ٿيڻ جوڳو گريڊ نه ڏئي سگهيو آهيان.
پوءِ مون هڪڙي ڪلب کولي، انهن شاگردن لاءِ، جن گريڊ D يا انهيءَ کان به گهٽ مارڪون کنيون هيون. اسان جو نعرو هيو ته ڀلي توهان جو ڪهڙو به گريڊ هجي پر پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي گهمو ۽ خميس جي رات جو ڪلب ۾ اچي پڙهو.
50 جي ويجهو شاگرد آيا. اهي سڀئي راند جي ميدان ۾ ڪامياب هيا پر هتي پڙهائيءَ ۾ کين شڪست ڏسڻي پئي هئي. انهن لاءِ پڙهائي ڇڏڻ نهايت آسان هئي.
پر مون کي فلسفي بابت خيال هيو ۽ انهن شاگردن جو پڻ مون کي احساس هيو. انهن ٻنهي شين بابت منهنجو جذبو ۽ وابستگي مسلسل رهي. آهستي آهستي اهي شاگرد ان ڳالھ کي سمجهڻ لڳا.
نتيجو حيرت انگيز هيو. اهي شاگرد جيڪي فيل ٿيا هيا، تن پهريون گريڊ کنيو ۽ جن جو ڊي گريڊ هيو تن سي ۽ بي گريڊ حاصل ڪيو هيو. ان مان مون کي بي انتها خوشي حاصل ٿي.
5. پنهنجن مقصدن جو ٻيهر جائزو وٺندا رهو ۽ انهن کي نئون ڪندا رهو.
پنهنجن مقصدن جي لسٽ ورائي ورائي پڙهندا ڪيو. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جيڪڏهن توهان ڪنهن به مقصد ۾ اصلاح آڻڻ چاهيو ٿا يا ان کان وڌيڪ بهتر ڪم اڳ ۾ ڪرڻ چاهيو ٿا ته اها درستگي لسٽ ۾ ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن توهان ڪو مقصد ماڻيو يا ان طرف ڪو وڏو ڪامياب قدم کڻو، ته پاڻ کي داد ڏيڻ لاءِ ان جو جشن ملهايو، پوءِ ڀلي ته اهو کڻي ڪيتري به ننڍي پئماني تي ڇو نه هجي، چاهي ڪنهن هوٽل تي وڃي ڪو برگر ئي کائو. چاهي اها ڪهڙي به لطف واري ڳالھ هجي، پر فقط ان ڳالھ جي يادگيري طور هجي ته توهان ڪجهہ حاصل ڪيو آهي. جيئن ان کان اڳتي وڌڻ لاءِ توهان جي اندر ۾ اڃا به باھ وڌيڪ دکي. اهو هڪڙي قسم جو پنهنجو پاڻ کي ياد ڏيارڻ جو طريقو آهي ته توهان اڃا پنهنجي منزل طرف گامزن آهيو.
پر ان جو اختتام نه هئڻ کپي. ڪافي ماڻهو منزل حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٿڌا ٿي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن سال جو ڪامياب بزنس مين ٻي سال ۾ ماضيءَ جي ڳالھ بڻجي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪافي ڪامياب ماڻهو نظرن کان اوجهل ٿي ويندا آهن. انهن ۾ اڪثر ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن مقصدن کي نئين سر جوڙڻ جي اهميت کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هوندو آهي.
سو نوان مقصد مقرر ڪريو. اسان جون زندگيون ڪاميابيءَ لاءِ آهن. نه فقط انهن ڪاميابين مان مزو ماڻڻ لاءِ، پر انهن جي جستجوءَ لاءِ به. راحت فقط ڪنهن به شيءِ جي ڳولا ۾ هوندي آهي، نه ڪي ان شيءِ تائين پهچڻ ۾. انسان جي بناوت قدرتي طور تي اهڙي ٿيل آهي جو ان کي ڪنهن نه ڪنهن جستجوءَ ۾ رهڻ کپي. سو ڪنهن هڪ مقصد ماڻڻ کان پوءِ وري ڪنهن نئين مقصد سان نڪري پئجي.
ڪافي سالن تائين مان هڪ پراڻي جڳھ ۾ رهندو هيس. سيءَ دوران جڏهن مان ان جي پراڻي کوري جي گرمي وڌائڻ لاءِ ٿرمو اسٽيٽ کي وڌائيندو هيم ته ان کي پهريان ته ان ٽيمپريچر تائين پهچڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻ پوندي هئي، پر هڪ دفعو ان حد تائين پهچڻ کان پوءِ وڌيڪ گرمي ڪو نه وڻندي هئي. ساڳيو حال اسان انسانن جو هوندو آهي. انسان پنهنجي لاءِ مقرر ٿيل مقصد کان اڳتي وڌي نه سگهندو آهي. ان لاءِ اسان کي پنهنجن اميدن کي هڪ هنڌ نه بيهارڻ کپي. ڪنهن به منزل تي پهچڻ کان پوءِ وري ٻيو ڪو مقصد مقرر ڪجي.
جيڪڏهن توهان جي زندگي ٿڌي ٿي وئي آهي ته پوءِ ان لاءِ ڪجهہ ڪريو. ان کي ڪجهہ گرم ڪيو ۽ ڪنهن نه ڪنهن جستجوءَ ۾ جُنبي وڃو. زندگي انهيءَ لاءِ ئي ته آهي!
(انجنيئر شفقت حسين وڌو جي مرتب ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب ’ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي‘ تان ورتل)