بي نڪو (مختصر ڪھاڻي)

امر اياز مھر

هن کي وڏي حيرت ٿي! حيرت واري ڳالھ به آهي..! هن جڏهن نڪ صاف ڪرڻ لاءِ پنهنجو هٿ وڌايو ته هن جو نڪ موجود نه هو..!

هو پنهنجي گرم هنڌ تي جيئن ئي ليٽيو ته زڪام سبب هن جو ساھ ٻوساٽجڻ لڳو ۽ دل تي بار محسوس ڪيو هئائين…!

نڪ جي غير موجودگي جو احساس هن کي بيچين ڪري ڇڏيو…!

هن پنهنجا ٻئي هٿ منھن تي گهمائڻ شروع ڪيا.. هو اندر ۾ ٽٽڻ لڳو.. ڀُرڻ لڳو…

آرسيءَ آڏو بيھي هن پنهنجي منهن کي غور سان ڏٺو… هن کي ڏاڍي حيرت ٿي ته نڪ پنھنجي جاءِ تي موجود هو.. پر هن جڏهن نڪ کي ڇھڻ چاهيو تڏهن هن کي اتي موجود نه مليو..! هن کي ڏاڍي اُڻ تڻ ٿي…!

دوست کي ڪال ڪيائين:
”ڇا تنهنجو نڪ تنهنجي منهن تي موجود آهي؟“

”اهو ڪھڙي قسم جو سوال آهي! منهنجو نڪ ته منھنجي منھن تي موجود آهي“ سندس دوست حيرت مان وراڻيو

”ڇا تون پنھنجي نڪ کي پنھنجن هٿن سان ڇهي سگهين ٿو؟“ هن ٻيو سوال ڪيو

”ها مان پنھنجي نڪ کي ڇُھي به سگهان ٿو، پر ھي تون ڪھڙي قسم جا سوال پيو ڪرين؟“

”يار منھنجو نڪ ڪٿي وڃائجي ويو آهي، آرسيءَ ۾ ڏسڻ باوجود آئون ان کي ڇُھي نٿو سگهان..!“

”پريشان نہ ٿيءُ، گهڻي ڪم سبب ذهني پريشاني ۾ مبتلا ماڻھن سان ائين ٿيڻ نفسياتي ڇڪتاڻ کان سواءِ ڪجهہ به ناهي.. تون آرام ڪر“

صبح سان تيار ٿي جڏهن هو ٻن پوليس موبائيلن جي پروٽوڪول ساڻ سرڪاري وڏي گاڏيءَ ۾ چڙهي ٻاهر نڪتو، تہ کيس اھو ڏسي سڪون مليو ته سڀئي ماڻھو هن جيان ئي آهن، بي نڪا..!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close