بينظير ڀٽو جي زندگي جا آخري 18ڪلاڪ

ریحان فضل/ عبدالستار لغاري

26 ڊسمبر 2007 جي رات بينظير جڏھن اسلام آباد زرداري ھائوس پھتي، تڏھن ھو تمام گهڻي ٿڪل ھئي، آئي ايس آئي جي سربراھ ميجر جنرل نديم تاج جو کيس ھڪ پيغام مليو تہ ھڪ ضروري ڪم لاءِ ساڻس ملڻ چاھي ٿو. بينظير ڀٽو اھو طئي ڪيو تہ رات جو فقط ٻہ ڪلاڪ ننڊ ڪندي، دير سان نديم تاج سان ملاقات ڪندي. بينظير ڀٽو نديم تاج سان رات جو ڏيڍ وڳي ملاقات ڪئي، ساڻس رحمان ملڪ بہ گڏ ھو. نديم تاج کيس ٻڌايو تہ توھان کي ڪو قتل ڪرڻ چاھي ٿو. آئي ايس آئي جي سربراھ ميجر جنرل نديم تاج کي پنھنجن ذريعن جي ٻڌايل خبر تي يقين ھو، تڏھن ھُو رات جو دير اسلام آباد بينظير ڀٽو جي رھائش گاھ تي پھتو ھو.

بي بي سي جي اسلام آباد جي سابق نمائيندي ’اوين بينيٽ جونز‘پنھنجي ڪتاب The Bhutto Danysty The Struggle For Power In Pakistan ۾ لکي ٿو تہ، اھو ٻڌندي ئي بينظير کي شڪ ٿيو تہ ڪٿي نديم تاج پروگرام منسوخ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ تہ نہ وجهي رھيو آھي. بينظير نديم تاج کي چيو، جيڪڏهن توهان کي انھن خودڪش حملي آورن جي باري ۾ خبر آھي تہ پوءِ توهان انھن کي گرفتار ڇو نٿا ڪيو. تاج جواب ڏنو تہ اھو اسان لاءِ ناممڪن آهي. ان تي بينظير جواب ڏنو، توھان منھنجي سيڪيورٽي وڌايو، نہ صرف منھنجي پر منھنجن ماڻھن جي حفاظت کي بہ يقيني بڻايو. آئي ايس آئي جي سربراھ بينظير ڀٽو سان واعدو ڪندي چيو ھو تہ ان لاءِ ھو پنھنجي پوري طاقت لڳائيندو.

بينظير ڀٽو جڏھن جنرل تاج سان ملاقات ڪري رھي ھئي، ان وقت سندس قتل جي منصوبابندي ٿي رھي ھئي. بينيٽ جونز لکي ٿو، اڌ رات کان پوءِ طالبان ھينڊلر نصرالله پندرھن سالن جي ٻن ٻارن بلال ۽ اڪرم سان گڏ راولپنڊي پھچي چڪو هو، ان دوران طالبان جا ٻہ ڪارڪن حسنين گل ۽ رفاقت حسين راولپنڊي جي لياقت باغ جو معائنو ڪري آيا ھئا، جتي بينظير ڀٽو کي شام جو جلسو ڪرڻو ھيو. ان وقت پوليس پارڪ جي ٽنھي گيٽن تي ميٽل ڊيٽيڪٽر لڳائي رھي ھئي، پر ان سان ڪو بہ فرق نہ پوڻو هو، ڇاڪاڻ تہ منصوبو اھو ھو تہ بينظير تي حملو ان وقت ڪيو ويندو، جڏھن ھو جلسو ختم ڪري واپس وڃي رھي ھوندي. ھي ٻئي ھمراھ اتان مطئمن ٿي واپس موٽيا، بلال کي ڪارتوس ۽ پستول ۽ اڪرم الله کي ھڪ ھينڊ گرنيڊ ڏنائون. حسنين بلال کي مشورو ڏنو تہ ٽرينر کي بوٽن بدران ٻيو ڪجهہ پائڻ گهرجي ڇو تہ فوج ۾ اھو ٻڌايو ويندو آهي تہ ٽرينر بوٽ پائيندا آهن ۽ ان شڪ ۾ ھو گرفتار ٿي سگهي ٿو. بلال مشوري کان چپل پاتي. نماز پڙهڻ کان پوءِ حسنين بلال کي ان گيٽ تائين وٺي ويو، جتان سندن خيال مطابق بينظير کي گذرڻو ھو.

بينظير ڀٽو جي قتل جي تحقيقات ڪندڙ اقوام متحدہ جي انڪوائري ڪميشن جي سربراھ ۽ بعد ۾ Getting away with murder جو ليکڪ ھيرالڊو منيوز لکي ٿو، 27 ڊسمبر صبح جو ساڍي اٺ وڳي بينظير ننڍ مان سجاڳ ٿي، نو وڳي ناشتو ڪيائين، اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ ھو امين فهيم ۽ پيپلز پارٽي جي سابق سينيٽر سان گڏ افغان صدر حامد ڪرزئي سان ملاقات لاءِ وئي، جيڪو اسلام آباد جي سرينا هوٽل جي چوٿين منزل تي ترسيل ھو. ھڪ وڳي ھو زرداري ھائوس تي واپس آئي، ماني کاڌائين ۽ پارٽي اڳواڻن سان گڏجي تقرير کي حتمي شڪل ڏنائين. ٽپھري جو بينظير ڀٽو گاڏين جي قافلي ۾ لياقت باغ ۾ جلسي لاءِ رواني ٿي. گاڏين جي ان قافلي ۾ سڀ کان اڳيان ٽيوٽا لينڊ ڪروزر ۾ پيپلز پارٽي جي سيڪيورٽي جو سربراھ توقير ڪائرا سوار ھو. ان جي پٺيان بينظير ڀٽو جي اڇي رنگ جي لينڊ ڪروزر ھئي، ٻنھي طرفن کان توقير ڪائرا جون ٻہ گاڏيون ھلي رھيون ھيون. ان جي پٺيان زرداري ھائوس جون ٻہ ٽوياٽا ويگو پڪ اپ ٽرڪ ھلي رھيون ھيون، انھن گاڏين جي پٺيان زرداري ھائوس جي ڪاري رنگ جي مرسڊيز بينز ھئي، جيڪا بلٽ پروف ھئي، ۽ ضرورت پوڻ تي بينظير انھي گاڏي کي استعمال ڪري پئي سگهي. بينظير جي ڪار ۾ سامھون واري سيٽ تي سندس ڊرائيور جاويد الرحمان ۽ ساڄي پاسي سينيئر سپرينٽينڊنٽ پوليس ميجر امتياز حسين ويٺل هو. وچين سيٽ تي کاٻي پاسي کان پيپلزپارٽي جو سينيئر اڳواڻ مخدوم امين فهيم، وچ ۾ بينظير ۽ ساڄي پاسي بينظير ڀٽو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ناھيد خان ويٺل ھئي. ٻہ لڳي پندرهن منٽن تي بينظير جو قافلو فيض آباد جنڪشن وٽ پھتو، جتان سندس سيڪيورٽي جي ذميواري راولپنڊي ڊسٽرڪٽ پوليس جي ھئي.

ٻہ لڳي ڇاونجاھ منٽن تي بينظير جو قافلو ساڄي پاسي مڙي مري روڊ تي آيو، ۽ لياقت باغ جي وي آئي پي پارڪنگ ايريا جي طرف وڌڻ لڳو. ان وقت بينظير گاڏي جي ڇت مان ٻاھر نڪري ماڻھن کي نعرن جا جواب ڏيڻ لڳي، ۽ سندس گاڏي آھستي آھستي ھلي رھي ھئي. بينظير جي حفاظت ڪندڙن کيس ھڪ دفعو بہ منع نہ ڪيو تہ ايئن گاڏي ۾ بيھڻ خطرناڪ آهي.

ھيرالڊو منيوز پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو، ٽي لڳي سورھن منٽن تي بينظير جي قافلي کي پنج کان ڇھ منٽن تائين پارڪنگ ايريا جي اندرئين گيٽ وٽ بيھڻو پيو، ڇو تہ پوليس وٽ گيٽ کولڻ لاءِ چاٻي نہ ھئي، ان دوران بينظير مڪمل طور تي غير محفوظ پنھنجي گاڏي ۾ بيٺل ھئي. ان کان پوءِ بينظير تقريباً ڏھ هزار ماڻھن جي مجموعي کي خطاب ڪيو، ان خطاب دوران ھن 17 دفعا پنھنجي پيءُ جو نالو ورتو، خطاب ختم ٿيندي ئي پورو علائقو ’بينظير زندہ باد‘ ۽ ’بينظير وزيراعظم‘ جي نعرن سان گونجي اٿيو.

تقرير کان پوءِ بينظير پنھنجي گاڏي ۾ وڃي ويٺي، سندس گاڏي ڪافي وقت تائين بيٺل رھي، ڇو تہ گاڏي کي چوڌاري ماڻھن گھيري ورتو ھو. ماڻھن کي ڏسي بينظير گاڏي مان ٻاھر نڪتي، ان وقت پنج لڳي ڏھ منٽ ٿيا ھئا.

اوون بينيٽ جونز لکي ٿو تہ صبح کان انتظار ڪندڙ بلال کي محسوس ٿيو تہ ھاڻي وقت اچي ويو آهي، ھو پھرين بينظير جي گاڏي جي سامھون ويو ۽ پوءِ ويجهو ويو جتي ماڻھو گهٽ ھئا، بلال پستول ٻاھر ڪڍي، بينظير جي سر جو نشانو ورتو. ھڪ سيڪيورٽي گارڊ بلال کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر بلال يڪدم ٽي فائر ڪيا، ٽين فائر ٿيندي ئي بينظير گاڏي جي سيٽ تي ڪري پئي، بينظير جيئن ئي سيٽ تي ڪري بلال خودڪش بم ڦاڙي ڇڏيو.

ھيرالڊو منيوز لکي ٿو تہ ناھيد خان جيڪا بينظير جي ساڄي پاسي کان ويٺل ھئي، ھن مونکي ٻڌايو تہ جيئن ٽي فائر ٿيا تہ بينظير ھيٺ ڪري پئي ۽ سندس مٿي جو ساڄو حصو منھنجي ھنج ۾ ڪريو، سندس مٿي مان رت تيزي سان وھڻ لڳو، منھنجا ڪپڙا رت ۾ لت پت ٿي ويا. مخدوم امين فهيم جيڪو بينظير جي ساڄي پاسي ويٺل ھو، ان ٻڌايو تہ جڏھن بينظير ھيٺ ڪري سندس جسم ۾ زندگي موڪلائي رھي ھئي. اتي ڪابہ ايمبولينس دستياب نہ ھئي، بم ڌماڪي جي ڪري بينظير جي گاڏي جا چار ئي ٽائر برسٽ ٿي ويا هئا، ڊرائيور ڪار کي رمن تي ھلائي راولپنڊي جنرل اسپتال ۾ وٺي ويو ھو. لياقت روڊ تي ٽي سؤ ميٽر ھلڻ کان پوءِ ڊرائيور گاڏي کي کاٻي پاسي موڙيو ھو، ڪار انھي حالت ۾ ڪجهہ ڪلوميٽر ھلي ھئي ۽ پوءِ بيھي رھي، اتي موجود ٻن ڪمانڊو جي گاڏين بينظير جي گاڏي جي پٺيان اچڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي پر روڊ تي ڪيترائي لاش ۽ زخمي پيل ھئا، ان ڪري گاڏي اڳتي نہ وڌي سگهي.

ناھيد خان اوون بينيٽ جونز کي ٻڌايو تہ اسان وٽ بينظير کي ٽئڪسي تي اسپتال ۾ پھچائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو بہ چارو ڪونہ ھو، پوليس کي ڪابہ خبر نہ ھئي، اسان ٽئڪسي جو انتظار ڪري رهيا ھئاسين، ٻن ٽن منٽن کان پوءِ ھڪ جيپ آئي، اسان بينظير کي اسپتال کڻي وياسين، اھا جيپ بينظير جي ترجمان شيرين رحمان جي ھئي. ريڪارڊ مان خبر پوي ٿي تہ حملي ٿيڻ جي چوٽيھ منٽن کان پوءِ ھو اسپتال پھتا ھئا.

اسپتال پھچڻ کان پوءِ بينظير کي اسٽريچر تي اندر آندو ويو، ان وقت سندس نبض مڪمل طور تي بند ٿي چڪي هئي، سندس اکيون ھڪ ھنڌ ٽڪ ٻڌي ويون هيون، ٽارچ ھڻڻ کان پوءِ بہ سندس اکين ۾ ڪا حرڪت نہ ٿي ھئي، سندس مٿي مان رت مسلسل وھي رھيو ھو ۽ اتان ھڪ اڇو مادو ٻاھر نڪتل ھو. بينظير جي شھادت جون مڪمل شاھديون ملي چڪيون هيون پر ان باوجود ڊاڪٽر سعيدہ ياسمين کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي، ٿوري دير ۾ سندس مدد لاءِ ڊاڪٽر اورنگزيب خان بہ پھتو، بينظير جي وات ۾ ھڪ نلي بہ وڌي وئي. پنج لڳي پنجاھ منٽن تي اسپتال جي سينيئر فزيشن پروفيسر مصدق خان چارج سنڀالي، بينظير جي ڪن ۽ نڪ مان رت وھي رھيو ھو. حملي ٿيڻ جي پنجاھ منٽن کان پوءِ ڇھ وڳي کان ٿورو پھرين کيس آپريشن ٿيٽر ۾ آندو ويو. پروفيسر مصدق خان بينظير جي دل کان کاٻي پاسي زوردار ڌڪ ھنيا پر ڪا بہ حرڪت نہ ٿي. ڇھ لڳي سورھن منٽن تي بينظير جي موت جو اعلان ڪيو ويو.

آپريشن ٿيٽر ۾ موجود سڀني مردن کي ٻاھر وڃڻ جو چيو ويو، ڊاڪٽر قدسيہ انجم قريشي ۽ نرسن سندس جسم کي صاف ڪيو، سندس مٿي تي پٽي ٻڌي، رت ۾ لت پت ٿيل ڪپڙا بدلي ڪري اسپتال جا ڪپڙا پارايا ويا. ڊاڪٽرن ٻڌايو تہ بينظير جڏھن اسپتال پھتي ھئي تہ سندس پوتي گم ھئي، اڃا تائين معلوم نہ ٿي سگهيو آهي تہ سندس پوتي ڪيڏانهن وئي. بينظير جي ڊيٿ سرٽيفڪيٽ نمبر 202877 ۾ موت جي ڪالم ۾ لکيو ويو تہ پوسٽ مارٽم بعد خبر پوندي. ڊاڪٽر مصدق خان پوليس چيف سعود عزيز کان ٽي دفعا پوسٽ مارٽم جي اجازت طلب ڪئي پر ھن اجازت نہ ڏني. بعد ۾ ھن اھو چئي پنھنجي ڳالھ جو دفاع ڪيو تہ کيس بينظير جي خاندان طرفان پوسٽ مارٽم جي اجازت نہ ملي ھئي.

جڏھن اسپتال ٻاھران بينظير جي موت جو اعلان ڪيو ويو تہ اتي موجود ماڻهو زارو قطار سڏڪا ڀري روئڻ لڳا. ماڻھو ڏک وچان رڙيون ڪرڻ لڳا، ’ھڪ ٻي ڀٽي کي شھيد ڪيو ويو، ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي، شاھنواز کي زھر ڏنو ويو ۽ مرتضٰي کي گوليون هنيون ويون..‘

رات جو 10 لڳي 35 منٽن تي بينظير جي ميت کي تابوت ۾ چڪلالا ايئربيس تي آندو ويو. 28 ڊسمبر جي رات ھڪ وڳي بينظير جي ميت کي آصف علي زرداري جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو ڪجهہ منٽ پھرين دبئي کان اتي پھتو ھو. جڏھن آصف علي زرداري پھتو تہ کانئس بينظير جي لاش جي پوسٽ مارٽم جي اجازت گهري وئي پر ھن اجازت نہ ڏني. 28 ڊسمبر 2007ع تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ بينظير ڀٽو کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close