….۽ مورَو، ڇورَو ٿي ويو!

محمد خان دائود

بس يار… هاڻ تہ هنن جبلن ۾ ساھ ٿو منجهي.. سردارن کي ڇاھي، هنن کي تہ ڏوڪڙ کپن… سندن وس پڄي تہ ڪر ماء بہ وڪڻي ڇڏين.. اهي مڙڻ وارا ناھن. هنن زمين وڪڻي ڇڏي، جبل کپائي ڇڏيا. هاڻ بتو ڇاهي… مون کي تہ هنن جبلن سان پيار آهي، منھنجو نينھن تہ ڪوھستان جي ڇپرن سان آهي.. انھن کي ئي ڏسي ڏسي تہ مون مورو ڳائڻ سکيو.. هاڻ جڏهن اهي جبل ئي نہ رهيا تہ ڇا طالب، ڇا طالب جو ساھ ۽ ڇا مورو… هنن عمارتن کي ڏسي منھنجو تہ ساھ ٿو گُهٽجَي.. جبل تہ اسان جي زندگي هئا… ڪاش هي سردار ڄاڻي سگهن ها تہ هي جبل ڇا ٿيندا آھن…
اهي لفظ آهن طالب پالاريءَ جا، جڏهن آئون پٿرائين پٽ ۽ وڏين  ڇِپين وارن جبلن جي ديس ڪوھستان ويو هوس ۽ جڏهن مون طالب کان سندس طبيعت پڇي هئي تہ هو  ڄڻ تہ درياھ وانگر وھڻ لڳو هو..

هو جبلن ۾ رھڻ وارو ماڻھو هو، کيس جبلن سان عشق هو، پر جڏهن ڪوهستان جي سردارن دلالن سان گڏجي ڪوهستان جا جبل بحريہ ٽائون واري ملڪ رياض کي وڪيا، تہ جبل جھڙو اڏول هي مڙس ماڻھو بہ اندران ڀڄي ڀُري پيو. ان کان پوءِ هو ملول ٿي پيو هو.

پر سندس درد جي ان دانھن کي ڪير ورنائي ها، هو ويچارو هڪ مسڪين عوامي فنڪار هو. هو جديد سرن کي قديم سازن سان ملائي ڳائيندو هو، انھن ئي سرن ۾ هو پنھنجو درد بيان ڪندو هو، جنھن کي مورو چيو ويندو آهي.

مورو… ڪوھستان جي تر جو هڪ اهڙو سريلو لوڪ گيت آهي، جنھن جي سرن جي دامن ۾ جبلن جيڏا درد بہ سمائجيو وڃن.

طالب پالاري بہ اهو ئي ڪندو هو. پنھنجا، پنھنجي مسڪين ماڻهن جا ڏک سور، دل جون ڳالھيون، سردارن جون بدمعاشيون، لاچار غريبن جون اذيتون ۽ بي وسيون  طالب پنھنجن مورن ۾ بيان ڪندو هو. طالب پنھنجن مورن سان دروندن جي ٺپن تي لفظن جو ملم هڻي سرن جا پھا رکندو هو.

طالب جي محفل ۾ جڏهن درد جا سوداگر ۽ ڏکن جا وڻجارا ايندا هئا، تہ کين ايئن لڳندو هو تہ ڄڻ سندن دل ۾ ڪنھن صور ڦوڪيو هجي، جنھن سندن ڌڙڪن کي ٻيھر جيئدان ڏنو هجي.

آئون يقين سان چوان ٿو تہ ڪوھستان ۾ طالب پالاري ۽ سندس مورو، مسيحائيءَ جي سحر ڀري تاثير رکندڙ اهڙا وکر هئا، جن کي ٻڌي اگهن کي سگهائي ملي ويندي هئي، دکيارن جي دل کي آٿت ۽ باغين جي من کي جولان ملي ويندو هو.

اهو منھنجو مشاھدو آهي تہ جڏهن ڪو نابين طالب جو مورو ٻڌندو هو، تہ هُو هانوَ جي سوجهري تي پير پير کڻي هلڻ لڳندو هو، جيڪڏهن ڪوئي کيس چوندو هو تہ بابا تنھنجي هٿ ۾ جھليان…. تہ هو وراڻيندو هو هير هير تہ مون طالب جو مورو ٻڌو آ، جنھن ڄڻ تہ منھنجي انڌين اکين کي نور ڏيئي ڇڏيو آهي.

جيڪڏهن طالب ڪوھستان جي جبلن  ۾ نہ هجي ها، تہ سردارن جي ظلم ۽ جبر جو شڪار هي ماڻھو ڇپرن ۾  رهي ئي نہ سگهن ها، جيڪي زمانن کان اتي رهندا اچن. طالب انھن روڳي روحن جو مسيحا هو. جڏهن هو سانجهيءَ سمَي ٿڪي ٽُٽي طالب جي اوطاق تي ايندا هئا، تہ طالب پنھنجو تنبورو کڻي سرن سان سندن روحن جا روڳ روڙيندو هو. طالب جي تنبوري جي تار مان ڦٽندڙ سر ۽ سندس موري جي موھ سان هنن جي ٿڪل بدن جا سڀ ٿَڪ ۽  دُکيارن روحن جا سڀ درد لھي ويندا هئا.

ڪوهستان جي ظالم سردارن، سيٺين، وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن کي ايترو بہ حيا شرم ڪونہ ٿيو، تہ هو جنھن ڌرتيءَ کي وڪڻي رهيا آهن، جن جبلن جي اڏول ڇاتين کي ڊائنامائٽ جي ڌماڪن سان پروڻ ڪري رهيا آهن، جنھن ڌرتيءَ جي دامن کي پنھنجن ئي ماڻھن لاءِ تنگ ڪري رهيا آهن، جنھن ديس جي فطري سونھن کي تباھ ۽ برباد ڪري رھيا آهن… اِهي، سڀني جي سر جو خير گهرندڙ هن درويش مسيحا کي محبوب وانگر مٺا پيارا آهن. پر طالب ان سڄي تباھيءَ جي ميار ڪنھن تي رکي ها، جو هن ڄاتو ٿَي تہ واڳ انھن وس آهي، جيڪي سٺو اگهہ ملڻ تي ماء کي وڪڻندي بہ دير نہ ڪن..

اهو درد طالب کي کائي ويو… هو پھاڙن جا وڍيل سر ۽ پروڻ سينا ڏسڻ جو ڏک سھي نہ سگهيو…
هو، جيڪو پھاڙن جي پيار ۾ جيئندو هو، انھن جي هنج ۾ سمھندو هو، انھن جي ڇپن جي ڇانوَ ۾ وسرام ڪندو هو… هاڻ اسان ۾ ناهي رهيو..

هو رمتو جوڳي، جيڪو دردن جي آلاپ کي موري جي سر ۾ سمائي بيمار روحن ۾ سگهہ ۽ سگهائي جا موتي ونڊيندو هو، سو هليو ويو..

آئون اکيون بند ڪريان ٿو تہ هن جا ورلاپ اڄ بہ منھنجي سماعتن ۾ گونجن ٿا

اڀ ڄاڻان ڪڪر
ڀڄيون ڄاڻان ڊھڪر
مون تہ ڳوليو ڇپر
من ڪن ڪو ور
توکان سوا جاني
سڀ منھنجي لاءِ اڀر
ڀوريو وڃان ڏيندو
پنھل پاڻ نيندو
وٺي ساڻ ويندو…

طالب، جنھن جي وڃڻ سان ڪوهستان جا جبل يتيم
۽ مورو، ڇورو ٿي ويو آهي…

ترجمو: امر گل

Related Articles

One Comment

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close