در در جا ڌڪا (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا) قسط- 17

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

4- بَوخَم (1)

فيبروري 1972ع جو اھو ڏينھن مونکي اڄ بہ ياد آھي، جڏھن آئون جرمني لاءِ روانو ٿيو ھئس، سڀ دوست شريف صاحب جي گھر گڏ ٿيا هئا، اتان آئون مشرف ۽ نثار شريف سان گڏ روانو ٿيو ھئس، مون پنھنجو سوٽ ڪيس پھريان ئي بڪ ڪرائي موڪلي ڇڏيو ھو، منھنجي ھٿ ۾ ھڪ ننڍو ٿيلھو ھو، ان رات تمام گھڻو سي ھو، برف باري جي ڪري ٻاھر اڇ ئي اڇ ھئي، بلب جي روشني ۽ برف باري جي سفيدي ۾ اسٽيشن اداس منظر پيش ڪري رھي ھئي، آئون لنڊن مان ھڪ اھڙي جڳھ تي وڃي رھيو ھئس، جتي منھنجو ڪو بہ مٽ يا دوست نہ ھو. ريل ھلي تہ مون دوستن کي ھٿ لوڏي الوداع ڪيو، مونسان ھڪ نوجوان شاگرد گڏ ھيو، جيڪو گھمڻ لاءِ وڃي رھيو ھو.

ان وقت تائين اولھ يورپ ۾ پاڪستانين لاءِ ڪابہ ويزا نہ ھئي، ٽن مھينن لاءِ بطور ٽورسٽ وڃي سگھبو ھو. آئون جھاز مان لھي ٽرين لاءِ آيس، اتي بيٺل ريلوي گارڊ کان پڇيا ڪيم، ”بوشم“ ڪھڙي ٽرين ويندي، حيراني مان مون ڏي ڏسندي چيائين، آئون تہ اھو نالو ئي پھرئين دفعا پيو ٻڌان. سندس جواب ٻڌي پريشاني وڪوڙي وئي، کيسي مان ٽڪيٽ ڪڍي ڏيکاريم، ٽڪيٽ ڏسي کلندي چيائين ايئن چئو نہ بوخم Bochum معلوم ٿيو تہ انگلينڊ ۾ رھندي جيڪو تلفظ سکيم، اھو اتي ئي رھجي ويو. انگريزي خ کي ش ۾ وٺندا آهن. ۽ مونکي بوخم لاءِ ريل ملي وئي.

بوخم پھتس تہ صبح جا ڏھ ٿيا ھئا. چئو طرف جرمني ٻولي جا آواز اچي رهيا هئا، ھڪ لفظ بہ منھنجي سمجھ کان مٿي ھو، انگريزي بہ مشڪل سان سمجھي رھيا ھئا. ڪنھن ٻڌايو ھو تہ ٽرام وسيلي مارڪ اسٽرا وڃان ۽ پوءِ اتان يونيورسٽي. يونيورسٽي جي اسٽاپ تي پھتس تہ ڏٺم تعميراتي ڪم ھلي رھيو ھو، ڪجھ بلڊنگون ٺھي رھيون ھيون ۽ ڪجھ ٺھي چڪيون هيون. اتان انفارمي سيون يعني انفارميشن روم ۾ گيسٽ ھائوس متعلق معلوم ڪرڻ ويس تہ آفيس ۾ افراتفري مچي وئي، ڇو تہ ڪنھن کي بہ خبر ڪانہ ھئي تہ گيسٽ ھائوس ڪٿي آھي. مختلف ھنڌن فون ڪري معلومات وٺڻ کانپوءِ خبر پئي گيسٽ ھائوس يونيورسٽي ڪئمپس ۾ نہ آھي، بلڪہ شھر ۾ ھم بولڊ اسٽراسي وٽ آھي. ھڪ شاگرد جيڪو سڀڪجھ اتي بيٺي ڏسي رھيو ھو، کيس رحم اچي ويو، چوڻ لڳو اچ تہ پھرئين توکي مينزا يعني ڪينٽين تي ماني کارايان، پوءِ توکي اتي پھچايان ٿو. رستي ۾ ھن مون کان ڪجھ سوال ڪيا، ڪٿان آيا آھيو، توھان جرمنين کي ڪھڙي نظر سان ٿا ڏسو، مون چيو جرمني بابت مونکي ھڪڙي ڳالھ جي خبر آھي، اھا ھيءَ تہ ھٽلر جرمني جو ھو، مونکي چيائين ھي اسان جا شاعر ۽ اديب انھن کي نٿو سڃاڻين؟؟؟

مينزا ۾ ماني لاءِ ھڪ وڏو ھال ٺھيل آھي، ھن عمارت ۾ ٽن قسمن جا کاڌا ملن ٿا، مھانگي کاڌي ۾ ھر ڊش جي الڳ الڳ قيمت آھي، ڪيفي ٽيريا ۾ سينڊوچ ملندا آھن. ھتي ھڪ ئي وقت چار پنج ھزار شاگرد ماني کائي سگھندا آھن. ماني کائڻ کانپوءِ اسان گيسٽ ھائوس آياسين، جتي منھنجو ڪمرو بڪ ٿيل ھو. ھتي واشروم کي تالو لڳل ھو، معلوم ڪرڻ تي خبر پئي تہ وھنجڻ لاءِ الڳ پئسا ڏيڻا پوندا آهن. گيسٽ ھائوس ۾ ڪجھ ھندستاني ترسيل ھئا، انھن کان سستي ھوٽلن بابت پڇا ڪيم. ٻي ڏينھن صبح اسٽراس بان يعني ٽرام ۾ سوار ٿي يونيورسٽي پھتس. يونيورسٽي کي ٻن خاص حصن ۾ ورھايو ويو ھو، ھڪ حصي ۾ نيچرل سائنس جا شعبا، جڏھن تہ ٻي ۾ آرٽس جا شعبا، جنھن کي روحاني علم چيو ويندو ھيو، شامل ھئا.

روھر يونيورسٽي ٻي وڏي جنگ کانپوءِ ٺھڻ شروع ٿي ھئي، ھي صنعتي علائقو ھو، ھتي ڪابہ يونيورسٽي نہ ھئي، جرمني جي ٻن وڏن فرمن قيصر ۽ ڪرپس ۾ معاھدو ڪيو ويو تہ ھتي ڪا بہ يونيورسٽي نہ ٺاھي ويندي، جيئن کين ورڪر آساني سان ملي سگھن. جنگ کانپوءِ يونيورسٽي ٺاھي وئي، مضبوط عمارتون ھر عمارت وسيع وعريض ۽ ڪشادي ٺاھي وئي، ھال ۾ ھڪ ئي وقت 20 ھزار ماڻھو ويھي سگھن ٿا، ھي عمارت جديد جرمني جي علامت آھي.

تاريخ جو شعبو پنجين منزل تي آھي، اتي ڊاڪٽر ايولين جي ڳولا ۾ ويس تہ ھڪ نوجوان سان ملاقات ٿي، انتھائي خوش مزاج ھو، مون سمجھو تہ پروفيسر ھوندو ۽ ھن سان گڏ ڪم ڪرڻو پوندو پر ھو ٽيڪنيڪل ھسٽري پڙھائيندو ھو، ٻڌايائين تہ شعبي ۾ ڪيترائي ادارا آھن، ٻارنھن پروفيسر آھن، انھن سان مل، جيڪو توسان ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿئي، ان سان ڪم ڪر. آئون پھرئين ملاقات لاءِ جديد تاريخ جي پروفيسر ھانس مومزن جي آفيس ويس، سندس سيڪريٽري 15 ڏينھن کانپوءِ ملاقات جو وقت ڏنو، ھي پروفيسر جرمني جو وڏو تاريخدان آھي، سندس ناني کي ادب جو نوبل انعام ملي چڪو آهي. مون سوچو تہ ايڏي وڏي ماڻھو کان پري رھڻ بھتر آھي. ٻي پروفيسر ذائبت سان سندس آفيس ۾ ملاقات ٿي، چيائين اھڙو موضوع کڻو جنھن ۾ انڊيا ۽ يورپ جو ڪو تعلق ھجي. وري پڇيائين تہ توھان کي جرمني ڪيئن لڳو، ڳالھين ڳالھين ۾ ٻڌايائين تہ ھتي اچي مونکي بہ اجنبيت جو احساس ٿيو ھو. پروفيسر جو تعلق ڏکڻ جرمني جي رياست بويريا سان ھو، بويريا وارا پاڻ کي ٻين کان الڳ سمجھن ٿا. ھتي پوليٽيڪل سائنس جي شعبي ۾ ترقي پذير ملڪن جو ھڪ ادارو آهي، ان ۾ پروفيسر ھانس ڪروزي ڪم ڪري رھيو ھو، جنھن عثمانيہ يونيورسٽي حيدرآباد دکن ۾ بہ ڪم ڪيو ھو، اردو تمام سٺي ڳالھائيندو ھو. ڪنھن ٻڌايو تہ پروفيسر ھانس ڪروزي سان ملو، اھو توھان جي بھتر رھنمائي ڪندو. پروفيسر سان مليس، اسان جي ڳالھ ٻولھ اردو ۾ ٿي، چيائين ھيڏانھن ھوڏانھن ڀٽڪڻ بدران پروفيسر بوسي سان مل، جيڪو مشرقي علمن جي شعبي جو ڊائريڪٽر آھي، ان سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ ئي تنھنجو فائدو آھي. سنجيده طبيعت جي پروفيسر بوسي سان مليس، ھڪ ڪلاڪ ڪچھري ڪئيسين، پڇيائين عربي ۽ فارسي ايندي اٿئي، مون چيو فارسي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙھي اٿم، پر عربي گھٽ ايندي آھي. ھڪ عربي ڪتاب مونکي ڏيندي چيائين تہ پڙھ، ڪتاب وٺي مون جڏهن عربي رواني سان پڙھي تہ چيائين تنھنجي عربي ڏاڍي سٺي آھي. چيم ها، پر ھن کي ڪھڙي خبر تہ سمجھي صفا نہ سگھندو آهيان. انٽرويو کانپوءِ چيائين مغل درٻار ۽ انھن رسمن تي ڪم ڪر. ھو پاڻ ان وقت ايران جي تاريخ تي ڪم ڪري رهيو هو. مون ھا ڪئي ۽ مغلن دربار تي ڪم ڪرڻ لڳس. پر باقاعده داخلا لاءِ جرمني ٻولي جو امتحان پاس ڪرڻ ضروري ھو، اھي ڪورس مختلف ادارا بہ ڪرائيندا ھئا، يونيورسٽي ۾ بہ ٿيندو ھو.

گيسٽ ھائوس ڇڏڻ کانپوءِ آئون ھڪ چرچ جي ھاسٽل ۾ رھڻ لڳس، ھن ھاسٽل جي خاص ڳالھ اھا ھئي تہ ھتي جرمن ٻولي جي سکيا ڏني ويندي هئي. ھن ھاسٽل ۾ صرف ھڪ سال لاءِ رھائش ڏني ويندي هئي تہ جيئن ٻين شاگردن کي ٻولي سکڻ جو موقعو فراهم ٿي سگھي. اسان سان ڪيترن ئي ملڪن جھڙوڪ ٿائيلينڊ، ڪوريا، مليشيا، مصر ۽ ٻين ملڪن جا شاگرد بہ جرمني ٻولي سکندا ھئا. ٻولي سکندي اھو تجربو ٿيو تہ جرمني ٻولي جي گرامر ڏاڍي ڏکي ۽ پيچيده آھي، انڪري ٿورن ئي ڏينهن ۾ جرمني ٻولي سکيا جا ڪلاس اسان لاءِ عذاب بڻجي ويا. ھڪڙي ڏينھن ڪلاس ۾ چيو ويو تہ اڄ ڪلاس ۾ پڙھندوء يا کاڻ جو سير ڪندؤ؟ سڀني کاڻ ڏسڻ ۽ تفريح ڪرڻ کي ترجيح ڏني.

جرمني جي ھاسٽلن جو نظام انگلينڊ کان مختلف آھي، انگلينڊ ۾ بيڊ جون چادرون ، صفائي ڪرڻ واري عورت بدلائيندي آھي ۽ ڪچرو بہ ھاسٽل جو اسٽاف کڻندو آھي. موڪلن جي ڏينھن ۾ ٽنھي وقتن جي ماني بہ ميس ۾ ملندي آھي. پر جرمني ۾ ھفتي ۾ چادرون پاڻ کڻي وڃي بدلي ڪرائڻيون پونديون ھيون، شاگرد ھر فلور تان ڪچرو واري واري سان کڻي ڊسٽ بن ۾ اڇلائيندا ھئا. جرمني ۾ ميس جو طريقو بلڪل مختلف ھو، ھتي جرمني ۾ فلور تي ھڪ وڏو ڪچن ٺھيل ھو، جتي شاگرد پنھنجي ماني پاڻ ٺاھيندا ھئا. گرانڊولي ھاسٽل ۾ غير ملڪي شاگردن جي اڪثريت ھوندي ھئي، جن ۾ آفريڪي، عرب، ايراني، ويٽنامي، ترڪ ۽ ڏکڻ آمريڪا جا شاگرد شامل ھئا. اولھ ۽ اوڀر جي ماڻھن ۾ عادتن ۽ رھڻي ڪھڻي ۾ وڏو فرق آھي، ان جي ھڪ جھلڪ مون ھتي ڏٺي. ايراني، عرب يا آفريڪي شاگرد گڏ ماني کائيندا ھئا تہ جرمني شاگردن کي حيرت ٿيندي ھئي، ڇو تہ ھو سڀني کان الڳ ويھي ماني کائيندا ھئا. جرمنين جو مانجھاندو خاص ھوندو آھي، اھو ان ڪري جو ھو گرم گرم کائيندا آهن ۽ رات جو ٿڌو ڪري کائيندا آهن. جنھن کي ھو شام جي ماني Abendbroot چوندا آهن، اسان ڏسندا ھئاسين تہ ھو پنير، مکڻ ۽ کير کڻي ھڪ ڪنڊ ۾ ويھي اڪيلا کائيندا ھئا، پر اسان ماني ھميشہ گڏجي کائيندا ھئاسين. اسان جرمنين کي ماني جي دعوت ڏيندا ھئاسين تہ ھو ايندا ھئا ۽ مصالحيدار کاڌن کي وڏي شوق سان کائيندا ھئا ۽ ان جو اثر اھو ٿيو جو پوءِ ھو بہ اسان کي دعوت ڏيڻ لڳا. اسان کاڌو تيار ڪندا ھئاسين تہ مصالحن جي خوشبو سڄي ھاسٽل ۾ ڦھلجي ويندي ھئي.

جرمني جي ھاسٽلن ۾ ھڪ روايت آهي تہ ڪلچرل سرگرمين جي انتظام لاءِ ٽيوٽر اليڪشن ٿيندي آھي، اليڪشن ٿي تہ مون به حصو ورتو، عربن، آفريڪين ۽ ترڪن سان منھنجي ويجھڙائپ ٿي چڪي هئي، انڪري آئون اليڪشن کٽي ويس. اليڪشن کٽڻ جي ڪري ھاسٽل ۾ ڪمرو مفت ۾ مليو ۽ مھيني جا 150 مارڪس بہ ملڻ لڳا. اسان ٻہ ٽيوٽر منتخب ٿياسين، سال ۾ اسان ڪافي سرگرميون منعقد ڪرايون، سرگرمين ۾ ليڪچر، فلمون ڏيکارڻ، دعوتون، مختلف قسمن جي کاڌي کائڻ جا مقابلا شامل ھئا.

ھاسٽل ۾ رھائش دوران منھنجو واسطو نائيجيريا جي جلو سان ٿيو، جلو چالاڪ سھڻو ۽ گھڻو ڳالھائيندڙ ھو، ھڪ ڏينھن لفٽ ۾ ملي ويو، مونکان ڀڇيائين، ڀاءُ توھان ڪٿان کان آيا آھيو؟ مون چيو پاڪستان، چيائين اوھ پاڪستان!!! ذوالفقار علي ڀٽو منھنجو ذاتي دوست آھي، ھن مونکي ڪيترائي خط لکيا آھن، اڄ مونسان ھل تہ توکي ڏيکاريان. آئون ساڻس گڏ ويس، ھن ھڪ فائيل ڪڍي، جنھن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن جا خط ۽ تصويرون ھيون. پوءِ خبر پئي تہ ھن جي اھا ڪرت آھي، روز ملڪن جي سربراهن کي خط لکندو آهي. چوڻ لڳو آئون مسلمان آھيان، پاڪستان ۾ پڙھڻ منھنجي خواھش آھي، چيومانس ڀلي اھا تہ تمام بھترين ڳالھ آھي. سفارتخاني کي خط لک، ھو فارم موڪليندا، اھو ڀري موڪلي ڇڏ. ڪجھ ڏينھن کانپوءِ مليو، چيائين فارم تہ اچي ويو آهي، پر مونکي ڪجھ ڳالھيون سمجھ ۾ نہ آيون، آئون ان سان سندس ڪمري ۾ ويس، فارم ڏسي کانئس پڇيم، تو ڪو امتحان ڏنو ھوندو ان جو سرٽيفڪيٽ ھوندو. چيائين سرٽيفڪيٽ تہ ڪو ڪونھي پر ھيڊ ماستر جي ھڪ لکت آھي جنھن ۾ اھو ڄاڻايو ويو آهي تہ جيتوڻيڪ ھي شاگرد امتحان ۾ تہ فيل ٿيو آهي پر آھي ڏاڍو ذھين. ظاھر آھي ان بنياد تي داخلا تہ نہ ملڻي ھئي. خبر ناھي جرمني ۾ ھي ڪھڙي آڌار تي رھيل ھو. ھو ٽپ ٽاپ رھندو ھو، ٿري پيس سوٽ، چمڪندڙ بوٽ ۽ ھٿ ۾ خوبصورت بريف ڪيس ھوندو ھئس، ھو شاگرد کان وڌيڪ ڊپلوميٽ لڳندو ھو.

انھن ڏينھن ۾ ھاسٽل تي ھڪ سردار نالي سردار ريوندر سنگھ آلو آيو، ھو انڊين پوليس ۾ ھو، ڪنھن صلاح ڏنس تہ جرمني ۾ وڏو پئسو آھي، ماڻھن جي ڏٽن تي لڳي ھي درويش نوڪري ڇڏي اچي جرمني مان نڪتو. جيئن تہ سک خوش مزاج ھوندا آھن، ھن جي اچڻ سان ھاسٽل ۾ بھاري لڳي وئي. بوخم شھر ۾ بہ سردار پنھنجي پٽڪي ۽ خوش مزاجي جي ڪري جلدي الڳ سڃاڻپ ٺاھي ويو. ھو آيو تہ نوڪري ڪرڻ ھو، نوڪري نہ مليس تہ پڙھڻ لڳو، چندي ڳڙھ مان تاريخ ۾ ٿرڊ ڪلاس ۾ ايم اي ڪيل ھئس، جيڪا ٿوري گھڻي تاريخ پڙھي ھئائين، اھا بہ پوليس جي نوڪري ۾ وساري ڇڏيائين. مون ھن جي ھڪ ڏينھن پروفيسر سان ملاقات ڪرائي. سردار جو خيال ھو تہ ھو سکن جي تاريخ تي ڪم ڪندو. ڪجھ ڏينھن گذريا تہ منھنجي پروفيسر سان ملاقات ٿي، چيائين تو ان ڏينھن سک سان ملاقات ڪرائي، ٻيو سک بہ آيو ھو، پھريون سک ڳاڙھي پٽڪي وارو ٻيو نيري پٽڪي وارو. سردار مليو تہ چيومانس يار تون پروفيسر سان ھڪڙي ئي رنگ جو پٽڪو پھري ملندو ڪر، نہ تہ تنھنجي ڊگري ٻي سک کي ملي ويندي، سردار انھي ڳالھ تي عمل ڪيو پر جرمن ٻولي سندس مٿي جو سور بڻجي وئي، ٻولي سکڻ لاءِ ھن ھڪ جرمن مائي بہ ڦاسائي پر ان مان بہ ڪجھ نہ وريس. آخرڪار سردار بيزار ٿي ڪينيڊا ھليو ويو، ڇو تہ اتي انگريزي ھئي ۽ بقول سردار جي انگريزي ۾ ھو ڀڙ آھي. ان عرصي دوران سردار ۽ جلو جي پاڻ ۾ ڪجھ دوستي ۽ ڪجھ دشمني ٿي وئي ھئي، جلو کي سردار جي ڪينيڊا وڃڻ واري خبر پئي تہ چيائين ھي جرمني انگريزي کان سٺي ڳالھائيندو آھي، اجايو ڪينيڊا ڌڪا کائڻ ويو آهي. سردار کي اسان ڏاڍو ياد ڪيو، ڪو ھفتو مس گذريو ھوندو، سردار جي فون آئي. آئون ڏاڍو خوش ٿيس تہ سردار ڪينيڊا وڃڻ کانپوءِ بہ وساريو ناھي، مون پڇيو، سردار ڪٿان کان ٿا ڳالھايو،
چيائين، ھيٺ بيٺو آھيان، ھيٺ اچ ۽ دروازو کول. آئون ھيٺ آيس، حسب معمول سردار مرڪي رھيو ھو. چيائين يار ڪينيڊا ۾ ڏاڍو ذليل ٿيس، پھرئين تہ ايئرپورٽ تي بہ روڪيو ويو، انھن کي منھنجي شاگرد ھجڻ تي يقين ئي نہ پيو اچي، وڏي مشڪل کان پوءِ ڇڏيائون، يونيورسٽي ۾ داخلا تہ ورتم پر ھڪ بہ ڳالھ سمجھ ۾ نہ آئي، نوڪري جو بہ ڪو آسرو نہ ھو، واپسي جو ٽڪيٽ ھو انڪري سوچيم تہ ھتي اجايو وقت ضايع ڪندس، انڪري ھليو آيس. جلو کي سردار جي واپس اچڻ جي خبر پئي تہ چيائين مون پھرئين ئي چيو ھو ھن جي انگريزي صفا خراب آھي، واپس ايندو. ھاڻي سردار وٽ جرمني سکڻ کانسواءِ ٻيو ڪو بہ چاڙھو نہ ھو. ھن جڏھن سکن جي تاريخ پڙھڻ شروع ڪئي ھر دفعي چوندو ھو، يار وڏي ڳالھ آ، اھا ڳالھ اصل ۾ ايئن آھي، مون تہ ھيئن ٻڌي ھئي. سردار لاءِ وڏو مسئلو جرمني ٻولي جو امتحان ھو. ان وقت امتحانن ۾ رول نمبر نہ ھوندو ھو، جنھن جي مرضي جتي چاھي ڪاپي تي پنھنجو نالو لکي امتحان ڏيئي سگھندو ھو. جيڪو لکت واري امتحان ۾ پاس ٿيندو ھو، ان کان زباني امتحان بہ ورتو ويندو ھو. سردار لکت وارو امتحان پنھنجي سنگتياڻي کان ڏياريو، ايئن سردار لکت وارو امتحان پاس ڪيو. زباني امتحان ۾ خود کي وڃڻو ھو، زباني امتحان ۾ ڪتاب مان ڪجھ پڙھايو ويندو ھو، اھو مرحلو بہ سردار ڌڪي پاس ڪيو. اسان جيستائين جرمني ۾ رھياسين، سردار سان بھترين تعلقات قائم رھيا، اسان جي اچڻ کانپوءِ خبر پئي ھئي تہ سردار لنڊن ۾ پنھنجي برادري مان شادي ڪئي ھئي، شادي ڪرڻ کانپوءِ سردار پي ايچ ڊي اڌ ۾ ڇڏي انڊيا ھليو ويو.



Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close