ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار -2

گل حسن ڪلمتي

ڇا ڪوٽيرا حفاظتي مورچا هئا؟

 

پٻ جابلو سلسلي ۾ ڪوٽيرا ۽ سسئيءَ جا پيرا

 

عباس چوڪي، پراڻو ماڳ ۽ ڪوٽيرو:

حب چوڪيءَ ڏانهن ويندي پٻوڻي نئن کان پوءِ موضع مسافريءَ جون حدون شروع ٿين ٿيون، جيڪي هڪ پاسي حب ندي ۽ ٻئي پاسي پٻ جبل تائين آهن. پٻوڻي نئن بہ پٻ مان وهي ايندي آهي. نئن پار کان ساڄي هٿ تي، عيسيٰ هوٽل کان سسئي-پنهونءَ جي درگاھ لاءِ رستو نڪري ٿو. انهيءَ رستي سان پٻ جبل جي ڀڪ ۾ پٻوڻي نئن جي ڪپ تي عباس اسٽاپ آهي، جتي ليويز چوڪي بہ آهي. هي پراڻو ماڳ آهي. لڳي ٿو تہ هي ماضيءَ ۾ وڏي آباديءَ وارو علائقو هوندو. هتي قافلا سراءِ جا بہ آثار آهن. هڪ وڏي ايراضيءَ ۾ قديم پٿر واريون مستطيل قبرون وڏي تعداد ۾ موجود آهن. هر پاسي ٺڪراٽو پکڙيل آهي. هن ماڳ جي شروع ۾ هڪ ڪوٽيرو/ڪوٽيرڙو آهي، جيڪو ٻين ٻن ڪوٽيرن وانگر بُٺيءَ تي آهي. گُگهَر ۽ ديويءَ جي وڻن جي جهنگ هئڻ ڪري اندر وڃڻ ڏکيو هو. هن ڪوٽيرو ۾ ٻہ وڏا پٿر استعمال ٿيل آهن. هن جي ديوار ٽن کان چئن فوٽن تائين سلامت هئي. هن جو دروازو بہ اوڀر پاسي آهي.

عباس ليويز چوڪيءَ لڳ ڪوٽيرو

پٻوڻي ڪوٽيرو:

عباس اسٽاپ کان پوءِ رستو پٻ جبل وچان ٿيندو، هلي ننڍي سنگهر کان نڪري ٿو، جتي پراڻو پٻوڻي ناڪو بہ آهي. پٻوڻي ناڪي کان اڳ ۾ جبل جي ڀڪ ۾ ”سسئي جي کوئنري“ آهي، جنهن جي سامهون ننڍي ٽڪري ٿي ڪوٽيرو آهي. ان جي اڏاوت بہ ذڪر ڪيل ڪوٽيرن وانگر آهي. هي ڪوٽيرو 25×25 فوٽ آهي، جنهن سان لڳ ٽڪريءَ کان هيٺ قبرستان آهي. هتي بہ ٺڪراٺو وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. پٻوڻي ناڪي لڳ هئڻ ڪري اسان هن ڪوٽيرو کي ”پٻوڻي ڪوٽيرو“ جو نالو ڏنو. سسئي بہ هن ئي واٽ تان وندر ۽ اڳتي وئي هئي. ”سسئيءَ جي کوئنري“ لڳ جابلو چوٽيءَ تي زالاڻن پيرن جا پٿر تي پنڊ پهڻ ٿيل نشان ۽ ٻيا اهڃاڻ آهن. ٻن پيرن جا نشان ڪجهہ همراھ هتان ڪوري ڪڍي ويا هئا. مون ۽ سائين رخمان گل پالاريءَ جي ڪوششن سان اهي واپس ڪيا ويا، جيڪي هاڻي سسئي پنهونءَ جي درگاھ جي خليفي عبدالرحمان ٻُري وٽ آهن (ان جا وڌيڪ تفصيل اسان جي اينڊڙ ڪتاب ”سسئي جي واٽ“ ۾ ڏنل آهن). ننڍي سنگهر ۽ وڏي سنگهر (جتي سسئي پنهونءَ جي درگاهه آهي) جي آثارن جو ذڪر ٻئي ڀيري ڪندس.

اسان کي جنهن کتل پٿر جي ڳولا هئي، اهو عباس اسٽاپ کان ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، پر ڏس صحيح نہ ملڻ ڪري اسان کي حب چوڪيءَ ڏانهن وڃڻو پيو هو.

مٿين چئن ماڳن تي اسان کي ڇھ ڪوٽيرا مليا، جن جو احوال مٿي ڏيئي آيو آهيان. اهي جيئن تہ رستن سان لڳ آهن، تڏهن خبر پئي هئي، جڏهن انهن علائقن جو مڪمل دورو ڪبو تہ اهڙا اڻ ڳڻيا ڪوٽيرا يا ڪوٽيرڙا ملندا.

اها ڳالھ اڃا ڳجهارت بڻيل آهي، تہ انهن ايڏن وڏن پٿرن سان ۽ وڏي محنت ۽ ڪاريگريءَ ذريعي اهي ڪوٽيرا ڪهڙي مقصد لاءِ ٺاهيا ويا هئا؟ جيڪي به ڪوٽيرا مليا آهن، انهن جي وڌ ۾ وڌ سائيز 30×30 آهي ۽ دروازي واري جاءِ ڇڏيل آهي. ڪِريل پٿرن کي کڻي ٻيهر رکجي بہ، تہ اها ديوار چئن کان پنجن فوٽن جي ٿيندي. اهي سڀ بنا ڇت جي آهن، ڇاڪاڻ جو ڇت ۾ استعمال ٿيندڙ ڪنهن بہ شئي جا آثار نہ مليا آهن. انهن ڪوٽيرن ۾ ڪٿي بہ سڙيل ڪاٺ يا ڪاٺ جا ٽڪرا نہ مليا آهن، البت آس پاس ٺڪراٺو مليو آهي. ڪوهستان جا ماڻهوا نهن کي ”حديرو“ به چون. کتل پٿرن جي دائري کي به ”حديرو“ چيو وڃي ٿو. ”حديرو“ لفظ ڪنهن مقدس جاءِ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. گهڻن هنڌن تي اهڙن پٿري دائري کي مسجد ۾ بدلايو ويو آهي. اهي ڪوٽيرا ڇا حفاظتي مورچا هئا؟ سنگ وصول ڪرڻ لاءِ ٺهيل ڪمرا هئا؟ يا انهن ۾ ڪي مذهبي رسمون ادا ٿينديون هيون؟ انهن جي اڏاوت جو تاريخي پسمنظر ڪهڙو آهي؟ اهي سوال اڃا تائين حل طلب آهن.

بدر ابڙي بہ پنهنجي ڪتاب ”ڪوهستان جو سفر“ ۾ اهڙن ڪوٽيرن جو ذڪر ڪيو آهي، پر بدر ابڙي کي بہ ڪنهن سوال جو جواب نہ ملي سگهيو آهي. آئون سمجهان ٿو، تہ اهي ڪوٽيرا يا ڪوٽيرڙا مذهبي رسمون ادا ڪرڻ لاءِ هوندا، پر ان تي اڃا تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. پر سڀ کان اول انهن جي حفاظت ۽ سروي ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو وڌندڙ انساني هٿ چراند، پٿرن جي کوٽائي ۽ مختلف اسڪيمن جي والار ڪري، اهي تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن.

ڪراچيءَ ۾ هڪ ديھ جو نالو ”ڪوٽيرڙو“ آهي، جيڪا لنڪ روڊ سان گڏ سڪڻ نئن جي ڪناري سان آهي. لنڪ روڊ لڳ سڪڻ نئن لڳ اهڙو ئي ڪوٽيرو/ ڪوٽيرڙو هو، تنهنڪري هي علائقو ”ڪوٽيرڙو“ مشهور ٿيو. ڪجهہ سال اڳ ڪوٽيڙو واري جاءِ ڪنهن کي الاٽ ڪئي ويئي هئي. اِتي هاڻي چار ديواري آهي. لڳي ٿو تہ ڪوٽيرڙو جو وجود باقي نہ رهيو آهي.

اهي ڪوٽيرا گهڻو ڪري مٿين جاءِ، بٺين ۽ ننڍين ٽڪرين تي آهن ۽ انهن جي ويجهو گهڻو ڪري پراڻا قبرستان بہ آهن. اها ئي ڳالھ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي، تہ انهن جو تعلق ڪنهن نہ ڪنهن مذهبي رسم ادا ڪرڻ سان هوندو هو. محققن ۽ تاريخدانن کي انهن تي کوجنا ڪرڻ گهرجي.

پٻوڻي ڪوٽيرو لڳ سسئيءَ جي کونئري

موضع مسافري ۽ موضع پڻيو ۾ کُتل پٿر(Monolith’s):

سنڌ ڪوهستان کان سواءِ لسٻيلي ۽ بلوچستان جي ٻين ضلعن ۾ وڏا پٿرا کتل آهن، ڊيگهہ ۾ زمين کان چئن فوٽن کان 30 فوٽن تائين آهن. گهڻا پٿر اڪيلا کُتل آهن ۽ ڪٿي ڪٿي اهي هڪ قطار ۾ ۽ ڪٿي دائري جي شڪل ۾ آهن، جن کي Mehnir Stone Circle, Monolith’s Megalithic چيو ويندو آهي. پوري دنيا ۾ انهن تي تحقيقي ڪم هلندڙ آهي. ڪجهہ اهڙن پٿرن تي پراڻي، نہ سمجهہ ۾ ايندڙ لکت يا چٽسالي بہ ٿيل آهي. هڪ اهڙي پٿر جو ذڪر ڪراچي- موئيدان واري سفر ۾ ڪندس.

اسان کي پٻ جابلو سلسلي ۾ ذڪري فرقي جي گُجرن جي ڳوٺ لڳ هڪ اهڙي پٿر جو احوال مليو هو، جنهن جي ڳولا ۾ هئاسين. عباس چوڪي پٻ کان حب چوڪيءَ تائين پٻ جبل جي ڪناري ذڪرين جا ڏھ ٻارنهن ڳوٺ آهن. اصل ڳوٺ جو ڏس نہ پئي ملي سگهيو. پُڇا ڪرڻ تي انهن اسان کي ذڪرين جي وڏي ڳوٺ ”ڪولهوائي“ جو ڏس ڏنو، جنهن لاءِ ساڪران کان حب چوڪي روڊ کان پيربخش اسٽاپ کان کاٻي پاسي رستو نڪري ٿو. مکيہ روڊ کان پنج ڇھہ ڪلوميٽر پٻ جابلو سلسلي لڳ آهي.

موضع مسافريءَ ۾ سسئي پنھونءَ جي درگاھ ڏانهن ويندڙ رستي تي کُتل پٿر

 

موضع مسافري ۾ ڪيرايل پٿر جو حصو

جڪين سنگ:

ساڪران ۾ حب چوڪي ڏانهن ويندي کاٻي هٿ تي هي کُتل پٿر، جنهن جو مختصر ذڪر مون اڳ ۾ ڪنهن مضمون ۾ ڪيو آهي، اڄ ويندي ٻيهر نظر آيو. هن دوري کان اڳ ٻہ ڀيرا هن جو معائنو ڪري چڪو آهيان. آخري ڀيرو هن سال سائين بدر ابڙي سان گڏ هن جو معائنو ڪيوسين. اڳ ۾ لوڻين ۽ ديوين جي جهنگ ۾ هئو، هاڻي اهو جهنگ صاف ڪيو ويو آهي. هي پٿر زمين کان 15 فوٽ مٿي آهي ۽ پنج ڇھہ فوٽ زمين اندر آهي. هن سان گڏ هڪ ٻيو بہ چئن فوٽن جو پٿر کُتل آهي. انهن کُتل پٿرن سان لڳ ڏکڻ پاسي هڪ بزرگ جي قبر بہ آهي، جنهن بابت مشهور آهي، تہ هي پٿر انهيءَ بزرگ جو لڳايل آهي. جنهن ٻنيءَ ۾ اهو پٿر لڳل آهي، اها ٻني ڪراچيءَ جي ملڪ فيصل گبول جي آهي. هتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي تہ هي مقدس پٿر آهي. هتان هڪ همراھ اهو پٿر کوٽي ڪڍي کڻي ويو ۽ پنهنجي ٻنيءَ ۾ وڃي لڳايائين، تہ سندس ٻني ۽ اوطاق کي باھ لڳي ويئي. ان کان پوءِ ڊپ ۾ هو ٻيهر اهو پٿر کڻائي هتي اچي ساڳئي جاءِ تي لڳائي ويو. هاڻي ان سان گڏ هڪ جهنڊو بہ ڦڙڪي رهيو آهي.

هن پٿر کي هتان جا ماڻهو ”جِڪين سنگ“ چون ٿا. ”جِڪ“ بلوچيءَ ۾ ”ڏند“ کي چون ٿا، ۽ ”سنگ“ معنيٰ پٿر. ”جڪين سنگ“ معنيٰ ”ڏند وانگر کُتل پٿر.“ ”جڪ“ بلوچي ۾ بيٺل کي بہ چون ٿا. ”جڪين سنگ“ معني ”بيٺل پٿر.“ هتان جي هر علائقي ۾ مقامي ماڻهن اهڙن پٿرن ۽ پٿري دائرن کي پنهنجي علائقي ۽ زبان جا نالا ڏنا آهن. انهن پٿرن بابت آخر ۾ بحث ڪنداسين.

ڪاوش دنيا ميگزين ۽ ليکڪ جي ٿورن سان

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close