ڪتاب: جناح: ڪاميابيون، ناڪاميون ۽ تاريخ ۾ ڪردار (حصو ٽيون)

تبصرو: امام بخش جکراڻي

ڪتاب جي چوٿين باب جو نالو Jinnah as a Muslim Communitarian آهي. اشتراڪيت Communitarianism جي بنيادي معني ٻڌائيندي ليکڪ لکي ٿو تہ ” پنهنجي برادري جي حقن لاءِ اٿي بيهڻ ۽ خيال ڪرڻ تہ برادري جي هرهڪ فرد کي بنيادي سڃاڻپ، مفاد ۽ حق مليل آهن. ٻين لفظن ۾ برادري جي هر فرد جي آزادي، خودمختياري ۽ تحفظ کي پهرين ضرورت سمجهي ان کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ آهي.“ هن باب ۾ ليکڪ هندستان اندر بيٺڪيت کان اڳ ۽ ٻيٺڪيتي دؤر دوران هندن، مسلمانن ۽ سکن جي هلندڙ مختلف اشتراڪي تحريڪن جو مختصر جائزو ورتو آهي. صوفي تحريڪن، ٻڌھ ۽ سک مت، آريا سماج، ڀڳتي تحريڪ، ڀرهمو سماج، وهابي، ديوبندي ۽ بريلوي تحريڪن آخر ۾ احمدي تحريڪ جو ذڪر ڪيو آهي. (مسلمانن، هندن ۽ سکن هي تحريڪون پنهنجي مذهب جي اصلاح ۽ پنهنجي برادري جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ هلايون هيون) احمدي تحريڪ جي باني مرزا غلام احمد جي سوچ، تعليمات ۽ نظرين جو بہ مختصر ذڪر هن باب ۾ ڪيو ويو آهي. انڊين قومپرستي جي مذهب جي بنياد تي ٽٽڻ، هندن اندر ذات پات جي سخت نظام هجڻ ۽ مسلمانن ۾ وري فرقيورايت هجڻ ڪري، هاڻي هر فرد پنهنجي برادري ۽ قوم جي ڀلائي بابت سوچڻ لڳو. انڊين ماڻهن جي اتحاد جي ٽٽڻ جو فائدو انگريزن کي ٿيو. ليکڪ مطابق تہ ”سياسي حوالي سان ڪميونيٽيرين ازم انگريزن تي ڪا بہ منفي اثر نہ ڇڏي پر هن عمل انڊين قومپرستي جي تحريڪ کي ٽوڙي ڇڏيو.“ انڊين قومپرستي جي ٽٽڻ سان انگريز وڌيڪ طاقتور ٿي ويا.

جناح 1920-29ع دوران سياست ۾ هڪ Muslim Communitarian هيو. جناح پنهنجي هن سياسي دؤر ۾ مسلمانن جي هڪ الڳ برادري هجڻ جي دعوا ڪندي چوي ٿو تہ هندستان اندر ڪيترائي مذهبي برادري رهن ٿا جيڪي مذهبي ۽ ثقافتي حوالي سان هڪ ٻئي کان مختلف آهن ۽ گڏيل هندستان اندر هندو اڪثريت ۾ مسلمانن جي آئيني تحفظ جو مطالبو ڪندي نظر اچي ٿو. ڪتاب جي ايندڙ باب ۾ ليکڪ جناح جي هن نئين سياسي سفر ۾ ادا ڪيل ڪردار تي لکيو آهي.

ڪتاب جي پنجين باب جو نالو Jinnah’s Communitarian Forays آهي. هن باب جي شروعات ۾ گانڌي کان پوءِ خود مسلمان برادري اندر جناح جي مخالفن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. پنجاب اندر سر ميان محمد شفيع ۽ سر فضل حسين جناح جا ٻہ وڏا سياسي مخالف هئا. هنن ٻنهي اڳواڻن جناح جي لکنوء معاهدي 1916ع جي مخالفت ڪئي هئي. ساڳئي معاهدي جي ڪري بنگال جا ڪيترائي مسلمان اڳواڻ پڻ جناح جا مخالف هئا. (لکنوء معاهدي بنگال ۽ پنجاب جي مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري هن ٻنھي صوبن جا اڳواڻ جناح جي خلاف هئا.) خلافت تحريڪ جا ڪيترائي اڳواڻ خاص ڪري محمد علي ۽ شوڪت علي جناح مخالف هئا. انگريز مخالف مسلمانن جون جماعتون جماعت علماء هند 1919ع، سرحد صوبي ۾ خان عبدالغفار خان جي خدائي خدمتگار تحريڪ 1930ع، پنجاب ۾ مجلس احرار 1929ع ۽ خاڪسار تحريڪ 1932ع جناح جي سياست جا سخت مخالف هئا. انهن سڀني اڳواڻن ۽ جماعتن جي مخالفت باوجود بہ جناح کي مئي 1924ع ۾ لاهور ۾ ٿيندڙ مسلم ليگ جي سالياني اجلاس لاءِ پارٽي جي صدر طور چونڊيو ويو. ليکڪ مطابق تہ ”خلافت تحريڪ جي ناڪامي ۽ جناح جي گانڌي جي عدم تعاون تحريڪ جي خلاف بيهڻ ڪري جناح کي مسلمان اڳواڻن اندر وڏي مڃتا ملي.“ مسلم ليگ جي لاهور واري اجلاس ۾ جناح اقليتن کي ويٽيج ڏيڻ واري لکنوء معاھدي جي اصول تان ڦري هي قرارد پاس ڪرايو تہ ڪٿي بہ اڪثريت کي اقليت ۾ يا وري برابري ۾ تبديل نہ ڪيو وڃي. (ياد رهي تہ لکنوء معاھدي 1916ع تحت اقليتن کي ويٽيج ملڻ ڪري پنجاب ۽ بنگال جي مسلم اڪثريت اقليت ۾ تبديل ٿي وئي هئي. هاڻي جناح جي سياست جو لاڙو مسلم اڪثريتي صوبن پنجاب، بنگال ۽ سرحد ڏانهن هيو. تنهنڪري جناح لکنوء معاهدي تان ڦري ويو جيڪو جناح جي انڊين قومپرستي واري سياسي دؤر جو وڏو ڪارنامو هو.)

دھلي ۾ جنوري 1925ع ڌاري ٿيندڙ آل پارٽي ڪانفرنس ۾ جناح ڪوشش ڪئي تہ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ ٺاھ ٿي وڃي. هن ڪانگريس تي مسلم ليگ جي لاهور واري اجلاس جي مطالبن کي قبول ڪرڻ لاءِ زور ڀري. پر هندو مهاسڀا جهڙي ڪٽر هندو جماعت ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ ڪنهن بہ قسم جي ٺاھ ڪرڻ جي مخالف هئي. (هن دؤر جي ڪانگريس سياست تي تنگ نظر ۽ قدامت پسند هندو تنظيم مهاسڀا گهڻي ڀاڱي حاوي هئي) مسلم ليگ پنهنجي ڊسمبر 1926ع واري دهلي جي گڏجاڻي ۾ ڪجھ نوان مطالبا پيش ڪيا. جن مطالبن ۾ بنگال ۽ پنجاب ۾ مسلمانن جي اڪثريت قائم رهي. سرحد ۾ آئيني سڌارا لاڳو ڪيا وڃن ۽ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪيو وڃي شامل هئا. ساڳئي وقت جناح 1924-28ع دوران مرڪزي آئين ساز اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي چئن تقريرن ۾ ”فوج کي انڊين بڻائڻ“ جي ڳالھ ڪري ٿو. (مطلب اڃا تائين جناح تي ڪنهن قدر انڊين قومپرستي جو اثر هيو.)

مسلم اڳواڻن پنهنجي اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ مسلم ڪانفرنس جو بنياد وڌو. دهلي ۾ مارچ 1927ع ڌاري جناح مسلم ڪانفرنس منعقد ڪرائي. جنهن ۾ ڪانگريس اڳواڻ ڊاڪٽر انصاري ۽ خلافت اڳواڻ مولانا محمد علي جوهر پڻ شريڪ ٿيا. هن اجلاس ۾ جناح مسلمانن جي الڳ چونڊ نظام تان ڪجھ ٻين جائز مطالبن جي قبوليت خاطر هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو. جناح جي ان فيصلي کي ڪانگريس قبول ڪري ورتو. جناح جي ھن فيصلي خاص ڪري سر فضل حسين ۽ بنگال جي صوبائي مسلم ليگ اڳواڻ سر عبدالرحيم کي ڪاوڙائي وڌو. ليکڪ مطابق تہ “دهلي مسلم ڪانفرنس ناڪام وئي. مسلم ليگ ٻن حصن جناح مسلم ليگ ۽ شفيع مسلم ليگ ۾ ورهائجي وئي. ڊسمبر 1927ع ۾ جناح مسلم ليگ جي اجلاس ڪلڪتي ۾ ٿي. جڏهن تہ شفيع ليگ جي لاهور ۾ ٿي. مسلمانن جي اڪثريت جناح سان گڏ هئي.“ (جناح اڃا تائين پنهنجي مسلم برادري جي حقن جي تحفظ جي ڳالھ ڪرڻ سان گڏ هندن ۽ مسلمانن جي وچ پيدا ٿيل اختلافن کي ختم ڪري ٺاھ ڪرائڻ لاءِ پڻ جتن ڪري رهيو هيو.)

سائمن ڪميشن 1927ع جي حمايت ۽ مخالفت ڪرڻ ڪري انڊين اڳواڻ ورهائجي ويا. جناح، ڪانگريس ۽ مهاسڀا ڪميشن جي حمايت ڪرڻ جي خلاف هئا. (ان ڪري جو هن ڪميشن جا ميمبر سڀ انگريز هئا) آغا خان، سر شفيع ۽ علامہ اقبال ڪميشن جي حمايت جي حق ۾ هئا. انهي دوران نوجوان ڀڳت سنگ جي 1928ع تي هڪ انگريز آفيسر کي قتل ڪرڻ، سندس گرفتاري ۽ ڦاسي جو هن باب ۾ ليکڪ ذڪر ڪيو آهي. جناح ان معاملي تي اسيمبلي اندر شاندار تقرير ڪئي. جنهن ۾ جناح دهشتگردي جي خلاف ڳالهائيندي تقرير ۾ هي خيال ظاهر ڪري ٿو تہ ڪير بہ پيدائشي دهشتگرد نہ آهي. پر سماج جي ناانصافين جي ڪري ماڻهو اهڙن قدمن جي کڻڻ لاءِ مجبور ٿي وڃي ٿو.

سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ برڪين هيڊ جي چيلينج تہ انڊين ڪڏهن بہ هڪ آئين تي راضي ٿيڻ جي قابل نہ ٿيندا جي جواب ۾ هندستان جي آئيني مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪانگريس آل پارٽي ڪانفرنس گهرائي ورتي. جنهن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڀني جماعتن کي دعوت ڏني وئي. پر جناح ان ۾ شامل نہ ٿيو. هن پنهنجي 1927ع جي دهلي جي تجويزن کي قبول ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. هن باب ۾ ليکڪ 1928ع جي نهرو رپورٽ تي تفصيل سان لکيو آهي. خاص ڪري جسونت سنگ جي موقف تہ ڪانگريس 1916ع جي لکنوء پيڪٽ ۾ ڪيل پنهنجي فيصلي يعني مسلمانن جي الڳ چونڊ نظام، مسلم اقليتي صوبن ۾ مسلمانن کي مليل ويٽيج ۽ مسلمانن جي مرڪزي اسيمبلي ۾ 1/3 نمائندگي جي اصول کي رد ڪندي ڦري وئي کي دليلن سان رد ڪيو آهي. اشتياق احمد ان حوالي سان لکي ٿو تہ مسلم ليگ پنهنجي 1924ع جي لاهور واري اجلاس ۾ لکنوء معاهدي ۾ تبديلي جي ڳالھ ڪئي. جناح پاڻ 1927ع جي پنهنجي دهلي تجويزن ۾ مسلمانن جي الڳ چونڊ نظام تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو هو. ويٽيج جي اصول کي پنجاب ۽ بنگال جي مسلم اڪثريتي صوبن ڪڏهن بہ قبول نہ ڪيو هو.(ليکڪ جو موقف هي آهي تہ لکنوء معاهدي 1916ع جي فيصلي تان ڪانگريس نہ پر خود مسلم ليگ ڦري وئي.) ليکڪ مطابق تہ ڪانگريس جناح جي ڪجھ 1927ع جي دهلي جي تجويزن کي قبول ڪري ها. جنهن سان جناح نهرو رپورٽ واري ڳالهين جي ڪميٽي ۾ شامل ٿي ها. اهڙيءَ طرح ھندستاني آئين سازي جي عمل ۾ ڪنهن مثبت نتيجي تي پهچن ها.

نهرو رپورٽ 1928ع ۾ شامل هندستان لاءِ Dominion status (برطانوي دولت مشترڪہ اندر رهندي خودمختياري) جو مطالبو، هندن ۽ مسلمانن جي وچ تڪرار جي سبب الڳ چونڊ نظام ۽ ويٽيج کي ختم ڪرڻ، Universal adult franchise (ڪائناتي بالغ چونڊ نظام) جي اصول جو مطالبو، سرحد صوبي ۾ آئيني سڌارن ۽ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري جدا صوبو ٺاھڻ، سيڪيولر رياست، برابر شهري حق، بنيادي حق، جمهوريت، قومي ٻولي ۽ وفاقيت جهڙن ڳالهين تي ليکڪ جامع تجزيو پيش ڪيو آهي.

مسلمانن جي اندر آغا خان، سر فضل ۽ سر شفيع نهرو رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو. بقول ليکڪ جي تہ ”مسلم ليگ نہ رپورٽ کي رد ۽ نہ وري قبول ڪئي پر ان جي فهرست ۾ ڪجھ وڏين تبديلين جي خواهش ظاهر ڪئي.“ انهن تبديلين جو مطالبو جناح ڊسمبر 1928ع جي ڪلڪتي ۾ ڪانگريس جي سڏايل آل پارٽيز ڪنوينشن ۾ ڪيو. جناح جي پيش ڪيل انهن ترميمن ۾ مرڪزي اسيمبلي ۾ مسلمانن جي 1/3 نمائندگي، پنجاب ۽ بنگال ۾ مسلمانن جا آبادي جي بنياد تي سيٽ محفوظ ڪيا وڃن، آئين وفاقي هجي جنهن ۾ صوبن کي وڌيڪ اختيار مليل هجن، سنڌ کي جلدي الڳ صوبي جو درجو ڏنو وڃي ۽ سرحد ۽ بلوچستان ۾ آئيني سڌارا لاڳو ڪيا وڃن. ليکڪ مطابق جناح جي هن مطالبن ۾ پهريون ۽ ٽيون مطالبو جيڪي حڪمت عملي جي لحاض کان نهرو رپورٽ سان تڪراري هئا. جناح جو ٽيون مطالبو وڌيڪ تڪراري هو. ان تي ليکڪ دليل ڏيندي لکي ٿو تہ تاريخي حوالي سان ڪثرتيت سماج هجڻ ڪري هندستان اندر اصل کان مرڪزي حڪومت مضبوط رهي آهي. ليکڪ آخر ۾ جناح تي الزام هڻندي لکي ٿو تہ ”جڏهن اسين ڏسون ٿا تہ جناح ڪيئن مرڪز ۽ صوبن جي تعلقن کي هلايو هو جڏهن پاڪستان 1947ع ڌاري وجود ۾ آيو هو.“

نيٺ جناح دهلي ۾ سر آغا خان جي اڳواڻي هيٺ ٿيندڙ آل پارٽيز مسلم ڪانفرنس ۾ 31 ڊسمبر 1928ع ڌاري جناح پنهنجا مشهور ”چوڏهن نڪتا“ پيش ڪيا. هنن نڪتن جي مکيہ ڳالهين ۾ ڪمزو وفاق اندر صوبن کي وسيع اختيار مليل هجن، مرڪزي ۽ صوبائي آئين ساز اسيمبلين ۾ مسلمانن جي نمائندگي 1/3 هجي ۽ مسلمانن لاءِ الڳ چونڊ نظام هجي. ڪانگريس جناح جي هن چوڏهن نڪتن کي رد ڪري ڇڏيو. جناح ان کي ”رستن جو جدا ٿيڻ“ سڏيو. اهڙيءَ طرح جناح جو هي سياسي سفر پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. (هندستان جي هن سياسي ڏهاڪي ۾ گانڌي پنهنجي عدم تعاون تحريڪ جي ناڪامي ڪري سياست کان پري ٿي ويو. ڪانگريس سياست ۾ موتي لعل نهرو، جواهر لعل نهرو ۽ سڀاش چندر بوس اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن تہ جناح جي ڪانگريس سياست کان الڳ ٿيڻ ڪري هندستان اندر آزادي جي تحريڪ ڪمزور ٿي وئي. جنهن جو فائدو انگريزن کي ٿيو. جناح هاڻي پنجاب، بنگال، سنڌ ۽ سرحد جي مسلمانن جي آئيني حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هو. هندو مهاسڀا جي ڪٽر هندو سياست هندستان اندر هندو-مسلم اتحاد جي سخت مخالفت ڪئي. جنهن ڪري هندن ۽ مسلمانن جي وچ سياسي توڙي مذهبي تڪرار تيز ٿيندو ويو.) هاڻي جناح پنهنجي مسلم قومپرستي واري سياسي دؤر جي شروعات ڪئي. جنهن ۾ هو ٻہ قومي نظريي جي بنياد تي هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي ٺهڻ جو مطالبو ڪرڻ لڳو.

هلندڙ


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close