سياسي ننڌڻڪائپ جو اڀرندڙ جوڀن (هڪ دستاويزي نثري نظم)

امر گل

سنڌ جي سياسي ننڌڻڪائپ،
هر هر پنھنجي اڀرندڙ جوڀن کي
آرسيءَ ۾ ڏسَي ٿِي
۽ پاسي وارَي ڳوٺ جَي
اوباش ڇورن جي اکين مان اڏاڻل اشارن جا ڪانوَ
آڇون، سڏ، اکر، لفظ ۽ جملا
سندس سوچ جي وڻ تي اچي لھن ٿا،
تڏهن کيس پنھنجي ساهيڙي
سياسي ويڳاڻپ ياد پوي ٿي،
جيڪا هڪ لولي پاپ کپائيندڙ گورڙيي سان
گهر جا ڪجهہ ڳھ چورائَي
نعرن جي ٽن ڪپڙن ۾
گهران نڪري وئي هئي…

کيس پنھنجو مرھيات پيءُ
سياسي شعور ياد پوي ٿو،
جيڪو ڳوٺ جو نڪ هو،
جانٺو ۽ اَٺور اهڙو
جو وڻ تي چڙھي هڪل ڪرَي
تہ وڻ بہ هلڻ لڳي،
جبل جھڙي ڇاتيءَ ۾
سمنڊ جيڏي دل هئس..
تَر جا چور، لُچ، لوفر ۽ شودا
کائنس ايئن ڪؤ کائيندا هئا،
جيئن لوسي ڪتا بانٺي کان ڊڄندا آهن..

هوءَ ياد ڪري ٿي، اهو ڏينھن
جڏهن، رئيس وڏَي
ڳوٺ ۾ گوڏي جيڏو ڀت ڪرايو هو،
وڏي شھر مان گهرايل ناچڻيون
دهلن ۽ شرناين تي ايترو تہ نچيون هيون
جو ڳوٺ جي سخت زمين مان بہ
بُس اڏامڻ لڳي هئي،
ان ڏينھن ڳوٺ جو نئون ساماڻل ڇوڪرو، دوسو
هڪ ناچڻي جي ڇير تي موهت ٿِي
خود ناچو بنجي ويو هو،
چون ٿا، تہ هُو اڄ بہ
دهل جو آواز ٻڌندي ئي
هوش مان نڪري وڃي ٿو..

ان ئي ڏينھن، جڏهن ڳوٺ ۾ ميلو متل هو،
سياسي شعور کي، ڳوٺ جي رئيس
پنھنجي پاليل غنڊن هٿان اغوا ڪرايو هو
۽ ڏينھن پڄاڻان سندس لاش
ڳوٺ پاسان هڪ سڪل ندي وٽ
ڀٽن ڀران مليو هو..
سندس مُئي پڄاڻان
مکين جھڙن شودن ڇورن لاءِ سڄو تَر
ڄڻ تہ ڳُڙ جو ڳنڍو ٿي پيو..

ھن کي ياد پوي ٿو
اها هڪ ڊگهي ڪاري ڪِٺ رات هئي
جڏهن سندس مرهيات پيءُ، هڪ ڀيري
هن کي جاڳندو رکڻ لاءِ
هڪ سياسي ميوزيم جي ڪھاڻي ٻُڌائي هئي،
جتي ڪجهہ لاشن کي
تقدس جا مصالحا لڳائي
مميون بنائي رکيو ويو هو..
هن کيس ٻڌايو هو، تہ مهيني ماسَي
ڇماھي، سال
يا ضرورت موجب
ان ميوزيم ۾ رکيل لاشا
ڪيئن ٽڪيٽ لڳائي ڏيکاريا وڃن ٿا،
جتي رڌاليون روڄ وجهن ٿيون
۽ جذبات جي ان راڙي ۾
پيرن هيٺان ڌرتي کسڪائڻ جو
تماشو ڏيکاريو وڃي ٿو..

سندس مرهيات پيءُ، سياسي شعورَ
کيس ٻڌايو هو
تہ ان کان پوءِ تَر جي وڏَي سردار
پنھنجي ئي پاليل رئيس جي
ان سياسي ڪاروبار مان حصي پتيءَ لاءِ
هوٽلن ۾ چانھ تي جهيڙيندڙ يتيمن کان وٺي
تَر جي ڪجهہ چڱن مڙسن تائين
سڀني کي ننڍا ننڍا دڪان،
هٽ ۽ مانڊڻيون کولي ڏنيون،
جتي قلم، ضمير، اصول، سچائي
نعرا، ڌرڻا ۽ جلوس سستي اگهہ تي کپڻ لڳا…

سياسي ننڌڻڪائپ
پنھنجي مرھيات پيءُ ’سياسي شعور‘ کي
هاڻ وساري ڇڏڻ چاهي ٿِي،
جنھن جو روح اڄ بہ هِتي هُتي ڀٽڪي ٿو،
جيڪو گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ کليل سياسي مانڊڻيون
۽ انھن ۾ ٿيندڙ سستا سودا ڏسي
هاڻ ٿڪجي پيو آهي..

سياسي ننڌڻڪائپ
هر هر پنھنجي اڀرندڙ جوڀن کي
آرسيءَ ۾ ڏسَي ٿِي،
۽ پاسي واري ڳوٺ جي
اوباش ڇورن جي اکين جا اشارا
آڇون، سڏ، اکر، لفظ ۽ جملا
سندس تن من ۾ هورا کورا بڻجي اڀرن ٿا
۽ هن جون نظرون
ٻَڌِي رکيل هڙ ڏانھن کڄي وڃن ٿيون…

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close