”وڍَ “ ڏانهن ويندي-2

گل حسن ڪلمتي

لسٻيلي جي تاريخ: گونگن جي حڪمراني ۽ مائي چاڳلي

لسٻيلو، جهالاوان، سراوان، شال ڪوٽ (ڪوئيٽا)، قندار، ڪيچ، فارس، آواران، پنجگور، گوادر ۽ ٻئي سنڌ ڏانهن ويندڙن رستن جي مرڪز تي آهي. اڪثر حملو ڪندڙن اهي رستا اختيار ڪيا. سڪندر مقدوني، محمد بن قاسم ۽ زرتشيتن انهن رستن سان اچي مختلف علائقن تي حملا ڪيا، تنهنڪري لسٻيلي لاءِ هيءَ چوڻي مشهور ٿي ته:”لس گهوڙن جو گس.“
جڏهن 326 ق. م. ۾ سڪندر اعطم هتي آيو ته، هن علائقي کي گدروشيا (Gedrosia) چيو ويندو هو. اڄ به هتي هڪ قبيلو گدور به آهي. سڪندر اعظم ايران وڃڻ لاءِ هنگول وارو رستو اختيار ڪيو هو. راس ميلان، اورماڙا، ڪلمت، پسني ۽ گوادر کان هو ايران ڏانهن ويو هو.

محمد بن قاسم ڪيچ مڪران کان پوءِ سنڌ تي حملي لاءِ آواران جائو وارو رستو اختيار ڪيو هو. عربن جي دور ۾ هن علائقي کي ارمن بيل (آرمابيل) چيو ويندو هو.

لسٻيلي ۾ اڪثريتي ڳالهائيندڙ ٻولي سنڌيءَ جو لهجو ”لاسڪي“ آهي، جنهن کي جدگالي ۽ نمڙڪي به چون ٿا.

لسٻيلي جي قبائلي روايتن موجب هتي مختلف علائقن ۾ مختلف قبيلن جو اثر رسوخ هو. گجرَ قبيلي سڀني کي گڏ ڪري لسٻيلي ۾ حڪومت ڪئي. گجرن کان پوءِ رونجها هتي جا حڪمران ٿيا، جن مان آخري سردار حاجي سنگر هو. سپڙ ڄام به انهن مان هو.

رونجهن کان پوءِ گونگا حڪمران ٿيا، جن مان دينار مشهور حڪمران ٿي گذريو آهي. گونگن جو پهريون حڪمران مير موسو گونگو هئو ۽ انهن جو آخري حڪمران براهم (ابراهيم) هو.

پنهنجن جي جنگ ۾ جڏهن براهم مارجي ويو ته، پاهڙ خان حملاڻي برفت، جيڪو براهم جو مامو هو، ان ڪوهستان مان لشڪر کڻي لسٻيلي تي حملو ڪيو. ”اُٿل ڪوٽ“ وٽ جنگ لڳي، گونگن کي شڪست آئي. 1115هہ ۾ پاهڙ خان برفت لسٻيلي جو حاڪم ٿيو. اورنگزيب عالمگير، پاهڙ خان جي مدد ڪئي هئي. پاهڙ خان کان پوءِ پڳ سندس پُٽ عزت خان تي آئي، جيڪو اڃا ٻار هو، تنهنڪري عزت خان جي والده مائي چاڳلي حڪمران ٿي.

مائي چاڳلي پنهنجي وقت ۾ پورالي نديءَ مان زراعت لاءِ پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ ”ڪسين“ جو بهترين نظام جوڙيو. زراعت کي هٿي ملي ته ملڪ خوشحال ٿيو ۽ اها چوڻي مشهور ٿي ته ”پورالي اٿس پار، تڏ چاڳلي تي چاڳ ڪري.“

هڪ عورت جي حڪمراني، مرد سردارن کي نه وڻي. هو مائي چاڳليءَ سان حسد ڪرڻ لڳا ۽ لسٻيلي ۾ اها چوڻي به مشهور ٿي ته ”ڏاڙهي ڪانهي ڏيهه ۾، تڏ چاڳلي تي چاڳ ڪري.“

چاڳلي جي حڪومت کي اڪثر رونجها هلائي رهيا هئا. ڪنراج، عالي کٿورئي جي حوالي هو. عالي کٿورئي جو ڀاءُ ٻيلي ويجهو رونجهن هٿان مارجي ويو. ان وقت قلات جو حڪمران مير محبت خان هو، جيڪو چاڳليءَ جي حڪومت جي ڪري ناراض هو. خان آف قلات، عالي کٿوريو جي دانهن تي 1742ع ۾ آخوند محمد حيات جي اڳواڻيءَ ۾ لسٻيلي تي حملو ڪيو. مائي چاڳلي مقابلي لاءِ ٻاهر نڪتي، ته ٻئي پاسي کان عالي کٿورئي ٻيلي شهر تي حملو ڪيو. مائي چاڳليءَ کي شڪست آئي. چاڳليءَ کي لسٻيلو ڇڏڻ جو چيو ويو. مائي پنهنجي پٽ عزت خان سان ڪوهستان ڏانهن هلي وئي، جتي گمناميءَ ۾ رهي 1214هہ ۾ گذاري وئي. هوءَ ڪوٽڙي لڳ قبرستان ۾ مدفون آهي.

1742ع ۾ ڪوريجا/ ڪونريجا لسٻيلي جا حڪمران ٿيا. ”ڄام“ جي لقب سان حڪومت ڪرڻ لڳا. هي خاندان اڳ ۾ ئي ڄاموٽن جو سردار هو. ڄامن جو پهريون حاڪم ڄام عالي کٿوريو هو، تنهنڪري هي ”عالياڻي ڄامن“ طور مشهور آهن. ڄام غلام قادر 1937ع ۾ حڪمران ٿيو، جيڪو آخري حڪمران هو.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1956ع ۾ لسٻيلي جي رياست واري حيثيت ختم ڪئي وئي، ان کي هڪ ضلعي جي حيثيت ڏيئي ڪراچي ڊويزن ۾ شامل ڪيو ويو. اها هئي لسٻيلي تي حڪمرانيءَ جي مختصر تاريخ..

اسان جو سفر جاري هو. وڍ ڏانھن ويندَي رستي ۾ ول پٽ (ويل پٽ) جو علائقو آيو، جيڪو زراعت جي ڪري مشهور آهي. ان جي هڪ پاسي خضدار ويندي رستي جي کاٻي پاسي رستو نڪري ٿو، جنهن تي ”مائي پير درگاھ“ جو بورڊ لڳل آهي. انهيءَ درگاھ لڳ جبلن ۾ غارن جھڙا انساني هٿن جا کوٽيل گهر آهن، جن کي ”شهر روغان،“ ”پري وڍ“ ۽ ”گندراڻي غار“ به چون ٿا. انهن جو مون ٻه ڀيرا دورو ڪيو آهي، جنهن جو تفصيلي ذڪر ڪنهن ٻئي ڀيري.

ول پٽ (لسٻيلو)

نمي چيڪ پوسٽ کان ڪنڊي ٻيلا جو علائقو آيو، جيڪو پورالي نديءَ جي ڪناري تي آهي. نمي چيڪ پوسٽ کان ٿورو اڳتي ضلعي لسٻيلي جون حدون ختم ٿيون ۽ ضلعي خضدار جون حدون شروع ٿيون. انهيءَ دنگ کان ”وڍ شهر“ 97 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. وڍ تائين جيڪي علائقا آيا، انهن ۾ ”ڪراڙو“ جتي ريسٽ هائوس به آهي، سونارو، اورناچ ۽ ڊراکالا شامل هئا، وڏن وڏن جبلن جي وچ ۾ هي سڀ خوبصورت واديون هيون. رستي جا ٻئي پاسا زراعت ڪري سرسبز هئا.

”وڍ“ انتظامي طور تعلقو آهي. ان جون حدون شاھ نوراني تائين آهن. وڍ شهر مينگل قبيلي جو هيڊڪوارٽر به آهي. ان سان گڏ اهو ميونسپل ڪاميٽي آهي.

وڍ شهر ۾ وڏي ڪوٽ ٻاهر اسان گاڏي پارڪ ڪري مينگل هائوس پهتاسين. وڏي ڇني ۾ سردار اختر مينگل، سندس ڀائٽيو، جيڪو هن وقت مينگل قبيلي جو سردار آهي، اسد الله مينگل، خان آف قلات جو چاچو آغا موسيٰ جان ۽ ايم پي اي مير اڪبر مينگل تڏي تي موجود هئا. اسان فاتحہ خواني ڪئي. اختر مينگل سان سندس والد جي وفات تي سنڌ پاران تعزيت ڪئيسين. سوين ماڻهن جي فاتحہ خوانيءَ لاءِ اچ وڃ جاري هئي. تعزيتي ڪتاب تي مون ۽ سائين رخمان گل پالاري سنڌيءَ ۾ تاثرات لکيا. ٿوري دير کان پوءِ اختر جان مينگل ۽ ٻين سان گڏ مانجهاندو ڪرايو ويو. ڪجهہ دير ويهي اسان موڪلايو.

ايم پي اي مير اڪبر مينگل کي چيوسين ته، ”اسان کي سردار عطاءُ الله مينگل جي قبر تي وڃڻو آهي، ڪو سونهون ڏيو.“ هن فضل الله کي اسان سان وڃڻ لاءِ چيو. اسان هڪ پڪي سان وڍ شهر ڇڏي اوڀر پاسي روانا ٿياسين.

نوٽ: "گل حسن ڪلمتي جو ھي مضمون ڪاوش دنيا ۾ ڇپيو ھو، ڪاوش دنيا ۽ ڪاوش اخبار جي ٿورن سان ھتي شايع ڪيو ويو”

_________________________________

  1. ”وڍَ “ ڏانهن ويندَي-1

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close