خميسي جو ڪوٽ (ڪھاڻي)

جمال ابڙو

مان تن ڏينھين نماز پڙھندو ھوس. تھ سيارو ھوندو ھو، ھنڌ ۾ ويٺي ئي سئيٽر پائيندو ھوس. مٿان مفلر، ڪوٽ ۽ اوورڪوٽ. ٺِڪر جي ڪَونئرَي کي اڌ تائين ڪلر لڳو پيو ھوندو ھو. پاڻي اھڙو جو اصل پارو، ٿڌيءَ ھوا جا سوسٽ بدن کي ڄڻ ته چيريندا ٿَي ويا. ڪٻڙو ٿِي، ڏڪندو ٿڙڪندو، مسجد ڏي ويندو ھوس. ھيترين تڪليفن کان پوءِ خدا کي البت پنھنجو ڪري سمجهندو ھوس. ڀائيندو ھئس ته بي نمازي ڪھڙا نه بيڪار آھن. در کولي ٻاھر نڪرندو ھوس ته ٿڌ جو طوفان منھنجو فخر زوريءَ مون کان کسي ويندو ھو. زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ٿڌ کان سواء ٻيو ڪجھہ به نه ھوندو ھو.

ننڍڙو يارهن سالن جو خميسو اڳيئي مال وٺيو، ٻُوڙن ۾ بيٺو ھوندو ھو. کيس قميص ڪانه ھئي، پر ھڪ ٿڳڙين نڪتل گرم ڪوٽ پيو ھئس. ڪاري گوڏ ۽ مٿي تي ميرو ڪپھ جو ٽوپ. مٽر به ماڪ سان ڇانيا پيا ھوندا ھئا. ٻئي ھٿ ڪڇن ۾ وجهي، پيرن اگهاڙو پاڻ کان ڊگهي لٺ کنيون، سوڙھو ٿيو بيٺو ھوندو ھو. سندس کاڏي کڙڪندي ھئي. مونکي ڏسي دانھن ڪندو ھو، ”ھا مُلان!“ ھُو مون کي چيڙائيندو ھو، مان تڪڙو وڌِي ويندو ھئس ۽ ھو پٺيان چوندو رھندو ھو، ”مُلان..! مـُلان، او… مـُلان!“ مان اوور ڪوٽ جي ڪالرن کي ٺاھيندو الله ڏي ويندو ھئس ۽ ھو ڍورن ڏي.. مان وڃي شڪر ادائي ڪندو ھئس ۽ پنھنجي صحت ۽ خوشحاليءَ جي دعا گهرندو ھئس. ھو فصل جي سنڀال ڪندو ھو ۽ ڀيل ڪرائيندو ھو، ته سڙي نه وڃي.

”ھا مـُلان!“ ھُن سُر سان لانڍ ڪري چيو. اوندھ ۾ سندس ڪارن چپن مان اڇا چمڪڻا ڏند ظاھر ٿيا ۽ ھو ٽھ ٽھ ڪري کلڻ لڳو.

”بيھ ته سھي، تنھنجي خبر ٿو وٺان!“ مون ايئن چئي پَير وڌايو ۽ زور سان زمين تي ھنيو. ھو ڇرڪ ڀري وٺي ڀڳو.

ٽپا ڏيندو، مٽر لتاڙيندو، يڪ ساھيءَ ٽيھارو گام ڀڄي ويو. مـُڙي مون ڏي نھاريائين. وٺي ٽھڪ ڏنائين، ”آ ته خبر پوي!“ پوءِ ته ”مـُلان، مـُلان!“ ڪري وڌيڪ چيڙايائين.

ھڪ ڏينھن نيٺ مون کيس ٿڦ ھڻي ڪڍي. پھريائين ته وائڙو ٿي ويو، سمجهہ ئي نه پيس ته ڇو ايئن ٿيو. سندس کاڏي ٿورو جنبش ۾ آئي، چَپ ٻاھر نڪتا ۽…. ھـُو ڏاڍو رُنو…. پئي سڏڪا ڀريائين. مون کيس اڳي به وڙھندو ڏٺو ھو. کيس ڪو ماريندو ھو ته ھي به گاريون ڏيندو ھو، بُجا ڏيندو ھو ۽ پري ڀڄي پٿر ھڻندو ھو. ماءُ ۽ ڀاءُ کي به پٿر ھڻندو ھو. مون کي نڪي گاريون ڏنائين، نڪي ڀڄي ويو. بيٺو رھيو ۽ رئندو رھيو.

مـُلان الله اڪبر چيو. مان نماز پڙھي موٽيس ته به پئي رنو. مون گهڙي کن بيھي کيس ڏٺو. ھن ٺونٺ آڏو ڏيئي پنھنجو مـُنھن لڪائي ڇڏيو. منھنجي دل ۾ ٿي ته جيڪر مون سان به وڙھي، ڀڄي ۽ پٿر ھڻي!

ٻئي ڏينھن وري ساڳي ڪار… ٻاھر نڪتس ۽ خميس رڙ ڪئي، ”آ مـُلان!“ ۽ وٺي ڀڳو.

خبر نه آھي ھن کي مـُلان کان اھڙي نفرت ڇو ھئي. پھر سج ڌاري مان خميسي جي گهر وٽان لنگهيس. ڇنل کٽ تي اس ۾ پراڻيءَ رليءَ ھيٺيان ويڙھيو سيڙهيو پيو ھو.

ماڻس ڇيڻا ڪڍندي چيو، ”مال وٺي موٽيو آھي ته ٻيڻو ٿي ڪِريو آھي، ٽُڪر به نه کاڌائين. مھيني کان ٻيئڙ ٿو اچيس، مـُلان نورل کان ٻَڌايو به ھو مانس!“

مون به رلي مٿي کڻي ڏٺو. انھيءَ ڦاٽل ڪوٽ ۾ پيرين اگهاڙو خميسو پيو ھو. سندس ڪارو رنگ اڃا به ڪاراٽجي ويو ھو. اکيون ڳاڙھيون ۽ مغز باھ.. سندس کليل وات مان گجي ٿي وھي. اکيون ڦري ويون ھئس ۽ سندس اڇا سھڻا ڏند ڀوائتا ٿي لڳا. مون دانھن ڪئي، ماڻس ڀڄندي آئي.

پڻس کي گهرايو ويو، اسپتال ڇھ ميل پري ھئي. ڊاڪٽر خرچي به وٺندو ھو، ڇوڪر گهڙين جو مھمان ھو. مون پنھنجو ڪوٽ لاھي مٿانئس وڌو. ڪيڏي نه ھمدردي!

خميسي کي مـُلان وھنجاريو، ميرو ڪوٽ لاھي نئون ڪپڙو ويڙھيو. مون عطر به آندو. سندس ننڍڙا ڏند اڃا به ٿڌ جي شڪايت ڪري رھيا ھئا. کيس سڌو سنئون کٽ تي سمھاريو ويو. سڀني قطار ٻڌي ۽ مـُلان اللہ اڪبر چيو.
مون وارو ڪوٽ مـُلان کنيو.
ٻئي ڏينھن خميسي جو ننڍڙو ڀاءُ مھر وٺيو بيٺو ھو. کيس اھو ئي خميسي وارو ڪوٽ پيل ھو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close