زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-13

ليکڪہ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

15-گهرو معاملا

جڏھن بہ گهر ۾ ايندو ھئس تہ امان تمام گهڻي ياد ايندي هئي. گھر ۾ امان جي ڪمي سڀ کان وڌيڪ آغا جي کي محسوس ٿي رهي هئي. امان آغا جي جي ضرورت جي ھر شيءِ پنھنجي پنھنجي جڳھ تي رکندي هئي. ھاڻي گھر جا معاملا ادي سڪينہ جي ھٿ ھيٺ ھئا، ھو آغا جي جي توقع تي پورو نہ لھندي ھئي. آغا جي ادي سڪينہ جي غرور ۽ پاڻ وڻائڻ کي ناپسند ڪندو هو ۽ ھو ان سان تلخ ٿي ويندو هو. ادي ھڪ ڏينھن ڌوٻي ، بيڪري وارين ۽ ٻين عورتن کي گھر اچڻ کان روڪي ڇڏيو. آغا جي کي ان ڳالھ تي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي ڇو تہ ھو امان وٽ اينديون رھنديون ھيون، ھو انھن جي تمام گهڻي عزت ڪندي ھئي ۽ انھن کي مانيون کارائيندي هئي. ھڪ ڏينھن ادي منھنجي حجم سان بدتميزي ڪئي، مونکي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي ۽ مون ادي کي ست سريون ٻڌايون. حجم ويچارو ھڪ تہ منھنجي وارن جي ڪري تمام گهڻو پريشان رھندو ھو ۽ ٻيو وري ادي جو غير مناسب رويو، مونکي تمام خراب لڳو. منھنجا وار تيزي سان وڌندا ھئا ۽ ھر پندرھن ڏينھن کانپوءِ ٺھرائڻا پوندا هئا. نيا دور فلم جو ھڪ گيت "اڙين جب جب زلفين تيري” تمام گهڻو مشھور ٿيو ھو، ھي گيت ساحر لڌيانوي لکيو، اوپي نيئر ڪمپوز ڪيو جڏھن تہ آشا ڀوسلي ۽ محمد رفيع ڳايو ھو. ھن گيت کانپوءِ منھنجي حجم جي ڪاروبار ۾ تيزي اچي وئي. ھڪ نوجوان ان وٽ روزانو ايندو رھيو ۽ اھو اسرار ڪندو رھيو تہ ھن جا وار دليپ جھڙا ٺاھ. ھڪ دفعي ٻنپهرن جو مون حجم کي گھرائي چيو تہ جيڪڏهن آئون نہ ھجان تہ منھنجو انتظار ڪندو ڪر. ھو ويچارو ڊرائنگ روم ۾ ويھي منھنجو انتظار ڪرڻ لڳو، ادي سڪينہ ھن کي جڏهن ڏٺو تہ شروع ٿي وئي، آئون پھتس تڏھن بہ ھن جا دڙڪا جاري ھئا. ھو ويچارو خاموش ڪنڌ ھيٺ ڪري بيٺو هو، مون ھن کان معافي ورتي.

خواھش جي باوجود آئون آغا جي کي وقت نہ پئي ڏيئي سگھيس، کيس اعصابي تڪليف ٿيڻ لڳي هئي، ڪار ۾ چڙهڻ لھڻ وقت سھاري جي ضرورت ٿيندي ھئي، گوڏن ۾ تڪليف باوجود ھو ھفتي ۾ ھڪ دفعو مارڪيٽ ضرور ويندو هو. پيادو ھلڻ واري عادت اڃا بہ ھئس، ۽ اکين جي بينائي تي ڪو فرق نہ پيو ھو. منھنجي خيال ۾ امان جي وفات کانپوءِ ھن جي جيئڻ جي خواھش ختم ٿي چڪي هئي. نوشاد ميان آغا جي جو بھترين دوست ٿي ويو ھو، ھو جڏھن بہ ايندو هو تہ آغا جي ان سان ڪچھري ڪندو هو. نوشاد ميان آغا جي کي غزل ٻڌائيندو هو، دير تائين ٻيئي ڪچھري ۾ مصروف رھندا ھئا. ميوي جي ڪاروبار ۾ آغا جي جي دلچسپي ختم ٿي چڪي هئي، سندس ڪيترائي دوست ريٽارئرڊ ٿي چڪا هئا انھن جا اولاد ڪاروبار ڪرڻ لڳا ھئا. منھنجي خواھش ھئي تہ وڏي پٽ جي حيثيت ۾ نور صاحب کي خانداني ڪاروبار ڪرڻ گھرجي. مارڪيٽ ۾ خانداني ڪاروبار جي شھرت برقرار ھجي، ناصر بہ مون وانگر اداڪاري ڪرڻ لڳو ھو، اسان وٽ وقت نہ ھو. چاچا عمر جي بيماري جي ڪري ڪاروبار سنڀالڻ جي قابل نہ ھو. مونکي خانداني ڪاروبار متعلق تشويش ھئي. ھڪ ڏينھن مون آغا جي گاڏي ۾ ويھاريو ھڪ پراڻي ريسٽورنٽ ۾ وٺي ويس، ڪاليج جي زماني ۾ اڪثر ھتي دوستن سان ايندو رھندو ھئس. اھو الھندي بمبئي ۾ واقع جارج ريسٽورنٽ ھو. آئون ڪوشش ڪري پنھنجي پاڻ کي ظاھر نہ ڪندو ھئس، ان ڏينھن مداحن جو ھڪ وڏو تعداد ھوٽل جي ٻاھران جمع ٿي ويو. مينيجر مون وٽ آيو ۽ چيائين تہ توھان سان ماڻھو ملڻ چاھين ٿا. آغا جي پڇيو تہ ڇا مسئلو آهي؟ ٻڌايم تہ ٻاھر بيٺل ماڻھو مونسان ملڻ چاھين ٿا، تہ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين جلدي وڃ ۽ انھن سان وڃي مل. آئون ڏاڍو خوش ٿيو ھئس، ان ڳالھ تي نہ، تہ ماڻھو مونسان ملڻ آيا هئا. پر ان ڳالھ تي، ان وقت آغا جي کي مون تي فخر محسوس ٿيو ھو. واپس ايندي حسب معمول آغا جي خاموش ھو پر جڏھن گھر پھتاسين تہ آغا جي وڏي فخر سان چاچا عمر کي اھو واقعو ٻڌايو ھو. آغا جي وڏي خوشي ٿي ھئي، حالانڪہ منھنجي نالي سان آفيسر آف برٽش ايمپائر نہ لڳي سگھيو ھو پر آغا جي منھنجي ڪاميابي کي محسوس ڪري ورتو هو. چاچا عمر مونکي ٻڌائيندو هو تہ آغا جي اخبارن ۾ ڇپيل تنھنجي تصويرن کي غور سان ڏسندو رھندو آھي ۽ پوءِ اخبارن کي ويڙهي پنھنجي وھاڻي جي ھيٺيان رکي ڇڏيندو آهي. مونکي حيرت انھي ڳالھ تي آھي تہ دليپ ڪمار سڏائڻ سبب آغا جي مونکي ڪجھ نہ چيو، ھو وڏو دور انديش ھو، دليپ ڪمار سڏائڻ پٺيان ڪھڙي حڪمت رکيل آهي، ھو سمجھي ويو هو. ھن کي خبر ھئي تہ ڀائرن ڀينرن جي تعليم منھنجي پھرين ترجيح آهي. ھاڻي مونکي اھو ڄاڻي خوشي ٿيندي آهي تہ آغا جي اميدن تي پورو لٿو آھيان. آغا جي مطئمن ھو تہ ھن جي پوڙھي ٿيڻ کانپوءِ يوسف گھر جون سڀ ذميواريون سنڀالڻ لاءِ تيار آھي. ڀينرن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ھو تمام گهڻو خوش هو، ھن ڪڏھن چيو تہ نہ ھو پر سمجھندو ھو تہ جيڪڏهن ادي سڪينہ تعليم حاصل ڪري ھا تہ ايتري بدمزاج نہ ھجي ھا. وڏي ڀاءُ نور صاحب سميت ڪنھن کي بہ اھو احساس نہ ھو گھر جي خرچن لاءِ پئسو ڪمائڻ ڪيترو ڏکيو آهي. آغا جي گھر ۾ مونسان ملڻ ايندڙ پروڊيوسرن سان نہ ملندو هو، البتہ راج ڪپور جڏھن بہ ايندو هو ان سان ضرور ملندو هو. راج ڪپور کان سندس والد پرٿوي راج جي باري ۾ ضرور پڇندو هو. چاليھ جي ڏھاڪي جي ڳالھ آهي، ھڪ ڏينھن ھڪ پروڊيوسر نوٽن سان ڀريل ھڪ بريف ڪيس منھنجي گھر کڻي آيو، ھو ھڪ فلم ٺاهڻ پيو چاھي. ھن اسڪرپٽ ٻڌائڻ شروع ڪيو تہ ھڪ جڳھ تي ھيرو مينھن تي چڙهي پوري ڳوٺ جو چڪر لڳائيندو آهي. مون پڇيو ھي ڇو، ان جو ڇا مطلب آھي؟ چيائين تہ ھڪ مزاحيہ سين بہ فلم ۾ ھجڻ گھرجي. اسڪرپٽ ۾ تبديلي جي سوال تي ھن چيو تہ ھا توھان ڪري سگھو ٿا، پر مينھن وارو منظر ساڳيو ئي رھندو. مونکي ان وقت پئسن جي سخت ضرورت هئي. پر مون اھڙي سين جي ڪري فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان ماڻھو کي بہ حيرت ٿي تہ ايڏي وڏي رقم عيوض بہ ڪم نہ ٿو ڪيان. ان انڪار کانپوءِ منھنجي خود اعتمادي ۾ اڃا اضافو ٿي ويو. امان کانپوءِ فقط آئون ئي آغا جي ڏک ۽ اڪيلائي کي محسوس ڪري سگھندو ھئس، پھرين ذڪر ڪري چڪو آھيان تہ امان جي وفات کانپوءِ آغا جي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هو. انھي ئي اڪيلائي ۽ ڏک ۾ ھو 5 مارچ 1950ع ۾ اسان کان ھميشہ لاءِ موڪلائي هليو ويو. مون فلم انڊسٽري جي سڀني دوستن کي اطلاع نہ ڏنو ھو. مصروف ۽ مادي پرست ماڻهن کان مون تعزيت وصول ڪرڻ نٿي گھري، اھڙا ماڻھو جيڪي آغا جي کي سڃاڻيندا بہ نہ ھئا، انھن کي ڪھڙي خبر تہ آغا جي اسان لاءِ ڪيڏي وڏي شيءِ ھو. راج ڪپور، نوشاد ميان، محبوب صاحب، اشوڪ ڀاءُ، بملدار، نتندا، ايس مکرجي صاحب، فيملي ڊاڪٽر، ويجھن دوستن ۽ رشتيدارن مونکي حوصلو ڏنو ۽ منھنجي ڏک ۾ شريڪ ٿيا. آغا جي جي موت منھنجي لاءِ ڇا ھو؟ بس ايئن ئي سمجھو آئون ھڪ ڇپر ڇانو کان محروم ٿي چُڪو ھئس. آغا جي جي خواھش مطابق ديولالي ۾ ان جي زال ۽ ماءُ جي ڀرسان کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ھلندڙ


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. ”زندگي جا خوبصورت لمحا“ دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط 2)

  3. زندگي جا خوبصورت لمحا, دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -3)

  4. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -4)

  5. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-5)

  6. زندگي جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-6

  7. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-7)

  8. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 8)

  9. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 9)

  10. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط- 10)

  11. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-11

  12. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-12)


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close