ننڍي کنڊ جي موسيقيءَ ۾ نواڻ آڻيندڙ: نازيہ حسن

طاھر سرور مير/ عبدالستار لغاري

زينت امان سان پنھنجي ڌيءَ جو تعارف ڪرائيندَي، منيزہ بصير حسن جي خواب خيال ۾ بہ نہ ھوندو تہ ڊرائينگ روم ۾ رکيل گٽار اڳتي هلي سندس ڌيءَ جي مستقبل جو فيصلو ڪندو. زينت امان لنڊن ۾ منيزہ جي گهر آئي ۽ گٽار ڏسي سوال ڪيائين تہ ھي ڪير وڄائيندو آھي؟ منيزہ جواب ڏنس، منھنجا ٻئي ٻار نازيہ ۽ زوھيب موسيقيءَ ۾ دلچسپي رکن ٿا.

نازيہ ان وقت موجود ھئي، ھن جڏھن گيت ٻڌايو تہ زينت ڏاڍي خوش ٿي ۽ چيائين نازيہ ڏاڍو سٺو ٿِي ڳائي، ھن جو آواز بہ ڏاڍو ڀلو آھي.

بقول منيزہ جي، تہ ٻي ڏينھن زينت امان مونکي فون ڪئي ۽ چيائين تہ منھنجو پروڊيوسر فيروز خان ھڪ فلم ٺاھي رھيو آھي، جنھن لاءِ کيس ھڪ نئين آواز جي تلاش آھي، مونکي لڳي ٿو تہ ھن کي نازيہ جھڙي آواز جي تلاش آھي. منھنجي انڪار باوجود زينت امان گهڻو ضد ڪيو، ۽ مون سوچيو تہ نازيہ جي پيءُ سان ڳالهايان. نازيہ جو پيءُ ۽ سندس خاندان روايت پسند آھن، ۽ پوءِ مون کيس قائل ڪري ورتو. اسان جي گهر جو ماحول ڏاڍو زبردست رھيو آھي، اسان ھڪٻئي جي ڳالھ کي مان ڏيندا آھيون. مونکي ياد آهي نازيہ اسڪول جي يونيفارم ۾ ھئي، رسيس ۾ ھو بدو جي ريڪارڊنگ اسٽوڊيو ۾ وئي ھئي، ھن گيت ريڪارڊ ڪرايو ھو، جنھن جا ٻول ھئا، ”آپ جیسا کوئی میری زندگی میں آئے، تو بات بن جائے“ ۽ پوءِ جيڪو ڪجهہ ٿيو، اھو تاريخ جو حصو آهي.

ھي گيت نازيہ حسن انڊين اداڪار ۽ ھدايتڪار فيروز خان جي فلم ’قرباني‘ لاءِ ڳايو ھو، جنھن کي بدو موسيقي ڏني ھئي، ھن گيت جو خيال آمريڪي گلوڪار لو راولس جي مشھور گيت ’يو ول نيور فائنڊ‘ تان ورتو ويو ھو. ھن فلم جا ٻيا گيت انڊيا جي مشھور موسيقارن ڪليان جي، آنند جي، آشا ڀوسلي، محمد رفيع ۽ ٻين گلوڪارن ڳايا ھئا، پر 1980ع ۾ بھترين گلوڪار جو ايوارڊ نازيہ حسن جي حصي ۾ آيو ھو.

منيزہ بصير حسن ٻڌائي ٿي تہ ھن گيت جي ريڪارڊنگ کان پوءِ نازيہ پنھنجي تعليم ۾ مصروف ٿي وئي ۽ کيس اھو بہ ياد نہ رھيو تہ ھن انڊين فلم لاءِ ڪو گيت بہ ڳاتو آهي. فلم ريليز ٿي تہ گيت تمام گهڻو مشھور ٿي ويو. ھڪ ڏينھن راج ڪپور جو فون آيو، ھن ٻڌايو تہ فلم فيئر ايوارڊ جي ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي تہ ھن سال جي بھترين گلوڪار جو ايوارڊ نازيہ حسن کي ڏنو وڃي، ڇا توھان ايوارڊ وٺڻ ايندؤ؟

نازيہ حسن جنھن عمر ۾ بھترين گلوڪاره جو فلم فيئر حاصل ڪيو ھو، اھو ھن ايوارڊ جي 66 سالا تاريخ ۾ ڪڏھن بہ نہ ٿيو ھو. نازيہ حسن ممبئي جي جنھن ھوٽل ۾ ترسيل ھئي، اتي انڊين ميڊيا جي نمائندن جي اچ وڃ جاري رھي. ھي ايوارڊ نازيہ حسن راج ڪپور کان ورتو ھو ۽ پوءِ بالي ووڊ ۾ ’شو مين‘ سڏجندڙ راج ڪپور سميت فلمي دنيا جي ھر ڪامياب پروڊڪشن ھائوس نازيہ حسن کي بلينڪ چيڪ سان گڏ فلمن ۾ بطور ھيروئين ڪم ڪرڻ لاءِ آڇ ڪئي ھئي پر نازيہ حسن ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انڪار جو ڪو خاص سبب نہ ھو پر ھن جي خاندان تعليم ۽ تربيت کي خاص فوقيت ڏني ھئي.

سينيئر اداڪاره بيبي تبسم جو، نازيہ کان ورتل انٽرويو سندس شخصيت جو بھترين عڪاس آھي. ھن انٽرويو ۾ نازيہ حسن جي خانداني پسمنظر، تعليم ۽ تربيت ۽ سندس پراعتماد شخصيت ڏسي سگهجي ٿي. ميزبان جي شرارتي سوالن تي نازيہ شرمائي رھي ھئي ۽ ھوءَ سوالن جا انتھائي مختصر، صاف ۽ سڌا جواب ڏيئي رھي ھئي. ميزبان کيس چوي ٿي تہ، انٽرويو جي شروعات ۾ ئي توھان سازن کان بغير گيت ٻڌايو، تنھن تي نازيہ حسن پنھنجين وڏين اکين سان ھيڏي ھوڏي ڏسي جهونگاري ٿي، آپ جيسا ڪوئي… ميزبان ٻيو سوال پڇيس ٿي، نازيہ توھان ڏاڍيون خوبصورت آھيو، منھنجي ذھن ۾ ھڪ ڳالھ اچي ٿي تہ جنھن مھل توھان ڳايو ٿيون، ايئن لڳي ٿو تہ توھان جي انگ انگ مان بہ رڌم ڦٽي نڪري رھيو آھي، ڇا توھان ڊانس بہ ڪنديون آھيو؟ انھي تي نازيہ چوي ٿي نہ، اڃا آئون پڙھي رھي آھيان، اڳتي ھلي سوچينديس تہ مونکي ڇا ڪرڻو آهي.

نازيہ حسن آمريڪن اسڪول مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ لنڊن مان بزنس لاء ۾ ڊگري حاصل ڪئي.

نازيہ حسن جو ننڍو ڀاءُ ۽ ميوزڪ پارٽنر زوھيب حسن پنھنجي ڀيڻ کي ياد ڪندي ٻڌائي ٿو، تہ تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ نازيہ اقوام متحده جي مختلف منصوبن تي ڪم ڪندي رهي، جن ۾ ھن عورتن جي عالمي سربراهي منصوبي ۽ سياسي معاملن جي شعبي ۾ اھم خدمتون سرانجام ڏنيون، ھوءَ اقوام متحده جي ذيلي اداري يونيسيف ۾ ٻارن جي حقن ۽ تعليم لاءِ برانڊ ايمبيسڊر بہ رھي. ھوءَ انتھائي ذھين، حساس ۽ اعلٰي انسان ھئي، ھن کي ھر وقت يتيم ٻارن جو احساس ھوندو ھو. جڏھن ھو ننڍي ھئي تہ پنھنجي سالگره ملهائيندي ھئي پر جڏھن 14 سالن جي ٿي تہ امان حسب روايت سالگره جي تياري ڪرڻ لڳي، نازيہ کان پڇيائين تہ لنڊن ۾ ڪھڙين سھيلين کي دعوت ڏيندينءَ، نازيہ جواب ڏنو تہ امان ھاڻي آئون ٻار ناھيان جو سالگره ملهايان. امان ڏاڍي حيران ٿي ۽ چيائين اڃان تہ تون 14 سالن جي مس ٿي آھين، تون پنھنجي پاڻ کي ايڏو وڏو ڇو پئي سمجھين؟ ٺيڪ آ امان، نازيہ امان کي چيو، جيئن آئون چونديس، توھان ايئن ڪندؤ؟ امان ھا ۾ جواب ڏنو تہ چيائين، ڪيڪ ۽ منھنجا سڀ تحفا يتيم ٻارن کي ڏيندؤ، ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو. جيستائين نازيہ ھن دنيا ۾ ھئي، پنھنجي سالگره ايئن ئي ملھائيندي ھئي.

زوھيب ٻڌائي ٿو تہ ھوءَ 2000ع ۾ ھن دنيا مان ھلي وئي، تڏھن کان اسان لنڊن، ڪراچي ۽ دنيا جي جنھن بہ حصي ۾ ھوندا آھيون، نازيہ جي سالگره سندس ٻڌايل طريقي سان ئي ملھائيندا آھيون. نازيہ مون کان صرف ڏيڍ سال وڏي ھئي پر ڪڏھن ڪڏھن مونکي لڳندو ھو تہ ھوءَ منھنجي ڀيڻ نہ پر ماءُ ھئي. امان ٻڌائيندي آهي تہ نازيہ جڏھن ڏيڍ سالن جي ھئي تہ ناني کيس ڳاڙھا جوتا ڏنا ھئا، جن کي ڏاڍو پسند ڪندي ھئي، جيڪي پائڻ بدران جهوليءَ ۾ کڻي ھلندي ھئي. آئون ان وقت ھڪ سال جو ھئس ۽ بستري تي ليٽيل ھئس، نازيہ منھنجي بستري جي چوڌاري چڪر لڳائي رھي ھئي ۽ سندس خيال ھو تہ آئون بستري تان اٿي ساڻس کيڏان، ظاھر آھي آئون ان وقت تمام ننڍڙو ھئس ۽ نازيہ جي فرمائش پوري نہ پئي ڪري سگهيس، ۽ پوءِ ھن پنھنجا ڳاڙھا جوتا بستري تي رکي اھو بانور ڪرايو تہ ھاڻ تہ اٿ مون سان کيڏ، مون توکي پنھنجا قيمتي جوتا بہ ڏيئي ڇڏيا آهن.

وڏي ڀيڻ کي ياد ڪندي زوھيب ھڪ ٻيو واقعو بہ ٻڌايو، ھڪ دفعي اسان لنڊن جي ڪنھن شاپنگ سينٽر ۾ ھئاسين. ان وقت آئون پنجن سالن جو ھئس ۽ نازيہ ساڍن ڇھن سالن جي ھئي، ھڪ پوڙھي عورت مونکي ڌڪو ڏنو ۽ آئون ڊڄي ويس، نازيہ اھو ڏٺو تہ ھن پوڙھي عورت کي چيو، ٺيڪ آ تون پوڙھي آھين پر ايئن منھنجي ڀاءُ کي ڌڪا نٿي ڏيئي سگهين، نازيہ منھنجو گهڻو خيال رکندي هئي.

چوڏھن ملڪن جي ٽاپ ٽين چارٽس تي نازيہ ۽ زوھيب ڇانيل رھيا، نازيہ ۽ زوھيب جي جوڙي ڏکڻ ايشيا ۾ جديد موسيقي جي انقلاب جو سبب بڻي. ھي ٻيئي ھن خطي ۾ پاپ ميوزڪ جي بانين ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا، ڀيڻ ڀاءُ جي ھن جوڙي خطي ۾ اڌ صديءَ کان رائج موسيقي جي روايت کي بدلائي ڇڏيو. 1931ع ۾ پھرين فلم عالم آرا کان وٺي 1981ع تائين جيڪي بہ تجربا ڪيا ويا، نازيہ حسن جي آواز ۽ ساڻس گڏ ساز وڄائيندڙ وارو تجربو ھڪ خوبصورت ۽ منفرد ميوزڪ ثابت ٿيو.

گلوڪار جواد احمد چوي ٿو تہ انڊيا ۾ ايس ڊي برمن ۽ ڪشور ڪمار جو گيت ’ميري سپنو ڪي راني‘ ۽ پاڪستان ۾ ’ڪو ڪو ڪورينا‘ جيڪو سھيل رانا احمد رشدي کان ڳارايو ھو، ھن خطي ۾ پاپ ميوزڪ جي شروعات چئي سگهجي ٿي، پر نازيہ، زوھيب ۽ بدو ھن خطي ۾ جاري ميوزڪ جي روايت کي تبديل ڪري ڇڏيو.

نازيہ ۽ زوھيب گڏيل پنج البم ڪيا، جن ۾ پهريون "ڊسڪو ديواني” ھو، جيڪو 1981ع ۾ ريليز ٿيو، ھن البم ۾ ڏھ گيت شامل ڪيا ويا، جيڪي سڀ گهڻو مشھور ٿيا، البم جي ريليز ٿيڻ جي پھرين ئي ڏينھن صرف ممبئي ۾ 10 لک ڪاپيون وڪرو ٿيون. ڊسڪو ديواني ريليز ٿيڻ جي پندرهن ڏينهن کان پوءِ پلاٽينم ٽائٽل کٽيو ۽ ان کان پوءِ ھي اعزاز ٽئين ھفتي ۾ ڊبل پلاٽنيم ۾ تبديل ٿي ويو ھو. ھي البم 14 ملڪن جن ۾ پاڪستان، انڊيا، برازيل، روس، ڏکڻ آفريڪا، فلپائن، ملائيشيا، انڊونيشيا، لاطيني آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيا، ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا شامل آهن. ٽاپ ٽين چارٽس ۾ پھرين نمبر تي رھيو ۽ سڄي دنيا ۾ ھڪ ڪروڙ چاليھ لک ڪاپيون وڪرو ٿيون، جيڪو ان وقت ھڪ ريڪارڊ ھو. ٻنھي جو ٻيو البم "بوم بوم” ھو ۽ ھي بہ گهڻو مشھور ٿيو، ٽيون البم ينگ ترنگ، چوٿون البم ھاٽ لائن ۽ پنجون البم ڪئميرا ڪئميرا جي نالي سان 1992ع ۾ آيو.

نازيہ ۽ زوھيب جي گيتن جا ويڊيوز منظر عام تي آيا تہ مشرقي موسيقي جي دنيا ۾ البم سان گڏ ويڊيو ٺاھڻ بہ لازمي ٿي ويو. پاڪستان ۽ انڊيا سميت ايشيا ڄاوا آمريڪي ۽ برطانوي شھرين جي نوجوانن بہ ميوزڪ بينڊ ٺاھيا. شاعري نازيہ جي ۽ ڌن زوھيب جي ھوندي ھئي، نازيہ ۽ زوھيب کان ھڪ دفعي پڇيو ويو تہ توھان جو ميوزڪ خالص مغربي بہ ناھي، مشرقي بہ نٿو چئي سگهجي، ان تي نازيہ جواب ڏنو، اسان تہ پنھنجي دل جي چوڻ تي ڪم ڪري رھيا آھيون ۽ ماڻھو اسان کي مان ڏيئي رھيا آھن، ٻنھي کان جڏھن اھو پڇيو ويو تہ توھان ڪم ڪيئن ڪندا آھيو، جواب ڏنائون تہ، اسان ڀاءُ ڀيڻ پاڻ ۾ دوست بہ آھيون، اسان ھڪ ٻئي سان بحث ڪندا آھيون، وڙھندا آھيون ۽ ميوزڪ تيار ڪندا آھيون. نازيہ ۽ زوھيب جي جوڙي ۾ شاعري نازيہ جي ھوندي ھئي ۽ ڌنون زوھيب ٺاھيندو ھو، نازيہ بہ ڌنون ٺاھيندي ھئي پر زوھيب وٽ ويٽو پاور ھوندا ھئا، يعني ڌن قبول ڪرڻ يا مسترد ڪرڻ جو مينڊيٽ ھن وٽ ھوندو ھو.

نازيہ حسن موسيقي طرف راغب ٿيڻ جو ڪريڊٽ موسيقار سھيل رعنا کي ڏيندي ھئي، ھو ٻڌائيندي ھئي تہ ڪراچي ٽي وي تان سھيل رعنا ٻارن لاءِ موسيقي جو پروگرام "سنگ سنگ چلتي رھنا” ڪندو ھو، انھي ئي پروگرام ۾ زوھيب ۽ مون ڳائڻ شروع ڪيو ھو. اسان ٻيئي سندس ٽيم ۾ شامل نہ ھئاسين پر جڏھن لنڊن کان ڪراچي ايندا ھئاسين تہ ھن جي پروگرام ۾ لازمي شريڪ ٿيندا ھئاسين. منيزہ بصير ٻڌائي ٿي تہ پھريون دفعو پروڊيوسر سلطانہ صديقي نازيہ کي ھن پروگرام ۾ ويھاريو ھو ۽ ان کان پوءِ زوھيب بہ شامل ٿيو ھو.

سھيل رعنا بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ھو تہ مونکي نازيہ حسن کي ياد ڪندي فخر محسوس ٿيندو آھي. نازيہ سان جڏھن منھنجي پھرين ملاقات ٿي، تڏھن ھوءَ ڇھن يا ستن سالن جي ھئي، ھوءَ ڏاڍي ذھين ۽ خوبصورت ھئي، آئون ھن کي جيڪو بہ ياد ڪرائيندو ھئس، ھوءَ ياد ڪري وٺندي ھئي، منھنجي پروگرام ۾ شامل ٿيندڙ ٻارن ۾ ھن کي مرڪزي حيثيت حاصل ھئي. سھيل رعنا ٻڌايو تہ نازيہ ۽ زوھيب کي منھنجا ڪيترائي گيت ياد ھوندا ھئا، ھوءَ منھنجا ٻہ گيت "آ جا چاند نہ جا”، "گائي جا ڪوئل ڪو ڪو ڪو ڪو” شوق سان ڳائيندا ھئا.

اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر جاويد جبار، جنھن جا نازيہ جي والدين سان گهاٽا تعلقات ھئا، ھو چوي ٿو تہ نازيہ ھڪ ننڍڙي ٻار ھئي پر ھن جي دل تمام وڏي ھئي، ھن وٽ وڏو دماغ ھجڻ سان گڏوگڏ ھوءَ عظيم انسان بہ ھئي، ھوءَ ھڪ عظيم روح کڻي دنيا ۾ آئي ھئي، ھن کي سکڻ جو گهڻو شوق ھوندو ھو ۽ ھوءَ عالمي حالتن ۾ دلچسپي وٺندي ھئي. سڀ کان وڏي ڳالھ اھا تہ ھوءَ انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪجهہ ڪرڻ چاھيندي ھئي، ھن پنھنجي مختصر زندگي ۾ انسانن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ گهڻو ڪجهہ ڪيو، اسان کي ھن جي ڇڏيل مشن کي جاري رکڻ گهرجي.

نازيہ حسن ڦڦڙن جي ڪئنسر سان جنگ وڙھندي ھن دنيا مان ھلي وئي، جڏھن ھوءَ دنيا مان وئي، سندس اڪيلو پٽ عريض حسن اڍائي سالن جو ھو، عريض ٻڌايو تہ سندس دل دماغ ۾ امان جون ڌنڌليون يادون محفوظ آھن، ھو مونکي راڻي باغ وٺي وئي ھئي. منھنجي امان کي "گولڊن وائس” ۽ "پائينيئر آف پاپ ميوزڪ” جي نالن سان ياد ڪيو وڃي ٿو، پر ھوءَ منھنجي ماءُ ھئي، منھنجي امان جيستائين زنده ھئي، تيستائين ھن انساني ڀلائيءَ لاءِ سوچيو ۽ ڪم ڪيو، انھن جي احساس محرومي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش بہ ڪئي، ۽ اھا ڪوشش آئون بہ ڪندس.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close