ڊيرا غازي خان جا بلوچ قبيلا

فاروق بجاراڻي

ڊيرا غازي خان جو شھر دودائي بلوچن جي هڪ شاخ ميرڙاڻي سان واسطو رکندڙ ھڪ سردار غازي خان ميرڙاڻي جي نالي تي آباد ٿيل آهي، جيڪو سردار حاجي خان ميرڙاڻي جو پُٽ هو جيڪو سال 1494ع ۾ فوت ٿي ويو هو. اُنھن دودائي بلوچن جي هن وقت هڪ وڏي شاخ بلوچن جو گورچاڻي قبيلو آهي جيڪي هن وقت به وڏي تعداد ۾ ڊيرا غازي خان جي علائقي ۾ آباد آھن.

جڏهن سال 1849ع ۾ انگريزن مهاراجا رنجيت سنگھ جي پُٽن کان پنجاب کسي پنهنجي حڪومت ۾ آندو ته پوءِ هي ڊيرا غازي خان جو به سڄو علائقو انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ اچي ويو. انگريزن ڊيرا غازي خان کي ضلعي جو درجو ڏنو جيڪو چار تحصيلن اُتر کان ڏکڻ ۾ ترتيبوار سنگھڙ ، ڊيرا غازي خان ، ڄام پور ، راجن پور تي مشتمل هو. سنگھڙ تحصيل جو هيڊ ڪوارٽر تونسا شھر هو پر ڪوهه سليمان کان وھي ايندڙ مشهور سڀ کان وڏي برساتي نالي سنگھڙ جي ڪري هن تحصيل جو نالو ئي سنگھڙ تحصيل رکيو ويو هو. هي سنگھڙ برساتي نالو تونسَا شهر جي ڏکڻ ۾ وهندو وڃي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. انگريز دؤر جو اهو ڊيرا غازي خان ضلعو ڏکڻ کان اُتر ۾ 210 ميل يعني 340 ڪلوميٽر ڊگھو هوندو هو جيڪو ڏکڻ ۾ سنڌ جي علائقي ڪشمور کان شروع ٿيندو هو ته اتر ۾ ڊيرا اسماعيل خان تائين پکڙيل ھوندو ھو. ڊيرا غازي خان ضلعي جي اوڀر ۾ مُنڍ کان وٺي آخر تائين سنڌو درياهه ته وري اولھ ۾ برٽش بلوچستان جا ڪوهه سليمان جا علائقا موسا خيل ، لورالائي ، بارکان ، ڪوهلو ، ڊيرا بگٽي هوندا هئا.
ڊيرا غازي خان ضلعي جو سنڌودرياهه سان لڳندڙ اوڀاريون اڌ سڄو زرخيز ميداني علائقو ھوندو ھو ته وري برٽش بلوچستان سان لڳندڙ اولاهيون اڌ ڪوهه سليمان جي پهاڙن تي مشتمل ھوندو ھو جتان جڳھ جڳھ تان ڪيترائي ننڍا وڏا برساتي نالا وھي ڪري سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندا هئا يا آھن.
هي ڊيرا غازي خان جو سڄو علائقو ڏکڻ کان وٺي اُتر تائين مختلف بلوچ قبيلن ۾ ورھايل ھوندو هو جن جي سردارن کي انگريز سرڪار طرفان مئجسٽريٽ پاور حاصل هوندا هئا يعني اُنھن سردارن کي انگريز حڪومت طرفان فرنٽيئر ريگيوليشن تحت جرڳي جا پاور حاصل هوندا هئا ته اُھي سردار پنھنجي علائقن جي عام ماڻھن جي ھر قسم جي مسئلن جا فيصلا ڪري سگھندا هئا ، تنهنڪري هن علائقي ۾ ڪورٽ وغيره نه ھوندا هئا. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 1960ع جي ڏهاڪي۾ صدر ايوب خان ڊيرا غازي خان جي هنن سردارن جا اُهي اختيار سرڪاري طور ختم ڪري ڇڏيا هُئا. انگريز سرڪار جي دؤر ۾ مليل اهڙن اختيارن وارن سردارن کي سرڪاري طور تُمندار جو خطاب ملندو هو جن ۾ 9 وڏا تُمندار هوندا هئا يعني مزاري ، دريشڪ ، گورچاڻي ، لغاري ، کوسا ، لُنڊ ، نوتڪاڻي ، بوزدار ، قيصراڻي جيڪي سڀ بلوچ هُئا۔

اُتر سنڌ جي علائقي ڪشمور کان مَٿي شروع ٿيندڙ اُنهيءَ انگريز دؤر جي ڊيرا غازي خان ضلعي جو پهريون علائقو مزاري سردار جي مزاري بلوچن جو ھوندو هو جنھن جي ڊيگھ ڪشمور کان وٺي اُتر ۾ عمرڪوٽ ( جنھن جي ريلوي اسٽيشن جو نالو ڪوٽ بهرام مزاري آهي) تائين 40 ميل يعني 60 ڪلوميٽر هُئي. مزارين جا وڏا پاڙا بالاچاڻي ، رستماڻي ، سَرگاڻي ، مسيداڻي وغيره هئا جن مان مزاري سردارن جو پاڙو بالاچاڻي هو جن جو ڳوٺ روجهاڻ مزاري هو. گزيٽيئر مطابق سال 1896ع ۾ مزارين جي سرداري پڳ ته سردار دوست محمد خان مزاري تي رکيل ھئي پر سڄا سرداري اختيار سندس چاچي امام بخش خان مزاري وٽ هوندا هُئا جيڪو مزارين جو تُمندار هو .سال 1891ع جي آدمشماري مطابق مزارين جي تعداد تقريبن 6 ھزار هُئي. مزارين هي علائقو ناهڙ قبيلي کان کسيو هو.

مزاري قبيلي کان مَٿي اُتر طرف دريشڪ قبيلي جو علائقو هو جنهن ۾ راجن پور شھر به شامل هو. دريشڪن جا مشهور پاڙا ڪرماڻي ، منگواڻي ، عارباڻي وغيره هُئا جن مان سرداري پاڙو ڪرماڻي هو جن جو ڳوٺ راجن پور ويجھو اسني هو. سال 1893ع ۾ دريشڪ قبيلي جو تُمندار سردار ميرهان خان ولد سردار بجار خان دريشڪ هو. سال 1891ع جي آدمشماري ۾ دريشڪن جي تعداد تقريبن 5 ھزار ھئي.

دريشڪ قبيلي کان مٿي اُتر ۾ گورچاڻي قبيلي جو علائقو هو . گورچاڻي پاڻ لاءِ ڊيرا غازي خان شھر جي باني قبيلي دودائي جي هڪ شاخ هجڻ جي دعوا ڪندا آهن. گورچاڻين جا مشهور پاڙا شيخاڻي ، سُهرياڻي ، جسڪاڻي ، درڪاڻي ، هوتواڻي ، بلواڻي ، پتافي ، چانگ ، بازگير وغيره هئا جن مان سرداري پاڙو شيخاڻي هو. 1891ع جي آدمشماري مطابق گورچاڻين جي تعداد تقريبن 8 ھزار ھئي.

گورچاڻين کان مٿي اُتر طرف لغاري قبيلي جو علائقو هو . لغارين جا چار وڏا پاڙا عالياڻي ، هدياڻي ، هيبتاڻي ، بگلاڻي هئا. سال 1896ع ۾ لغارين جو تُمندار سردار جمال خان ولد نواب محمد خان لغاري هو جنهن جو ڳوٺ چوٽي زيرين هو. ڪوهه سليمان مان وھي ايندڙ ٻن مشهور برساتي نالن ودوڙ کان ڪوڙا جي وِچَ وارو علائقو لغارين جو هو. سخي سرور ، فورٽ منرو جا علائقا به لغارين جي علائقن ۾ هُئا .
سال 1891ع جي آدمشماريءَ مطابق لغارين جي تعداد تقريبن 22 ھزار هُئي جيڪو کوسن کانپوءِ ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو قبيلو هو.

لغاري قبيلي کانپوءِ اُتر طرف ۾ کوسا قبيلي جو علائقو هو جن جي علائقي ۾ ڊيرا غازي خان شھر به شامل ھو. هتان جي کوسن جا ست وڏا پاڙا بليلاڻي ، جيئاڻي ، مھرواڻي ،
عيساڻي ، جروار ، تميوالا وغيره هُئا جن مان سرداري پاڙو بليلاڻي هو. سال 1893ع ۾ ڊيرا غازي خان جي هنن کوسن جو تُمندار سردار بھادر خان ولد سردار غُلام حيدر خان کوسو هو…. سال 1891ع جي آدمشماري مطابق ڊيرا غازي خان جي کوسن جي تعداد تقريبن 25 ھزار هُئي جيڪا ڊيرا غازي خان ضلعي ۾ آباد قبيلن ۾ سڀني کان وڌيڪ هُئي.

کوسن کان مٿي اُتر طرف ۾ لُنڊ قبيلي جو علائقو هو جن جو مشهور شھر شادن لُنڊ هو. لُنڊن جا به 6 وڏا پاڙاهئا جن مان سرداري پاڙو حيدراڻي هو. 1891ع جي آدمشاريءَ مطابق لُنڊن جي تعداد تقريبن 11 ھزار هئي.

لُنڊ قبيلي جي اُتر ۾ وري نوتڪاڻي قبيلي جو علائقو هو جن جي آدمشماري 1891ع ۾ تقريبن 6 ھزار هُئي.

نوتڪاڻي قبيلي جي اُتر ۾ وري بُزدار قبيلي جو علائقو هو جن کي سنڌي ۾ بوزدار به سڏيو ويندو آھي.

بُزدار قبيلي جي اُتر ۾ آخري قيصراڻي قبيلي جو علائقو هو جن جي آدمشماريء سال 1891ع ۾ تقريبن 4 ھزار هُئي. قيصراڻين جا مشهور پاڙا لشڪراڻي ، روبداڻي ، واسواڻي ، بداڻي وغيره هُئا جن مان سرداري پاڙو روبداڻي هو جنهن مان 1893ع ۾ قيصراڻي قبيلي جو تُمندار سردار فضل خان ولد سردار مٺا خان قيصراڻي هو.

مٿي بيان ڪيل انهن قبيلن جي علائقن مان مزاري ، دريشڪ اُنهيءَ وقت جي تحصيل راجن پور ۾ هُئا ….، گورچاڻي ، لغاري تحصيل ڄام پور ۾……. ، لغاري ، کوسا ، لُنڊ تحصيل ڊيرا غازي خان ۾ ته وري نوتڪاڻي ، بُزدار ، قيصراڻي تحصيل سنگھڙ يعني تونسا ۾ هُئا….. هي سڀ قبيلا ڊيرا غازي خان جي سنڌو درياهه جي ميداني توڙي ڪوهه سليمان جي پهاڙي علائقن يعني ضلعي جي ٻنهي جاگرافيائي پاسن ۾ اوڀر اولھ ۾ پکڙيل هوندا ھئا پر ھڪ خاص ڳالھ اِها ھوندي هئي يا اڃان به آهي ته ساڳي قبيلي جا ميداني علائقن ۾ آباد ماڻهو مادري ٻولي طور پنهنجي گھرن ۾ سرائڪي ٻولي ڳالهائيندا ھئا يا آھن ته وري سامهون اولھ طرف ڪوهه سليمان جي پهاڙن ۾ آباد ساڳين قبيلن جا ماڻهو مادري ٻولي طور پنهنجي گھرن ۾ وري بلوچي ٻولي ڳالھائيندا هُئا يا آھن.

ھاڻي انگريزن وارو اهو تاريخي ڊيرا غازي خان ضلعو چار ضلعن يعني ڊيرا غازي خان ، راجن پور ، ڄام پور ، تونسا ۾ تقسيم ٿيل آهي.

نوٽ: مٿي بيان ڪيل سڄي معلومات ڊيرا غازي خان ضلعي جي 1898ع ۾ ڇپيل انگريز دور جي گزيٽيئر مان ورتل آهي. (لیکڪ) / مضمون سان اداري جو متفق هجڻ ضروري ناهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close