ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-16

گل حسن ڪلمتي

شاهه لطيف جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ سسئيءَ جي واٽَ سان ڪيل سفر

لوڻو ڍوري جي ڪپ تي موجود مسافرخاني ۾ چوڏهين رات گذارڻ ويل ڪيچ کان آيل قافلي سسئيءَ کي پنهونءَ بابت ٻڌايو هوندو! اسان جي خيال ۾ هتي مسافرخاني ۾ ترسڻ وقت ڪيچ کان ڪو قافلو هتي ترسيل هوندو، جن سان حال احوال ڪرڻ کانپوءِ قافلي وارن ڪيچ ۾ پنهون ۽ ڄام آري (عالي) بابت کيس ڳالهه ٻڌائي هوندي ته، ”پنهون کي، سسئيءَ جي جدائيءَ ۾ بيمار رهڻ کانپوءِ ڄام آري وڃڻ جي اجازت ڏني آهي ۽ هو ڪيچ مان نڪرڻ وارو هوندو.“ اها ڳالهه ٻڌي سسئي واپس ڀنڀور ورڻ جو فيصلو ڪيو هوندو ۽ هتان ئي واپس ٿي هئي.

عبدالرحيم اڱاريو ڳوٺ کان ٻه رستا نڪرن ٿا: هڪ رستو لياري ڏانهن وڃي ٿو، جتان سسئي سفر ڪري ڦور نئن تائين وئي هئي، ۽ ٻيو رستو هاڙهي جي ڀڪ کان موضع ڪوڪ کان ڪانيارو ڪوٽ ۽ اڳتي وڻڪار کان ٻيلو آواران روڊ سان ملي ٿو. عبدالرحيم ڳوٺ ۾ ٻارهين رات گذاري سسئي صبح جو سوير مٿئين رستي سان ڪانيارو ڪوٽ تائين آئي هوندي، جتي سسئيءَ کي اسان جي تحقيق موجب، تيرهين رات پئي هوندي. اُتي ڪنهن مسافرخاني، قافلا سراءِ يا ڪنهن ڳوٺ ۾ رات گذاري هوءَ هاڙهي جي ڪناري واري رستي کان ’ڪهه گهڻي‘ (ڳڻي) ماڳ کان وڻڪار پهتي هوندي.

ھاڙھو پٽ پراڻو رستو

’ڪهه‘ واري پٽَ کان اڳ ۾ هڪ رستو پير ڀمڀل (ڀمڀر) درگاهه ڏانهن وڃي ٿو. اڳتي اهو رستو ٽڙانچ جبل جي ”ٽڙانچ لڪ“ پار ڪري جبلن مان ٿيندو، جائو جابلو سسلي ۾ شيرين فرهاد لڪ کانپوءِ ڪيچ واري رستي سان ملي ٿو. ٻئي پاسي هڪ رستو هنگلاج ماتا مندر ڏانهن وڃي ٿو.

مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته: ”وڃڻ وقت پنهونءَ جا ڀائر پنهون کي کڻي ’ٽڙانچ‘ واري رستي سان ويا هئا. حڪومتي چوڪين کان بچڻ لاءِ انهن رستا بدلايا هئا. اهو اڄ به ”چور رستي“ طور مشهور آهي. اسمگلر گهڻو ڪري اهو رستو استعمال ڪندا هئا. ٽڙانچ لڪ کي بلوچيءَ ۾ ”دزڪنڊگ“ معنيٰ ”چور ڪنڊ“ چون ٿا. اهو لڪ پير ڀمڀل درگاهه جي سامهون آهي. پير ڀمڀل درگاهه کان چوٽيءَ تائين پهچڻ ۾ ڇهه ڪلاڪ لڳن ٿا. اُٺ به هتان گوڏن ڀر گسڪي، مٿي چوٽيءَ تائين وڃن ٿا.

پير ڀمڀل درگاھ ھاڙھو

 

ٽڙانچ جبل ۽ لڪ

”توڏَن جُون تَڙَ ڀيڙَ ۾، تَريون ترٽجن تَان مَ-“ (ڀٽائي)
ڏوئڻ/ڌوئڻ کان ٻيو رستو اڳتي هاڙهي جبل جي مختلف چوٽين ڀرسان لنگهي ”ڪهه“ واري علائقي مان گذري اڳتي وڃي ٿو. ”ڪهه“ وارو علائقو اسان جي خيال موجب اصل ۾ ”ڪهه گهڻي (ڳڻي) وارو ماڳ آهي. شاهه لطيف، سسئي پنهونءَ واري قصي ۾ ”سرديسيءَ“ ۾ ”ڪهه گهڻي“ 13 ڀيرا استعمال ڪيو آهي. رسالي جي سڀني شارحن ”ڪهه گهڻي“ معنيٰ ”ڏکي واٽ،“ ”مٽي“ يا ”گهڻي واري“ لکي آهي.
• ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَههَ گهِڻي، جت وَاٽُن تي وَاري.
• ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَههَ گهڻي، جت جبل گهونا گهون.

سڀني ماڳن مان اسان کي ”ڪهه گهڻي“ (ڳڻي) واري جاءِ ڳولڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي. اسان کي ٻڌايو ويو ته، ڌوئڻ کان اڳتي، وڻڪار کان اڳ ۾ ”ڪهه وارو پَٽ“ آهي. هتي اسان کي مٽي، واري ۽ جابلو علائقا ڏسڻ ۾ آيا. اڙانگا جبل ۽ پاڻي به اڻ لڀ آهي. ”ڪهه“ وارو علائقو ئي ”ڪهه گهڻي“ آهي، جنهن جو ذڪر شاهه سائين ڪيو آهي. لسٻيلي جي شاعرن به ”ڪهه“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي.
• ”هن ڪامڻ کي ’ڪهه‘ ۾ ڪيڏي، اندر عشق آڳ اڌائي هئي.“ (شيخ ابراهيم)
• ”ڪشي ڪوهيارو ’ڪهه‘ منجهه رسيم، عينئون جت اوکاري هئي،
’تنهن سور سٽي، دک دور ڪيا، اُت مان غين گهڻو غمنائي هئي.“ (مڱيو براديو)

اهو علائقو لسٻيلي ۾ آهي، تنهنڪري لسٻيلي جي شاعرن اهو استعمال ڪيو آهي. اڳتي وڻڪار وارو علائقو اچي ٿو، جيڪو وڏي ايراضيءَ وارو علائقو آهي. وڻڪار؛ موضع هاڙهو مُوشاڻي ۾ آهي. وڻڪار جو ڪجهه حصو تحصيل لسٻيلي ۾ ۽ گهڻو حصو تحصيل لاکڙي ۾ اچي ٿو. هن جو ڪجهه حصو هاڻي زراعت جي ڪري آباد آهي. هاڙهي جبل سان رکيل شاهه جي دونهين ۽ لوڻو ڍوري کان اڳتي ڪافي علائقو اڃا بچيل آهي. هتي ڄار، ڪرڙ، لئي ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ آهن.

ڪھ گھڻي پٽ

هتان جي ماڻهن ڪچهري ۾ٻڌايو ته ويهارو سال اڳ هتي ايترا ته وڏا وڻ هئا، جو سج جا ڪرڻا زمين تي نه پوندا هئا. رکيل شاهه جي دونهينءَ جي ڪري هي علائقو سيدن جي حوالي آهي. انهن وڏا شاهي وڻ وڍائي ڇڏيا هئا. انهن جا وڏا ٿُڙ موجود آهن. ايڪڙ ٻيڪڙ وڏا وڻ اڃا موجود آهن. هي ٻيلو، جنهن کي ”وڻڪار“ چيو ويندو آهي، اهو وڻن کان خالي ٿيندو پيو وڃي. موشاڻي زوڙ واري ايراضي وڻڪار جي اصل ايراضي آهي.

هتي رکيل شاهه جي دونهين آهي، جنهن جي لڳ هاڙهي جون هيبتناڪ چوٽيون آهن. هتي هڪ پراڻو قبرستان به آهي. هڪ وڏي ايراضيءَ ۾ ٺڪڙاٺو پکڙيل هو، جيڪو ڪنهن پراڻي وسنديءَ جا آثار لڳي رهيو هئو. تر جي معزز شخص غلام رسول موشاڻي، ڳوٺ فتح محمد عمراڻيءَ جي قادر بخش عمراڻي ۽ ٻين سان ڪچهري ٿي. انهن ٻڌايو ته، وڏن کان ٻڌندا اچون پيا ته هتي هڪ مسافر خانو هوندو هو.“

ڪيچ کان ايندڙ رستو، شيرين فرهاد لڪ کانپوءِ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو آهي: هڪ رستو ٻيلي شهر ڏانهن ۽ ٻيو رکيل شاهه جي دونهين ۽ وڻڪار ڏانهن ويندو آهي. وڻڪار کان هڪ رستو لاکڙي ۽ اُٿل ڏانهن ويندو آهي ۽ ٻيو رستو هاڙهي جي ڀڪ مان لياري ڏانهن ويندو آهي. ان رستي سان سئسي ۽ اسان سفر ڪري وڻڪار پهتا آهيون.
رکيل شاهه جي قبر ايران جي شهر دشتياريءَ ۾ آهي. هتي هو چلو ڪڍندو هو. جدگالن جو مُرشد هو، تنهنڪري انهن سان هو دشتياري هليو ويو. سندس ماءُ بيبي عائشه جي قبر لياريءَ لڳ آهي، جتي اڱارين جا سردار به دفن ٿيل آهن. هتي اها روايت مشهور آهي ته، ”سسئي هتي رات رهي هئي ۽ لوڻو ڍوري رستو نه ڏنس ته هوءَ هتان واپس سنگهر ڏانهن وئي هئي.

سسئيءَ کي سفر ۾ اها چوڏهين رات هئي. ڪانيارو ڪوٽ ۾ تيرهين رات گذارڻ کانپوءِ سسئي 33 ڪلوميٽر سفر ڪري وڻڪار، لوڻو ڍوري جي ڪپ تي موجود مسافر خاني ۾ رات گذاري هئي ۽ اُتان ئي واپس ٿي هئي.

لوڻو؛ برساتي نئن آهي. هاڙهي جبل جي چوڻي ”لوڻو“ مان وهي ايندو آهي. برسات پوڻ ۽ رستو نه ڏيڻ واري ڳالهه رستي ۾ سسئيءَ سان گهڻي منسوب ڪيل آهي. جيڪڏهن برسات جي ڪري رستو نه ملڻ سبب سسئي واپس ٿي ته، لوڻو ڍورو اڳتي به لاکڙي واري رستي سان ملندو آهي. برساتن جي ڪري هاڙهي مان ڪيترائي ڍورا وهي رستي سان ايندا آهن، تنهنڪري واپس ورڻ واري ڳالهه ڪمزور آهي. هن جي واپس ٿيڻ جا ڪارڻ ڪهڙا هئا؟ انهن بابت فقط اندازو ئي لڳائي سگهجي ٿو. خليفي عبدالرحمان ٻُري جو چوڻ آهي ته: ”سسئي پنهونءَ جي عشق ۾ مجازي عشق کان حقيقي عشق جي معراج تائين پهتي ۽ هتي کيس بشارت ملي ته، پنهون توکي ڪيچ ۾ نه، پر واپس سنگهر ۾ ملندو، تنهنڪري هوءَ واپس ٿي هئي.“
اسان جي خيال ۾ هتي مسافرخاني ۾ ترسڻ وقت ڪيچ کان ڪو قافلو هتي ترسيل هوندو، جن سان حال احوال ڪرڻ کانپوءِ قافلي وارن ڪيچ ۾ پنهون ۽ ڄام آري (عالي) بابت کيس ڳالهه ٻڌائي هوندي ته، ”پنهون کي، سسئيءَ جي جدائيءَ ۾ بيمار رهڻ کانپوءِ ڄام آري وڃڻ جي اجازت ڏني آهي ۽ هو ڪيچ مان نڪرڻ وارو هوندو.“ اها ڳالهه ٻڌي سسئي واپس ڀنڀور ورڻ جو فيصلو ڪيو هوندو ۽ هتان ئي واپس ٿي هئي.



Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close