ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-15

گل حسن ڪلمتي

شاهه لطيف جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ سسئيءَ جي واٽَ سان ڪيل سفر

سسئيءَ کي ٻارهين رات عبدالرحيم اڱارئي ڳوٺ ۾ پئي هوندي!

پراڻو رستو ڪوسٽل هاءِ وي جي زيرو پوائنٽ کان 05 ڪلوميٽر اڳ وٽو کاڄوڙا پل وٽان هاڻوڪي آر سي ڊي هاءِ وي کي ڪراس ڪندو هو ۽ سڌو لياري ۽ اڳتي ڪانيارو ڪوٽ ڏانهن ويندو هئو. هاڻي اهو رستو وٽو پل کانپوءِ استعمال هيٺ نه آهي.
لياري، ضلعي لسٻيلي ۾ ڪوسٽل هاءِ وي تي هڪ پراڻو ۽ واپاري شهر آهي. اڳ ۾ قافلا ۽ مسافر ڪيچ ۽ گوادر کان ڪانيارو ڪوٽ ايندا هئا، پر ان جي ڦِٽڻ کانپوءِ لياريءَ کي اها حيثيت حاصل ٿي. ڪانيارو ڪوٽ بابت اڳ ۾ هنن صفحن تي لکي آيو آهيان. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به پنهنجي ڪتاب ”سسئي پنهون“ ۾ لکي ٿو ته، ”پنهونءَ جو قافلو ڪيچ کان ڪانيارو ڪوٽ/ ڪنئري ڪوٽ آيو هو.“

لياري، هنگلاج ماتا ويندڙ ياترين جو پراڻن زمانن کان اهم پڙاءُ رهيو آهي. اڄ به هنگلاج ماتا مندر جا ياتري هتي ترسي پوءِ اڳتي ويندا آهن. هتي پراڻو مندر به آهي.

لیاري ۾ مندر جتي ھنگلاج يا ياتري منزل ڪندا آھن

ڪانيارو ڪوٽ ۽ لياري ٻه اهڙا مرڪز رهيا آهن، جتان ڪيترائي پراڻا رستا مختلف علائقن ڏانهن ويندا هئا. جڏهن ڄام سپڙ، ٻيلي کي مرڪز بڻايو ته هي ٻئي شهر ويران ٿيا. لياري پوءِ به آباد رهيو، پر هاڻي لياريءَ جي ماضيءَ واري حيثيت نه رهي آهي.

هنگلاج وڃڻ وارا جوڳي ۽ کاهوڙي حب چوڪيءَ کانپوءِ ڀواني (ڀواني. ڀووا ڪلمتي قبيلن جو مرڪز رهيو آهي، جتي گهاڙي قبرون به آهن. ڀوانيءَ ۾ قبرستان جي سامهون هڪ جابلو چوٽي ”پڙهي“ وانگر آهي، جنهن کي ”سسئيءَ جو پڙهو“ مشهور ڪيو ويو. ياد رهي ته سسئي انهيءَ رستي سان نه وئي هئي. اهو رستو ڀوانيءَ کانپوءِ ڳوهه بُٺي، باگهڙ ڍورو، چيچائي ڍورو (جيڪو سنگهر کرپلاڻ وارن جبل کان وهي ايندو آهي)، بدوڪ لڪ، کارڙي ناڪو، ٻاڙو ڍورو، وندر شهر، سونمياڻي، ڊام بندر، لياري بندر، ٻهاروارو پٽ، گرو چيلي وارو پٽ، (جتي گرو چيلي جون سماڌيون به آهن)، سيراندو ڍنڍ، ڌڻي ڏنو شيخ مزار کان هڪ پاسي لياري ۽ ٻئي پاسي ٻاراڙ، جوڳي بندر ۽ ڦور کان سپٽ ۽ هنگلاج ماتا مندر ويندا هئا. رام ستيا ۽ لڪشمڻ به انهيءَ رستي سان هنگلاج ماتا مندر ويا هئا.

لياريءَ کان هڪ پراڻو رستو هاڙهي پٽَ کي پار ڪري جبلن مان ڀمڀل پير (ڀمڀر پير) کان ٽڙانج لڪ ڏانهن وڃي ٿو. ڏوئڻ کان اڳتي رستو وڻڪار ۽ لوڻو ڍورو کان ٻيلي، ڪيچ واري رستي سان ملي ٿو. هڪ رستو ڪانيارو ڪوٽ کان هاڙهي جي ڪناري ڦور ڏانهن وڃي ٿو. سسئيءَ کي، اسان جي تحقيق موجب اٺين رات لياري واري علائقي ۾ ٿي هوندي، جتي هوءَ رات رهي اڳتي بجاءِ وڻڪار واري رستي جي، جيڪو ڪيچ وارو اصل رستو آهي، هوءَ ڦور، بوزي لڪ ۽ گوادر واري رستي ڏانهن نڪري پئي هوندي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ رستي سان سسئيءَ سان منسوب ڳالهيون ۽ ماڳ اڄ به موجود آهن. جڏهن هن کي اصل رستي جي خبر پئي ته هوءَ ڦور نديءَ کان واپس ٿي وڃڻ مهل، بالاڪوٽ، جتي سسئي ستين رات گذاري هئي، اُتان لياري 38 ڪلوميٽر آهي، سسئي انهيءَ سفر ۾ گهڻو پنڌ هلي هئي. ڇاڪاڻ ته ”بر“ کانسواءِ هي سڌو ۽ آسان رستو آهي. ٻي ڳالهه ته ان قصي کي اٺ سئو يا نو سئو سال گذري چڪا آهن، تنهنڪري اسان پراڻن رستن ۽ پراڻن ماڳن تي اندازي سان ۽ ماڻهن سان ڪچهريءَ کان پوءِ جيڪي روايتون موجود آهن، انهن جي آڌار تي رات ترسڻ واري ڳالهه ڪري رهيا آهيون. رات جو انهن رستن ۾ سفر گهڻو ڏکيو هوندو هو. آبادي ڇڙو ڇڙ هئي ۽ ڪيترائي گس مختلف ڳوٺن لاءِ نڪرندا هئا، تنهنڪري مسافر ۽ قافلا به ان دور ۾ منزلون هڻي پوءِ سفر ڪندا هئا. سسئي به اسان جي اندازي ۽ زميني مشاهدي موجب، رات جو سفر نه ڪندي هئي.

ھاڙھو جبل

لياري يا ڀرپاسي ڪنهن ڳوٺ ۾ سسئي رات گذاري صبح جو ڪانيارو ڪوٽ کان هاڙهي جي ڀڪ کان پراڻي رستي سان سفر ڪري اڳتي وئي هئي. اهو پراڻو رستو اڄ به نقشن ۾ موجود آهي. انهيءَ رستي سان سفر ڪندي اسان کي به موضع ڪوڪ ۾ ڪوڪائي اڱارين جي ڳوٺ ۽ عبدالرحيم اڱارئي ڳوٺ لڳ پراڻين وسندين جا آثار، پراڻيون قبرون ۽ پٿر جون گهاڙي قبرون، جيڪي اوائلي دور جون آهن، مليا هئا. اهي هاڙهي جبل سان لڳ پراڻي رستي سان آهن. هتي گهڻو ڪري اڱاريا ڪلمتي رهن ٿا، جيڪي ٻيلي ۾ 1200ع يا 1300ع عيسوي صديءَ ۾ آيا هئا.

انهيءَ سفر ۾ سسئيءَ کي نائين رات هاڻوڪي عبدالرحيم اڱارئي ڳوٺ لڳ پئي هوندي، جتي رات گذاري هوءَ اڳتي رواني ٿي هئي. هتي پراڻن آثارن لڳ ڪنهن وسنديءَ جا به آثار آهن. لڳي ٿو ته سسئي هتي ڪنهن وسنديءَ ۾ رهي هوندي. لياريءَ کان پراڻي رستي سان عبدالرحيم اڱاريو ڳوٺ 28 ڪلوميٽر آهي. عبدالرحيم اڱاريو ڳوٺ موضع مڙهي ڪنڊ هاڙهي ۾ آهي. هاڙهي جو پَٽُ ڏکيو پَٽُ آهي. هي ويران ۽ سڃو پَٽُ آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي هاڙهي جو ۽ هاڙهي جي ڏکيائين جو ذڪر ”سسئي پنهون“ جي داستان جي پنجن سُرن ۾ 34 ڀيرا ۾ ڪيو آهي.
اُسَ مَ لَڳي اُوٺِيين، هَاڙِهي لَڳي نه هِيرَ.
هَاڙهو هِيڻِيءَ کي، لَنگهائيج لطيف چَئي.

عبدالرحيم اڱارئي ڳوٺ کان اڳتي ”چاروئي پَٽُ، دُٻو، ناکٽي ۽ ڪنڊ وارا علائقا اچن ٿا. ”ڪنڊ واري“ علائقي ۾ غلام حيدر اڱارئي ڳوٺ لڳ پراڻو رستو هاڻوڪي ڪوسٽل هاءِ وي سان ملي ٿو. هتي جبل ۾ غفائون آهن. ڪنهن دور ۾ ماڻهو اهي رهڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا. هاڻي هتي ڳوٺاڻا ٻڪريون واڙيندا آهن.
هتان ٻه رستا هاڙهي جبل مان نڪري هنگول نديءَ تائين وڃن ٿا. هڪ ”حمر واري واٽ“ ۽ ٻئي کي ”رُونگهاڻ واري واٽ“ چوندا آهن. جڏهن ڦور کان سنگل تائين سمنڊ جو پاڻي چڙهي ايندو هو ته ماڻهو اهو رستو استعمال ڪندا هئا. هتي گهوڙو پَٽُ به آهي، جنهن لڳ هاڙهي جبل جي هڪ چوٽيءَ سان وڏو پٿر پيل آهي، جيڪو اندازاََ ڏهه، ٻارهن فٽ مٿي آهي. اهو پٿر اول هاڙهي جي ٽڪريءَ جو حصو هو، جنهن تي چڙهڻ آسان هو، پر پوءِ ڪنهن حادثي يا زلزلي جي ڪري اهو جبل کان هٽي ويو. هاڙهو آتش فشان چوٽين جي ڪري به مشهور آهي. انهيءَ پٿر لاءِ هتي اها ڳالهه مشهور آهي ته، ”سسئيءَ کي سفر ۾ رات پئي ته هوءَ انهيءَ پٿر تي رات گذاري ڦور نديءَ ڏانهن وئي هئي، تنهنڪري هي پٿر ’سسئيءَ جي کٽ‘ يا ”سسئيءَ جي ٽوڙ“ نالي سان مشهور آهي.

سسئي جي کٽ ھاڙھو جبل

سفر ۾ سسئيءَ کي ڏهون سج هتي لهي ويو ۽ ڏهين رات هتي انهيءَ پٿر تي گذاري هوءَ اڳتي وئي هئي.
ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَهَڻَ پَيڙاڻُيون ڀَايَان.

عبدالرحيم ڳوٺ، جتي سسئيءَ کي نائين رات ٿي هئي، هتان ”سسئيءَ جي کٽ“ واري جاءِ 24 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.

”سسئيءَ جي کٽ“ ٻراڙ ۽ ڦور کان واپسيءَ بابت اسان هتي محمد حسين اڱارئي ڳوٺ ۽ غلام حيدر اڱارئي ڳوٺ جي ڳوٺاڻن سان ڪچهري ڪيئي. پراڻن زمانن کان اهي روايتون هتي موجود آهن، جيڪي هو ڳوٺاڻا سنڀاليندا اچن پيا.
”سسئيءَ واري کٽ“ کانپوءِ ڪوسٽل هاءِ وي هنگول ڏانهن وڃي ٿو. هتي لڪ هو، جيڪو 1940ع ۾ ڪٽي اهو رستو ٺاهيو ويو هو. پراڻو رستو ٻاڙڪي، ڦور قبرستان کان ”ريڪ“ واري جاءِ تان ڦور ندي ڪراس ڪندو هو. پراڻي رستي سان ٻراڙ واري علائقي ۾ ٻاڙڪي ڍوري ۾ ٻه کونئريون آهن، جيڪي سسئيءَ سان منسوب آهن. اهي کونئريون ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهن. هتي پوري علائقي ۾ ۽ ٻاڙڪي ڍوري ۾ جر ٻاڙو/ کارو (لوڻياٺو) آهي. ٻاڙو پاڻي هئڻ ڪري ان ڍوري کي ”ٻاڙڪي“ چيو ويندو آهي. ڍوري جي وچ ۾ ٻنهي کونئرين جو پاڻي مٺو آهي. اهي فقط پنج فوٽ اونهيون آهن. ان آس پاس اٺ کن ڳوٺ آهن، جتان جا رهاڪو ۽ سندن مال هتان پاڻي پيئن ٿا.
هتي اها روايت مشهور آهي ته، ”سسئي جڏهن پنهونءَ جي ڳولا ۾ هتي پهتي ته، اُڃ کيس ستايو. ان وقت انهن کونئرين جو پاڻي ٻڙو/ کارو هو. سسئيءَ جي دُعا سان انهن کونئرين جو پاڻي مٺو ٿي پيو. اڄ تائين اهي ”سسئيءَ جون کونئريون“ مشهور آهن.

ان اهڃاڻن مان اها ثابتي ملي ٿي ته، سسئيءَ انهيءَ رستي سان ڦور نئين تائين ويئي هئي.
هتان سسئي ڦور نئن جي ڪناري ”ريڪ“ واري علائقي پهتي ۽ اُتان واپس ٿي. ڦور نئن ڪناري ريڪ سان لڳ راڌا محمداڻين ۽ راڌا اڱارين جون چٽساليءَ واريون قبرون آهن.
ڦور نئن کان سسئيءَ جي واپسيءَ بابت هتي اها ڳالهه مشهور آهي ته، ڦور نئن سسئيءَ کي رستو نه ڏنو، جنهن ڪري هوءَ ڦور نئن کي پِٽون ۽ پاراتا ڏيئي واپس ٿي. ڦور برساتي نئن آهي، جيڪا فقط برساتن ۾ هاڙهي جي جبلن ۾ وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. تنهنڪري رستي نه ڏيڻ واري ڳالهه درست نه آهي. برسات هجي ته پوءِ پوري هاڙهي واري پٽَ ۾ ان ڳڻيون برساتي ڍورا ۽ نئون آهن، انهن سسئيءَ کي ڪيئن رستو ڏنو؟
هتي پهچڻ تي جيڪڏهن برسات پئي هوندي ته، واپسيءَ ۾ بيشمار ڍورا ۽ نيون آهن، انهن کي برساتن ۾ پار ڪرڻ ڏکيو آهي. اصل ۾ هي رستو ڪيچ لاءِ گهڻو پري آهي. ٻي ڳالهه بوزي لڪ ۽ ڦور کان سنگل تائين سمنڊ جي پاڻي چڙهي اچڻ ڪري رستو بند ٿي ويندو هو. تنهنڪري هتي پهچڻ کانپوءِ ماڻهن سسئيءَ کي اها صلاح ڏني هوندي ته هوءَ واپس ٿئي ۽ ڪانيارو ڪوٽ کان وڻڪار واري رستي کان ڪيچ ڏانهن وڃي. تنهنڪري اسان سمجهون ٿا ته انهيءَ ڳالهه ڪري سسئي ڦور نئن کان واپس ٿي هوندي.
واپسي مهل سسئيءَ کي گهوڙو پَٽَ لڳ رات پئي هوندي ۽ سفر ۾ کيس اها يارهين رات هئي. اها رات به انهيءَ پٿر تي گذاريائين، جنهن تي اُها ڏهين رات گذاري ڦور ڏانهن وئي هئي. ”سسئي واري کٽ“ پٿر کان ريڪ وارو لنگهه 14 ڪلوميٽر ۽ واپس ۾ 14 ڪلوميٽر سفر ڪري سسئي ٻيهر هتي پهتي. ان ڏينهن سسئي 28 ڪلوميٽر پنڌ ڪيو هوندو. ”سسئي واري کٽ“ واري علائقي مان هوءَ ٻيهر انهيءَ رستي سان پنڌ هلي ٻيهر عبدالرحيم اڱارئي ڳوٺ آئي ۽ کيس هتي ٻارهين رات پئي هوندي.

پير ڀمڀل درگاھ

ھلندڙ



Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close