بدمعاش (ڪھاڻي)

جمال ابڙو

ھُـو وڏو بدمعاش ھو، پھرئين نمبر جو.. ڪوڙ، دغا، فريب، چوري، ڌاڙو ھن جي ڏائي ھٿ جا کيل ھئا. چپٽين ۾ ڏوھ ڪري وٺندو ھو. حرام جو قياس پويس. خار ۾ چپ ڪيو، بيٺو ڏسندو. ھڪ ڀرون ھيٺ، اک چنجهيل، ٻيو ڀرون مٿي، ڏند ڏند سان مليل، ناسون ڦوٽاريو، چيتي وانگر شڪار کي تاڙيو بيٺو ھوندو. بس بس ڪري وٺي حملو ڪندو. آنڊا ٻاھر..

ڏائڻ جھڙي ڪھاڙي ڪلھي تي کنيو، شينھن وانگر جهنگ ۾ ڦرندو وتندو ھو. شل نه ڪير کيس للڪاري! ماٺ ڪري ڳاٽ اوچو جهلي، کيس ڏسندو. پيرن کان مٿي تائين ٻه، ٽي دفعا. وٺي گجگوڙ ڪندو. واگهہ وانگر ڇال ڏيئي، اچي شڪار تي ٽٽندو. ڪھاڙين جو شپڪو، سيڪنڊ ٿي ويندا.

چيلھ سنھي، ڇاتي ويڪري، ڪلھا اُڀا، مڇن کي تاءُ ڏيو، اکيون ڪرڙيون ڪيو، پير پير ۾ مست ٿيو وتندو. ڪنھن تي فلڪ نه آڻيندو. ننڍي کان ئي نود ھو. پڻس ڪُٽي ھَڏ گُڏ ڀڃي رکندو ھوس، حرام جو سڌو ٿئي. ٻرڙاٽ پيا پوندس. لتون مڪون، چنبا، گـھل گـھلان.. ھجيس ماءُ ته ڇڏائيس! نيٺ رڙيون ڪرڻ بند ڪيائين. پيو مار کائيندو، ڪڇندو نه.. ڀانئيندو ته پيءُ جي ڏاڙھي پَٽي رکَي، پر ڏڍو ھوس. اوڙو پاڙو تپائي ڏنائين. پاڻ جيڏن کي سٽيو ڪُٽيو ھليو ويندو.

ٻارن جا ماءُ پيءُ رڙيون ڪندا ايندا. ھٿ ايندن ته ڪُٽي رکندس. پنھنجو ٿورو ئي ھئن! نه ته به پڻس کي دانھن ڏيندا. پڻس پاڻ مان ئي ڪڪ! سڀ سُور ساڙَ ھن مان ئي ڪڍندو ھو. ڏوھ ٻين جا، مار ھن تي.. ”ڪو انھين تي ڪونه آيو ھو.“ اھڙو ساڙ ٿيندو ھوس، اھڙو ساڙ ٿيندو ھوس… ڏاڍو ساڙيندو ھوس.
چوندو ھو، ”بيھ وڏو ٿيان!“
ڪيئن نه واڻئي جي چلڪڻي ڪپڙي کي ھٿ لاتو ھئائين! واڻئي چماٽ وھائي ڪڍيس. پڻس به کڻي چنبو ھنيس. پيءُ تي ڏاڍي ڪاوڙ آيس.
”ڀيڻسان سُوئر!“ ننڍو ھو، سُور پي ويو.

ڇورو ڇِنو، ميرو چولو، ڦاٽل پٽڪو. ان لپ ڪانه جو شيء وٺَي. ٻيا ٻار جهول ڀريو، چوس چوس ڪيو، گُگهڙا وٺيو، پيا پورائيندا ھئا. ھيءُ اڪيلو مٿي تي ٻانھن رکيو، اکيون ڦاڙيون، بيٺو ڏسندو. ٺڪر جو جنڊ، ٺڪر جي گاڏي، ٺڪر جو اُٺ، ناڪيليءَ سان. دل چوندي ھيس ته ھٿ لائي ڏسان، پر ڪير ٿو ڪنھن کي ھٿ لائڻ ڏئي! نڪ جي چوٽڙي ڳاڙهي ٿي پونديس. وٺي ھڪ پاسي ڀڄندو. ڪنڊ ۾ منھن ڪري، ڀت تي ليڪا پائيندي. پيو چَپ ڪڍندو ۽ سِنگهہ اگهندو.

سِڪي سِڪي رانديڪو چورايائين. سانڍيو پيو سانڍيندو ھوس، لڪي لڪي راند ڪندو ھوس. ننڍڙو ڪافور جو گُڏڙو، وڏين اکين سان، ڄڻ ته ڀاءُ ھوس. ڪيئن نه پڻس کسي ورتس! سڏڪا ڀريندَي، مار کائيندَي کائيندَي، ٽپا ڏيئي ڏيئي، رانديڪو ڇڏائڻ جي ڪيائين. ويچارو گڏڙو پڻس جي پيرن ھيٺان چيڀاٽجي ويو، ھن ڏاڍيون رڙيون ڪيون. پيءُ کي ’حرامي‘ به چيائين. پڻس لتون به ھنيس. ان ڏينھن ڏاڍو رنو، ڀڳل گڏڙو کڻي پنھنجي منھن وري به رنو. ٽُڪرڙا ميڙي، اڳڙيءَ ۾ ويڙھي، پاري ۾ وجهي ڇڏيائين. ڏينھن اھو، وري نه رُنو.

پيءُ ته ڏٺَي نه وڻندو ھوس. ڀلا لِڱن جو ڪھڙو ٽُڪر ھوس، جنھن تي پڻس جا پادر نه وسيا ھئا. وڏو ٿيو ته لٺ کڻي کنيائين، چَي، ”متان آيو آھين! “پِڻس سمجهي ويو، وري نه ڪُڇيو. ٻين ماڻھن سان ته ازلي وير ھوس. ڀلا ڪير ساڻس چڱيان ھليو ھو! اندر ۾ ڌڪار جون ڀريون، ساھ ساھ سان نفرت ڦوڪون ڏيئي نڪرندي ھيس. ماڻھن کي ماريندَي، ڦُريندَي، چيچلائيندَي ڪجهہ خيال نه ٿيندو ھوس. ساڻس ڪو گهٽايو ھئائون! نفرت سان ٽمٽار، ڪيتري به ڪڍي، ته به اوتري جي اوتري، نه گهٽجَي، نه وڌَي. کيس ھڪ ڪتو ھو، گلر ڪري پاليو ھئائين، اھو مئو ته روئي ويٺو.

ھڪ وار جهلجي پيو. گـھلي آيس ٿاڻي تي، اڃا ڪچو ھو ڊڄي ويو، چي، ”الله سائين ھي ڀيرو ڇڏاءِ ته توبھ ڪيم!“ پر جڏھن کيس مرچ وڌائون ۽ مُـٽ پياريائونس، تڏھن ڊپ لھي ويس. اھوئي ھڪ ڀرون ھيٺ، اک چنجهي، ٻيو ڀرون مٿي. پوءِ ڪئين ڀيرا جهليو، لوڏو ئي نه اچيس. اک کڻيو نھاري ته ساھ سُڪيو وڃي. جـھڙي تـھڙي پوليس آفيسر جي ڇاتي نه ٿئي، جو ڪجهہ چويس. چڱي مڙس جي چوريءَ ۾ جهليو. پوليس تي بار پيا. چيائونس، ”مال موٽاءِ!“ وٺي آيس گهر، ڀيڻس کي اگهاڙو ڪيائون، چي، ”وار پٽينس!“

ڪيس مان ڇُٽي نڪتو. ڀيڻ جي منھن به نه چڙھيو. چڱَي مڙس کي ماريائين، اھي پوليس جا آفيسر ماريائين؛ روپوش ٿي ويو. ڪھڙو روپوش! اتي ئي ھو، پر پوليس کان ڏاڍو ھو، ڏھڪاءُ وجهي ڇڏيائين.

ماڻھو مئو، ڄڻ ڪتو مئو. جڏھن ماڻھن جي ڳچيءَ مان رت ٺِينڍيون ڪري وھندو هو، جڏھن ڪپيل نڙگهٽ مان گرڙاٽ جا آواز نڪرندا ھئا، جڏھن وڍيل رڳن مان رت ڇاٽون ڪري نڪرندو ھو، ۽ رت جي گپ ۾ ڇڙھيون ھڻندا، بُل کائيندا ھئا تڏھن ھُو بيھي ڏسندو ھو. ھڪ ڀرون ھيٺ، ٻيو مٿي ۽ اک چنجهي.

ڄڃون ڦريائين، گهوٽ ڪنوار ماريائين؛ نوٽن جون ڍِڳيون ڪري ساڙيائين، ڄڀيءَ کي بيھي ڏٺائين. ھڪڙو ڀرون ھيٺ، ٻيو مٿي، اک چنجهي.

ھڪ دوست تي ڪاوڙيو، ھڻي آنڊا ڪڍي رکيائينس، ٽُڪر ٽُڪر ڪري وڍيائينس. پوءِ وٺي ڪُوڪون ڪيائين. اٺ پھر ماني نه کاڌائين. موٽي اچي فاتحہ پڙھيائين. مڇون ھيٺ لڙڪي آيس. رت ڀريل ڪھاڙي کڻي، خون واريءَ جاءِ تي پُوري ڇڏيائين، ڄڻ ته پنھنجي ڏاڍ ۽ مستيءَ کي دفن ڪيائين.

… ۽ پوءِ… جهلجي پيو، ھڪ ڪيس نه بڻيس. سو ڏھين ۾ ڏنائونس. اڙجي ويو. مٽيءَ جي ماني، موبل ۾ رَڌل دال. چرس، ڀنگ جو واپار، بچي بازيءَ تي جهيڙا، سڀ ٻِٽ، قيدي توڙي ڪامورا. گار جي رئي. ڪتي واري ڪار. ھُو گڏھ وانگر وھندو رھيو گُهنڊ ھنيو، چپ چاپ ڪنڌ ھيٺ ڪيو پيو ڳھندو ھو. ڏينھن ئي ٻه چار گذريا. جيل کان ٻاھر، پٿر ڀڃندَي، ھرو ڀرو جمعدار صاحب ڏنڊيون وھائي ڪڍيس. ھن ڪنڌ ڦيري، ڀِرون ڇڪي، ڏانھنس ڏٺو. جمعدار صاحب تي زھر چڙھي ويو. گارين جو ڌوڙيو لاهي ڏنائين. چي، ”ڏسين ڇا ٿو؟“ ھن جون ٻئي اکيون چنجهيون ٿي ويون. ڏند ڪُرٽجي ويس. وٺي گجگوڙ ڪيائين. ٽپو ڏيئي ڪَڙڪي پيو. جمعدار جي ٻانھن ڪڍي وڌائين. ھنگامو مچي ويو. قيدين جي ٻيگهي متي. سپاھين جون بندوقون ڇڏائجي ويون. ھُو ڀڄي ويو.
ھن وڃي پنھنجي ڪھاڙي کوٽي ڪڍي. چتائي ان کي ڏٺائين ڄڻ ته انساني مٿن جا گيھا ٿي ڳڻيائين. سندس واڇ چٻي ٿي، نڪ گُهنجيو ۽ اک چنجهي ٿي. ڌڪار مان مشڪيو. ڪھاڙيءَ کي مٿي ڪري چمي ڏنائين، سندس ڦَر جي تِک کي آڱوٺي سان جاچيائين. نئين سر ڪوس شروع ٿي ويا. ستلن کي ماريائين. بي ڏوھين کي ڪٺائين. گهر ساڙيائين. زائفن جا پار، ٻارن جو رودن. باھ جون لاٽون… ڏسندو ڏسندو ھليو ويو. وري وري ڏسندو، نه خوشي نه خار. اھا ئي اک چنجهي، واڇ لڙيل، ڀرون ھيٺ مٿي. پچڪ ڪري کڻي ٿُڪ اڇليندو.

ھڪ لڱا ڏينھن ڏٺي جو ڌاڙو ھنيائين، سڄي گهر کي کڻي مٺ ۾ ڪيائين. جو جتي سو تتي ھيسيل ۽ چُپ. ھي ڳاٽ اوچو ڪيو، ڀرون تاڻيون، پئي آيو ۽ ويو. اڱڻ ۾ ھلندي پير ھيٺان ڪو رانديڪو اچي ويس. اڍائي سالن جي ٻار ماءُ جي ڪڇ تان دانھن ڪئي، ”ڪِنو حلامي!“ ھن مُڙي ڏٺو. ماءُ جهٽڪو ڏيئي ٻار جي وات تي ھٿ ڏنو، کڻي ڇاتيءَ سان چنبڙايائين. ويچاريءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ٻار کي اڃا به ڇاتيءَ سان سوگهو ڪيائين. اکيون کڻي ھن ڏانھن نھاريائين. ڇا ته ھو ماءُ جي اکين ۾! ھُـو پنڊ پاھڻ ٿي ويو. ٻار کي ڏٺائين، ڀڳل رانديڪي کي ڏٺائين، ماءُ جي ڀاڪر کي ڏٺائين. ڪيئن نه ٻارڙو ماءُ جي ڳچيءَ ۾ ٻانھون ورايو، ڇپ ھنيو پيو ھو. ھُو ڏسندو رھيو.

ھن جا ڇِڪيل ڀرون ھوريان ھوريان سڌ ۾ اچي ويا. ھن جُهڪي ڀڳل رانديڪو کنيو، ٽُڪر ميڙي اڳتي وڌيو. وڃي مائيءَ جي ھٿن ۾ ڏنائين.
انھيءَ ئي ڌاڙي ۾ ھو جهليو.

سندس ڪي ساٿي ماريا، ڪي مٿس باڪُو ٿيا. مائيءَ شاھدي ڏني، ڀڳل رانديڪو پيش ٿيو. کيس جنم ٽيپ آئي. ھُو ماٺ ھو. صاف ماٺ… سندس ڀرون سڌ ۾ ھئا. اکيون ھڪ ڪَريون ھيس. ڄڻ ته پري پري پَي ڏٺائين. مائيءَ کي، ٻارڙي کي، سندس ڀاڪر کي… ۽ پاري ۾ پيل گڏڙي کي. سندس ڪنن ۾ آواز اچي رھيا ھئا. ”ڪنو… حلامي…“

کيس سنتر جيل تي موڪليو ويو. لولو جمعدار جيلر بڻجي چڪو ھو، ھن کيس چوکنڀو ٻڌايو. کيس اگهاڙو ڪرايو ۽ کيس ڏنڊي لنگهائِي. ھن کي اونڌو ڪري سنتر جي وڻ ۾ لڙڪايو ويو. سندس ڏنڊ ڪڍي ويئي. رت وھي ھليو، چيائون ته سوري ھيس. لولي جيلر کيس ٿڏو ھنيو، چيائين، ”بدمعاش!“

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close